Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.پطرس 3 - Sindhi Bible

1 ساڳيءَ طرح زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهن؛ انهي لاءِ تہ جي انهن مان ڪي ڪلام کي نہ مڃيندا هجن، تہ بہ پنهنجين زالن جي هلت چلت جي ڪري ڪلام ڪرڻ کانسواءِ خدا جي طرف ڇڪجي اچن؛

2 يعني جڏهن هو سندن پاڪ ۽ ادب واري هلت چلت ڏسن.

3 اوهان جو سينگار وارن ڳتڻ، ۽ سونا زيور پائڻ، ۽ عمدن وڳن ڍڪڻ وارو ظاهري سينگار نہ هئڻ گهرجي؛

4 پر اندر وارو باطن ۾ حليم، ۽ غريب طبيعت جو غير فاني ويس هئڻ گهرجي، جنهن جو خدا جي نظر ۾ گهڻو قدر آهي.

5 ڇالاءِ جو اڳئين زماني ۾ بہ پاڪ زالون، جن جي اُميد خدا تي هئي، سي انهيءَ طرح پنهنجن مڙسن جي تابع رهي، پاڻ کي سينگارينديون هيون:

6 جهڙيءَ طرح ڪ سارہ ابراهيم جي حڪم ۾ رهندي هئي، ۽ انهي کي پنهنجو مالڪ سڏيندي هئي. اوهين بہ انهيءَ جو اولاد آهيو، بشرطيڪ نيڪي ڪريو ۽ ڪنهن جو بہ خوف نہ ڪريو.

7 ۽ اوهين جي مرد آهيو، سي بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن کي نازڪ ظرف سمجهي ساڻن سياڻپ سان هلو، ۽ پاڻ کي انهن سان زندگيءَ جي نعمت جي ورثي ۾ شريڪ ڄاڻي، کين عزت ڏيو؛ انهي لاءِ تہ اوهان جون دعائون روڪجي نہ وڃن.

8 آخر ۾ اوهين سڀيئي يڪدل ۽ همدرد ٿيو، ڀائرن وانگر هڪٻئي کي پيار ڪريو ۽ نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو؛

9 بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو، ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو؛ پر اُٽلندو دعا ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين انهي لاءِ سڏيا ويا هئا تہ برڪت جا وارث ٿيو.

10 ڇالاءِ تہ ”جيڪو ڀانئين تہ حياتي سُکي گذاريان ۽ چڱا ڏينهن ڏسان، سو پنهنجي زبان کي بديءَ کان روڪي، ۽ پنهنجي چپن کي ٺڳيءَ جي ڳالهہ ڪرڻ کان؛

11 بديءَ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري، صلح جو طالب رهي، ۽ انهي جي پٺيان هلي.

12 ڇالاءِ جو راستبازن تي خداوند جي مهر جي نظر آهي، ۽ سندس ڪَن انهن جي دعا ڏانهن آهن؛ پر جيڪي بدي ٿا ڪن، سي خداوند جي نگاهہ ۾ آهن.“

13 جيڪڏهن اوهان کي نيڪي ڪرڻ جو شوق هوندو تہ ڪير اوهان سان بدي ڪندو؟

14 پر جي راستبازيءَ جي ڪري اوهين کڻي ڏک سهو تہ بہ اوهين مبارڪ آهيو: ۽ انهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي مونجهاري ۾ پئو؛

15 پر مسيح کي خداوند ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ پاڪ سمجهو ۽ جا اُميد اوهان ۾ آهي، تنهن جو سبب جيڪو ماڻهو اوهان کان پڇي تنهن کي جواب ڏيڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، مگر حليمائيءَ ۽ ادب سان.

16 ۽ نيت بہ نيڪ رکو تہ جن ڳالهين جي نسبت ۾ اوهان جي گلا ٿي ٿئي، تن ۾ جيڪي اوهان جي مسيحي چڱي هلت چلت جي بدگوئي ٿا ڪن، سي شرمندا ٿين.

17 ڇالاءِ جو جيڪڏهن خدا جي مرضي موجب اوهين نيڪي ڪري ڏک سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪري ڏک سهڻ کان چڱي آهي.

18 هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛

19 انهي حالت ۾ هن وڃي اُنهن روحن وٽ منادي ڪئي، جي قيد ۾ پيا هئا،

20 جي اڳي نافرمان هئا، جڏهن نوح جي زماني ۾ خدا تحمل ڪري انتظار ۾ هو، ۽ ڪَشتي تيار پئي ٿي، جنهن ۾ ٿورا ماڻهو، يعني اٺ ڄڻا پاڻيءَ ۾ ٻُڏڻ کان بچي پيا.

21 انهي جو سچو نمونو، يعني بپتسما، جنهن جي مراد اها نہ آهي تہ بدن جو مير صاف ڪري پر خالص نيت سان خدا جو طالب ٿئي، سا هاڻي بہ يسوع مسيح جي جيئري ٿيڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.

22 هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan