1.پطرس 2 - Sindhi Bible1 تنهنڪري اوهين سڀ بدڪاري، سڀ ٺڳي ۽ رياڪاري، حسد ۽ سڀ بدگويون ڇڏي ڏيو. 2 نوزاد ڄاول ٻارن وانگر اُنهي نج روحاني کير جا خواهشمند ٿيو، تہ انهي تي نپجي نجات حاصل ڪريو؛ 3 ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي مهربانيءَ جو سواد چکيو آهي. 4 انهيءَ پهڻ وٽ اچو جنهن کي معمارن رد ڪري ڇڏيو، پر جو خدا کي پسند ۽ قيمتي آهي. 5 ۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون. 6 ڇالاءِ جو پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ چونڊيل ۽ ڪنڊ جو قيمتي پهڻ ٿو رکان: ۽ جيڪو اُنهي تي ايمان آڻيندو سو شرمندو نہ ٿيندو.“ 7 تنهنڪري اوهين جن ايمان آندو آهي، تن لاءِ اهو قيمتي آهي؛ پر جيڪي ايمان نٿا آڻين تن جي لاءِ ”جيڪو پهڻ اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ساڳيو ئي ڪنڊ جي سري جو پهڻ ٿي پيو.“ 8 ۽ ”ٿاٻڙجڻ جو پهڻ ۽ ٺوڪر کائڻ جي ڇپ“: ڇالاءِ جو هو نافرمان ٿي ڪلام کان گمراهہ ٿا ٿين: ۽ انهي جي لاءِ هو مقرر بہ ڪيا ويا هئا. 9 پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي: 10 جو اڳي اوهين ڪابہ اُمت نہ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي اُمت آهيو: اڳي اوهان تي رحم ڪونہ ٿيو هو، پر هاڻي اوهان تي رحم ٿيو آهي. 11 اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون، 12 ۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن. 13 خداوند جي خاطر انسان جي سڀ ڪنهن اختياريءَ جا تابعدار رهو. بادشاهہ جا هن ڪري جو هو سڀني کان اعليٰ آهي؛ 14 ۽ حاڪمن جا هن ڪري جو هو بدڪار کي سزا ڏيڻ لاءِ ۽ نيڪي ڪندڙن جي تعريف ڪرڻ لاءِ موڪليل آهن. 15 ڇالاءِ جو خدا جي اها ئي مرضي آهي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوهين بيوَقوف ماڻهن جي نادانيءَ جي ڳالهين کي بند ڪريو. 16 ۽ پاڻ کي آزاد ڄاڻو، پر ائين نہ ٿئي جو اها آزادي اوهان جي بدي ڪرڻ جو بهانو ٿي پوي، پر پاڻ کي خدا جا غلام سمجهو. 17 سڀني ماڻهن جي عزت ڪريو. برادريءَ وارن کي پيار ڪريو. خدا کان ڊڄو. بادشاهہ جي تعظيم ڪريو. 18 اي نوڪرو، ڏاڍي ادب سان پنهنجن ڌڻين جي تابعداريءَ ۾ رهو؛ نہ رڳو نيڪ ۽ نرم طبيعت وارن جي، پر تيز طبيعت وارن جي بہ. 19 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي نالي ناحق ڏک سهندو ۽ تڪليفون برداشت ڪندو، تہ اها قبول پوڻ جهڙي ڳالهہ آهي. 20 هن ڪري جو جيڪڏهن اوهين گناهہ ڪري انهي لاءِ مار کائو، ۽ پوءِ صبر ڪري اُها سهو تہ اُنهي ۾ ڪهڙو فخر آهي؟ پر جيڪڏهن نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو، ۽ صبر ڪري اُهو سور سهو، تہ خدا وٽ اها ڳالهہ قبول پوندي. 21 ڇالاءِ جو انهي لاءِ ئي اوهين سڏيا ويا آهيو: هن ڪري جو مسيح بہ اوهان جي لاءِ ڏک سَٺا، ۽ اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو تہ اوهين بہ سندس پيروي ڪريو. 22 هن ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو، نڪا سندس وات مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي؛ 23 هن گاريون کاڌيون، پر موٽائي گار نہ ڏنائين؛ هن ڏک سَٺو پر ڪنهن کي بہ ڌمڪايائين ڪين؛ بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين. 24 هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي. 25 ڇالاءِ جو پهرين اوهين رڍن وانگر رُلي ويا هئا؛ پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان (بشپ) وٽ موٽي آيا آهيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society