Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.بادشاهَہ 9 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان خدا جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر جوڙائي پورو ڪيو ۽ جيڪي سليمان ڪرڻ ٿي گهريو سو سندس مراد موجب پورو ٿيو،

2 تڏهن خداوند ٻيو ڀيرو سليمان کي ڏيکاري ڏني، جيئن اڳي جبعون ۾ هن کي ڏيکاري ڏني هئائين.

3 ۽ خداوند هن کي چيو تہ جيڪا دعا تو منهنجي اڳيان گهري، ۽ جيڪو سوال تو ڪيو آهي سو مون ٻڌو آهي: هيءُ گهر جو تو انهيءَ لاءِ جوڙايو آهي تہ منهنجو نالو هميشہ تائين اُتي رهي، تنهن کي مون پاڪ ڪيو آهي؛ ۽ منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين اتي رهندي.

4 باقي تون، سو جيڪڏهن تون پنهنجي سڄي ۽ سچيءَ دل سان منهنجي اڳيان هلندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود ٿي هليو، ۽ جيڪي حڪم مون توکي ڏنا آهن انهن سڀني موجب تون هر طرح ڪندين، ۽ منهنجن قانونن ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀالي تعميل ڪندين؛

5 تہ آءٌ اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس؛ جيئن ڪ مون تنهنجي پيءُ دائود سان عهد اقرار ڪيو هو، ۽ چيو هومانس تہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي.

6 پر جيڪڏهن اوهين منهنجي پيروي ڪرڻ کان مڙندا، اوهين توڙي اوهان جو اولاد، ۽ جيڪي حڪم ۽ قاعدا مون اوهان جي اڳيان رکيا آهن تن جي سنڀال نہ ڪندا، پر اُٽلندو وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪندا ۽ انهن کي سجدو ڪندا:

7 تہ آءٌ اسرائيل کي اُنهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جو مون هنن کي ڏنو آهي؛ ۽ هيءُ گهر، جنهن کي مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي، سو پنهنجي نظر مان ڪڍي ڇڏيندس؛ ۽ اسرائيل سڀني قومن ۾ هڪڙو مثل ۽ پهاڪو ٿي ويندو:

8 ۽ جيتوڻيڪ هيءُ گهر تمام مٿانهون آهي، تہ بہ جيڪو اُنهيءَ وٽان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ شوڪارا ڀريندو؛ ۽ چوندو تہ ڇالاءِ خداوند هن ملڪ سان، ۽ هن گهر سان هيئن ڪيو آهي؟

9 ۽ هو ورندي ڏيندا تہ هن ڪري جو هنن خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ٻيا معبود رکي انهن کي سجدو ڏنائون، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪيائون: تنهنڪري خداوند هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي.

10 ۽ ويهن ورهين جو عرصو، جنهن ۾ سليمان اهي ٻہ گهر جوڙايا، هڪڙو خداوند جو گهر ۽ ٻيو بادشاهہ جو گهر،

11 (هاڻي صور جي بادشاهہ حيرام سليمان کي ديودار جو ڪاٺ ۽ صنوبر جو ڪاٺ ۽ سون، هن جي خواهش موجب موجود ڪري ڏنو،) تنهن عرصي جي گذرڻ کان پوءِ، هيئن ٿيو تہ سليمان حيرام کي گليل جي ملڪ ۾ ويهہ شهر ڏنا.

12 ۽ حيرام انهن شهرن جي ڏسڻ لاءِ نڪري آيو، جي سليمان ڏنا هئس؛ پر اُهي هن کي نہ وڻيا.

13 ۽ هن چيو تہ اي منهنجا ڀاءُ اهي شهر ڪهڙا آهن جي تو مون کي ڏنا آهن؟ ۽ هن انهن جو نالو اڄ ڏينهن تائين ڪبول جو ملڪ رکيو.

14 ۽ حيرام بادشاهہ ڏي هڪ سؤ ويهہ سون جا قنطار موڪليا.

15 ۽ جيڪا زور جي ڀرتي سليمان بادشاهہ گڏ ڪئي، تنهن جو سبب هيءُ هو؛ تہ خداوند جو گهر، ۽ خود پنهنجو گهر، ۽ ملو، ۽ يروشلم جي ڀت، ۽ حصور، ۽ مجدو، ۽ جزر اڏائي.

16 مصر جي بادشاهہ فرعون چڙهي وڃي جزر ورتو هو، ۽ انهيءَ کي باهہ سان ساڙي، جيڪي ڪنعاني انهيءَ شهر ۾ هئا تن کي قتل ڪيائين، ۽ پوءِ اُهو پنهنجي ڌيءَ سليمان جي زال کي ڏاج ۾ ڏيئي ڇڏيو هئائين.

17 ۽ سليمان جزر ۽ هيٺيون بيت حورون اڏايو.

18 ۽ بعلات، ۽ تمر انهيءَ ملڪ جي بيابان ۾،

19 ۽ سڀ گدام جا شهر، جي سليمان جا هئا، ۽ پنهنجي رٿن، ۽ گهوڙي سوارن لاءِ شهر، ۽ ٻيو بہ جيڪي سليمان يروشلم ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي ساري ملڪ ۾ ٺاهڻ گهريو، سو بہ جوڙايائين.

20 باقي امورين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين مان جيڪي ماڻهو بچيا هئا، جي بني اسرائيل مان نہ هئا:

21 اُنهن جو اولاد، جو کانئن پوءِ اُنهيءَ زمين ۾ رهجي ويو هو، ۽ جن کي بني اسرائيل اصل چٽ ڪري نہ سگهيا هئا، تن مان سليمان زوريءَ ڀرتي ڪري ٻانها بنايا، جي اڄ ڏينهن تائين هليا اچن.

22 پر بني اسرائيل مان سليمان ٻانها نہ بنايا: بلڪ اُهي جنگي ماڻهو، ۽ سندس نوڪر، ۽ امير، ۽ سردار، ۽ سندس رٿن ۽ گهوڙي سوارن جا عملدار هئا.

23 اِهي پنج سؤ پنجاهہ مکيہ عملدار هئا، جي سليمان جي ڪم جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ ڪم ڪندڙن ماڻهن تي حڪم هلائيندا هئا.

24 پر فرعون جي ڌيءَ دائود جي شهر مان نڪري انهيءَ پنهنجي گهر ۾ اچي رهي جو سليمان سندس لاءِ جوڙايو هو: تڏهن هن ملو ٺهرايو.

25 ۽ سال ۾ ٽي ڀيرا سليمان سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون اُنهيءَ قربانگاهہ تي چاڙهيندو هو، جا هن خداوند جي لاءِ جوڙائي، ۽ اُنهن سان گڏ قربانگاهہ تي لوبان بہ ساڙيندو هو، جا خداوند جي اڳيان هئي. انهيءَ طرح هن اُهو گهر اڏائي پورو ڪيو.

26 ۽ بادشاهہ سليمان، عصيون جابر، جو ايلوت جي پاسي ۾، ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي، ادوم جي ملڪ ۾ آهي، تنهن ۾ جهازن جو ميڙ جوڙايو.

27 ۽ حيرام انهيءَ جهازن جي ميڙ ۾ پنهنجا نوڪر، جي خلاصي ۽ سمنڊ جي ڪم مان واقف هئا، سي سليمان جي نوڪرن سان گڏي موڪليا.

28 ۽ اُهي اوفير ۾ آيا، ۽ اُتان چئن سوَن ۽ ويهن قنطارن جيترو سون کڻي بادشاهہ سليمان وٽ آندائون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan