Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.بادشاهَہ 7 - Sindhi Bible

1 ۽ سليمان پنهنجو گهر تيرهن ورهيہ پئي جوڙيو، نيٺ هن پنهنجو سڄو گهر پورو ڪيو.

2 ڇالاءِ جو هن لبنان جي ٻيلي وارو گهر جوڙيو؛ اُنهيءَ جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ، ويڪر پنجاهہ هٿ ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ هئي، ۽ اُهو ديودار جي پيلپاون جي چئن قطارن تي بيٺل هو، ۽ پيلپاون جي مٿان ديودار جا شهتير رکيل هئا.

3 ۽ جيڪي پنجيتاليهہ شهتير انهن پيلپاون تي رکيل هئا تن جي مٿان اُهو ديودار جي تختن سان ڍڪيل هو؛ پندرهن پندرهن هرهڪ قطار ۾ هئا.

4 ۽ درين جون ٽي قطارون هيون، ۽ ٽن صفن ۾ دريون هڪ ٻئي جي سامهون هيون.

5 ۽ سڀ در ۽ چونڪ ڏسڻ ۾ چورس هئا: دريون هڪ ٻئي جي سامهون ٽن صفن ۾ هيون.

6 ۽ هن پيلپاون جو هڪڙو ورانڊو جوڙيو، جنهن جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ، ۽ ويڪر ٽيهہ هٿ هئي؛ ۽ هڪڙو ورانڊو انهن جي اڳيان هو؛ ۽ پيلپاوا ۽ ٿلها شهتير انهن جي اڳيان هئا.

7 ۽ هن هڪڙو تخت جو ورانڊو جوڙيو، يعني عدالت جو ورانڊو، انهيءَ لاءِ تہ اتي ويهي عدالت ڪري: ۽ اُهو فرش کان ڇت تائين ديودار جي تختن سان ڍڪيل هو.

8 ۽ سندس رهڻ جو گهر، جو انهيءَ ورانڊي جي ٻئي ايوان ۾ هو، تنهن تي بہ ساڳئي قسم جو ڪم ٿيل هو. هن فرعون جي ڌيءَ لاءِ (يعني سليمان جي زال لاءِ) بہ انهيءَ ورانڊي جهڙو گهر جوڙيو.

9 اهي سڀ قيمتي پٿرن جا هئا، يعني ٽُڪيل پٿرن جا، جي ماپ موجب اندران ۽ ٻاهران ڪاراين سان چيريل هئا، ۽ بنياد کان وٺي ڀتين جي چوٽيءَ تائين هئا، ۽ انهيءَ طرح ٻاهران وڏي ايوان تائين هليا ويا.

10 ۽ بنياد قيمتي پٿرن جو هو، يعني وڏن پٿرن جو، ڏهن هٿن وارن ۽ اٺن هٿن وارن پٿرن جو.

11 ۽ مٿان بہ قيمتي پٿر هئا يعني ٽُڪيل پٿر ماپ موجب، ۽ ديودار جو ڪاٺ.

12 ۽ چوڌاري وڏي ايوان کي ٽُڪيل پٿرن جون ٽي قطارون هيون، ۽ هڪڙي قطار ديودار جي ڪامن جي هئي؛ جيئن ڪ خداوند جي گهر جو اندريون ايوان ۽ انهيءَ گهر جو ورانڊو هو.

13 ۽ بادشاهہ سليمان حيرام کي صور مان گهرائي ورتو.

14 هو نفتالي جي فرقي جي هڪڙيءَ رن زال جو پٽ هو، ۽ هن جو پيءُ صور جو هڪڙو رهاڪو هو، ۽ پتل جو ڪم ڪندڙ هو؛ ۽ هو پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ سياڻپ ۽ سمجهہ، ۽ هنرمنديءَ ۾ ماهر هو. ۽ هو سليمان وٽ آيو ۽ سندس سڀ ڪم ڪيائين.

15 ڇالاءِ جو هن پتل جا ٻہ پيلپاوا جوڙيا، جنهن مان هرهڪ ارڙهن هٿ اوچو هو: ۽ ٻارهن هٿن جو هڪڙو پٽو هرهڪ جي چوڌاري ويڙهيل هو.

16 ۽ هن پلٽيل پتل جا ٻہ ڇٽ انهن پيلپاون جي چوٽين تي رکڻ لاءِ جوڙيا: هڪڙي ڇٽ جي اوچائي پنج هٿ هئي، ۽ ٻئي ڇٽ جي اوچائي بہ پنج هٿ هئي.

17 اُهي جيڪي ڇٽ پيلپاون جي چوٽين تي هئا تن جي لاءِ شبڪدار ڄاريون ۽ حلقيدار هار هئا؛ ست هڪڙي ڇٽ لاءِ ۽ ست ٻئي ڇٽ لاءِ.

18 انهيءَ طرح هن پيلپاوا جوڙيا؛ ۽ پيلپاون جي چوٽيءَ وارن ڇٽن ڍڪڻ لاءِ هڪڙي شبڪدار ڄاريءَ جي مٿان چوڌاري ٻہ قطارون هيون؛ ٻئي ڇٽ لاءِ بہ اهڙيون ساڳيون هن جوڙيون.

19 ۽ ورانڊي وارن پيلپاون جي چوٽيءَ تي جي ڇٽ هئا تن تي سوسن جو ڪم چئن هٿن جيترو هو.

20 انهيءَ شبڪدار ڄاريءَ جي پاسي ۾، پيٽ جي ويجهو، ٻن پيلپاون جي مٿان بہ ڇٽ هئا: ۽ انهيءَ ٻئي ڇٽ جي چوڌاري قطارن ۾ ٻہ سؤ ڏاڙهون هئا.

21 ۽ هيڪل جي ورانڊي وٽ بہ هن پيلپاوا کڙا ڪيا: ۽ سڄي هٿ وارو پيلپائو کڙو ڪري انهيءَ جو نالو ياڪن رکيائين: ۽ کٻي هٿ وارو پيلپائو کڙو ڪري انهيءَ جو نالو بوعز رکيائين.

22 ۽ پيلپاون جي چوٽيءَ تي سوسن جو ڪم ٿيل هو: انهيءَ طرح پيلپاون جو ڪم پورو ٿيو.

23 ۽ هن هڪڙو پلٽيل سمنڊ جوڙيو، جو هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين چوڌاري گولائيءَ ۾ ڏهہ هٿ هو، ۽ انهيءَ جي اوچائي پنج هٿ هئي. ۽ انهيءَ جي چوڌاري ٽيهن هٿن جو هڪڙو پٽو هو.

24 ۽ انهيءَ جي ڪناري تي هيٺان چوڌاري ڏهن هٿن تائين لاٽون هئا، جي انهيءَ سمنڊ جي چوڌاري نڪتل هئا: اُهي ڇڳا ٻن قطارن ۾ هئا، جي پلٽجڻ وقت پلٽيا ويا هئا.

25 اهو سمنڊ ٻارهن ڏاندن تي بيٺل هو، ٽن جو رخ اُتر ڏي هو، ۽ ٽن جو الهندي، ۽ ٽن جو ڏکڻ، ۽ ٽن جو اُڀرندي ڏي هو: ۽ سمنڊ اُنهن جي مٿان رکيل هو، ۽ اُنهن جا پٺيان حصا اندر تي هئا.

26 ۽ اُهو ماڻهوءَ جي هٿ جيترو ٿلهو هو؛ ۽ انهيءَ جو ڪنارو اهڙو جڙيل هو جهڙو ڪنهن پيالي جو ڪَنو، يا سوسن جو گل ٿيندو آهي: جنهن ۾ ٻہ هزار بٿ ٿي ماپيا.

27 ۽ هن پتل جون ڏهہ گاڏيون جوڙيون؛ هر ڪنهن گاڏيءَ جي ڊيگهہ ۽ ويڪر چار هٿ، ۽ اوچائي ٽي هٿ هئي.

28 ۽ انهن گاڏين تي هن طرح جو ڪم ٿيل هو: انهن کي ڪنارا هئا؛ ۽ ڪنارا پٽڙين جي وچ ۾ هئا:

29 ۽ اُنهن پٽڙين جي وچ وارن ڪنارن تي شينهن، ۽ ڏاند، ۽ ڪروبي هئا؛ ۽ پٽڙين جي مٿان هڪڙو پائو هو: ۽ شينهن ۽ ڏاندن جي هيٺان هٿ جا جوڙيل هار پئي لڙڪيا.

30 ۽ هرهڪ گاڏيءَ کي چار پتل جا ڦيٿا ۽ چار پتل جون سيخون هيون: ۽ انهيءَ جي چئن پيرن هيٺ ٽيڪون هيون: انهيءَ چلمچيءَ هيٺ پلٽيل ٽيڪون هيون، جن مان هرهڪ جي پاسي تي هار هئا.

31 ۽ اُنهيءَ جو ڪنارو ڇٽ جي اندر ۽ مٿي هڪڙو هٿ هو: ۽ انهيءَ جو منهن گول هو، ۽ ڏيڍ هٿ هو، ۽ انهيءَ تي پائي جهڙو ڪم ٿيل هو: ۽ انهيءَ جي منهن تي بہ اُڪريل ڪم هو، ۽ انهن جا ڪنارا چورس هئا، گول نہ هئا.

32 ۽ چار ڦيٿا انهن ڪنارن جي هيٺان هئا؛ ۽ اُنهن ڦيٿن جون ڌريون گاڏيءَ ۾ هيون: ۽ هرهڪ ڦيٿي جي اوچائي ڏيڍ هٿ هئي.

33 ۽ اُنهن ڦيٿن تي اهڙو ڪم ٿيل هو جهڙو ڪنهن رٿ جي ڦيٿن تي ٿيندو آهي: انهن جون ڌريون، ۽ چڪرن جا ٽڪر، ۽ انهن جا آرا، ۽ انهن جا وچ جا ٽڪر، سڀ پلٽيل هئا.

34 ۽ هرهڪ گاڏيءَ جي چئن ڪنڊن هيٺ ٽيڪون هيون: اهي ٽيڪون خود گاڏيءَ جون هيون.

35 ۽ گاڏيءَ جي چوٽيءَ ۾ هڪڙو گول پٽو اڌ هٿ اوچو هو: ۽ گاڏيءَ جي چوٽيءَ تي انهيءَ جون ٽيڪون هيون، جنهن جا ڪنارا انهن منجهان نڪتل هئا.

36 ۽ انهن جي ٽيڪن جي تختين تي، ۽ انهن جي ڪنارن تي هن ڪروبي، ۽ شينهن، ۽ کجيءَ جا وڻ، هرهڪ جي وٿيءَ آهر اُڪري ڪڍيا؛ ۽ انهن جي چوڌاري هار هئا.

37 انهيءَ طرح هن ڏهہ گاڏيون جوڙيون: سڀني جو هڪڙو سانچو، هڪڙي ماپ، ۽ هڪڙي شڪل هئي.

38 ۽ هن ڏهہ چلمچيون پتل جون جوڙيون: هڪڙي هڪڙي چلمچيءَ ۾ چاليهہ بٿ ٿي ماپيا: ۽ هڪڙي هڪڙي چلمچي چار هٿ هئي: ۽ انهن ڏهن گاڏين مان هرهڪ جي مٿان هڪڙي چلمچي.

39 ۽ هن پنج گاڏيون گهر جي سڄي هٿ پاسي رکيون، ۽ پنج گاڏيون گهر جي کٻي هٿ پاسي: ۽ هن اُهو سمنڊ گهر جي سڄي هٿ پاسي، اُڀرندي ڏي، ڏکڻ ڏانهن رکيو.

40 ۽ حيرام چلمچيون، ۽ بيلچا، ۽ ٿالهہ جوڙيا. انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ بادشاهہ سليمان جي لاءِ جيڪو ڪم ڪرڻو هو سو سڀ هن ڪري پورو ڪيو.

41 ٻہ پيلپاوا ڇٽن جا ۽ ٻہ پيالا، جي انهن پيلپاون جي مٿان هئا؛ ۽ پيلپاون جي چوٽيءَ تي جي ڇٽ هئا تن جي ٻن پيالن ڍڪڻ لاءِ ٻہ شبڪدار ڄاريون؛

42 ۽ ٻن شبڪدار ڄارين لاءِ چار سؤ ڏاڙهون؛ هرهڪ شبڪدار ڄاريءَ لاءِ ٻہ ڏاڙهن جون قطارون پيلپاون جي ڇٽن جي ٻن پيالن ڍڪڻ لاءِ؛

43 ۽ ڏهہ گاڏيون ۽ گاڏين تي ڏهہ چلمچيون؛

44 ۽ هڪڙو سمنڊ ۽ ٻارهن ڏاند سمنڊ هيٺ؛

45 ۽ باسڻ، ۽ بيلچا، ۽ ٿالهہ: يعني اهي سڀ باسڻ جي حيرام سليمان بادشاهہ جي لاءِ خداوند جي گهر ۾ جوڙيا، سي چمڪندڙ پتل جا هئا.

46 يردن جي ميدان ۾، سڪات ۽ ضرتان جي وچ ۾ بادشاهہ چيڪي مٽيءَ واريءَ زمين ۾ انهن کي پلٽايو.

47 ۽ سليمان انهن سڀني باسڻن جي تور نہ ڪرائي، ڇالاءِ جو اُهي نهايت گهڻا هئا؛ پتل جي وزن جي پوري خبر پئجي نہ سگهي.

48 ۽ خداوند جي گهر ۾ جيڪي بہ باسڻ هئا، سي سڀ سليمان جوڙايا: سوني قربانگاهہ، ۽ سون جي ميز، جنهن تي نذر جي پاڪ ماني رکبي آهي؛

49 ۽ الهامگاهہ جي اڳيان پنج شمعدان خالص سون جا سڄي پاسي، ۽ پنج کٻي پاسي؛ ۽ گل، ۽ ڏيئا، ۽ چمٽا، سون جا؛

50 ۽ پيالا، ۽ ڦل وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ چمچا، ۽ باهہ کڻڻ جون ٿالهيون، نج سون جون؛ ۽ نرماد اندرئين گهر جي درن لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، ۽ گهر جي درن لاءِ، يعني هيڪل جي لاءِ، سون جا.

51 انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ جيڪو ڪم سليمان ڪرايو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اُهي شيون کڻي آيو جي سندس پيءُ دائود مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ باسڻ، اُهي هن خداوند جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan