Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.پطرس 5 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري اوهان ۾ جيڪي بزرگ آهن، تن کي آئون نصيحت ٿو ڪريان، جو آئون بہ اُنهن منجهان هڪڙو ۽ مسيح جي ڏکن جو شاهد آهيان، ۽ جيڪو جلال ظاهر ٿيڻ وارو آهي، تنهن ۾ بہ شريڪ آهيان؛

2 خدا جو ڌڻ، جو اوهان جي سپرد آهي، تنهن کي اوهين چاريو ۽ انهي جي نگهباني ڪريو، نہ لاچاريءَ سبب، پر خوشيءَ سان، نہ پيسي جي لالچ تي، پر دل جي شوق سان؛

3 جيڪي اوهان جي سپرد ڪيا ويا آهن، تن تي حڪم هلائڻ واسطي نہ، پر انهي لاءِ تہ انهي ڌڻ جي اڳيان پاڻ کي نمونو بنايو.

4 ۽ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي جلال جو اهڙو ڇَٽ ملندو، جو ڪومائجڻ جو ناهي.

5 ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“

6 تنهنڪري خدا جي قدرت واري هٿ هيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو، تہ مناسب وقت تي هو اوهان کي سرفراز ڪري.

7 پنهنجو سمورو فڪر مٿس رکو، ڇالاءِ جو هن کي اوهان جو خيال آهي.

8 هوشيار ٿيو، سجاڳ رهو؛ اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن پيو گهُمي ۽ وجهہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي ڦاڙي کائي.

9 پنهنجي ايمان تي قائم رهي، سندس مقابلو ڪريو، ڇوتہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جا ڀائر، جي دنيا ۾ آهن، سي بہ اهڙن ڏکن ۾ پيا گذارين.

10 خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو.

11 شل سندس بادشاهي هميشہ تائين رهي. آمين.

12 سلوانس، جنهن کي آئون ايماندار ڀاءُ ٿو سمجهان، تنهن جي معرفت مون مختصر طور اوهان ڏانهن لکيو آهي، ۽ نصيحت ڪئي ۽ شاهدي ڏني اٿم تہ اهو ئي خدا جو سچو فضل آهي، انهي تي اوهين قائم رهو.

13 بابل واري ڪليسيا جا اوهان سان گڏ چونڊيل آهي، سا اوهان کي سلام ٿي موڪلي؛ ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو فرزند مرقس بہ.

14 محبت جو ڀاڪر پائي هڪٻئي کي سلام ڪجو. اوهين سڀ، جي مسيح ۾ آهيو، تن کي شل اطمينان حاصل ٿئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan