Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.بادشاهَہ 6 - Sindhi Bible

1 بني اسرائيل مصر جي زمين مان نڪتا تنهن کان چار سؤ اسي ورهيہ پوءِ، ۽ اسرائيل تي سليمان جي بادشاهيءَ جي چوٿين ورهيہ ۾، زيو جي مهيني ۾، جو ٻيو مهينو آهي، هيئن ٿيو جو هن خداوند جو گهر جوڙڻ شروع ڪيو.

2 ۽ جيڪو گهر بادشاهہ سليمان خداوند جي لاءِ جوڙيو تنهن جي ڊيگهہ سٺ هٿ هئي، ۽ ان جي ويڪر ويهہ هٿ هئي، ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ هئي.

3 ۽ گهر جي پاڪ جاءِ جي اڳيان جيڪو ورانڊو هو، تنهن جي ڊيگهہ گهر جي ويڪر جيتري ويهہ هٿ هئي، ۽ انهي ورانڊي جي ويڪر گهر جي اڳيان ڏهہ هٿ هئي.

4 ۽ گهر جي لاءِ هن پڪيون جعفري واريون دريون جوڙايون.

5 ۽ گهر جي ڀت تي هن چوڌاري، يعني گهر جي ڀتين تي، جهڙو پاڪ جاءِ جي، تهڙو الهامگاهہ جي چوڌاري، طبقا جوڙايائين: ۽ هن چوڌاري پاسي واريون ڪوٺيون بہ جوڙايون:

6 سڀ کان هيٺيون طبقو پنج هٿ ويڪرو هو، ۽ وچون ڇهہ هٿ ويڪرو هو، ۽ ٽيون ست هٿ ويڪرو هو: ڇالاءِ جو ٻاهران گهر جي چوڌاري ڀت ۾ هن ٽيڪون جوڙايون، انهيءَ لاءِ تہ ڪامون گهر جي ڀتين ۾ کپُ نہ ڪن.

7 ۽ جڏهن گهر جڙڻ لڳو، تڏهن کاڻ وٽ تيار ڪيل پٿرن سان اُهو جوڙيو ويو: ۽ نہ مُترڪي، نہ ڪهاڙي ۽ نہ ٻئي ڪنهن لوهہ جي اوزار جو آواز، گهر جوڙيندي گهر منجهہ ٻڌڻ ۾ آيو.

8 وچين پاسي وارين ڪوٺين جو در گهر جي سڄي هٿ واري پاسي هو: ۽ ماڻهو گول ڏاڪڻ جي رستي وچين ڪوٺين ۾ ٿي ويا، ۽ وچين مان وري ٽئين طبقي وارين ڪوٺين ۾.

9 انهيءَ طرح هن گهر جوڙي پورو ڪيو؛ ۽ هن گهر تي ديودار جون ڪامون ۽ تختا رکي انهيءَ کي ڍڪيو.

10 ۽ هن ساري گهر جي مٿان طبقا جوڙايا، هرهڪ پنج هٿ مٿي هو: ۽ اُهي ديودار جي ڪاٺ تي گهر جي مٿان بيٺل هئا.

11 ۽ خداوند جو ڪلام سليمان وٽ آيو، تہ

12 هي جيڪو گهر تون جوڙين ٿو، تنهن جي نسبت ۾ جيڪڏهن تون منهنجن قانونن تي هلندين، ۽ منهنجن فيصلن جي تعميل ڪندين، ۽ منهنجا سڀ حڪم بجا آڻي انهن تي هلندين؛ تہ جيڪي ڳالهيون مون تنهنجي پيءُ دائود سان ڪيون آهن سي قائم رکندس.

13 ۽ آءٌ بني اسرائيل منجهہ رهندس ۽ پنهنجيءَ قوم اسرائيل کي ڇڏي نہ ڏيندس.

14 ۽ نيٺ سليمان گهر جوڙائي پورو ڪيو.

15 ۽ هن گهر جون ڀتيون اندران ديودار جي تختن سان جوڙايون؛ گهر جي فرش کان وٺي ڇت جي ڀتين تائين هن اُنهن کي اندران تختن سان ڍڪيو: ۽ گهر جي فرش کي هن صنوبر جي تختن سان ڍڪيو.

16 ۽ گهر جي پٺئين پاسي، فرش کان وٺي ڀتين تائين هن ويهہ هٿ ديودار جي تختن سان اڏايا: بلڪ انهيءَ جي اندران بہ الهامگاهہ لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، هن اُهي اڏايا.

17 ۽ اهو گهر، يعني الهامگاهہ جي اڳ واري پاڪ جاءِ، چاليهہ هٿ ڊگهي هئي.

18 ۽ اندران گهر تي جيڪو ديودار جو ڪاٺ هو، تنهن تي لاٽون ۽ کليل گل اُڪريل هئا: سمورو ديودار جو ڪاٺ هو؛ پٿر اصل ڏسڻ ۾ نٿي آيو.

19 ۽ اندران گهر جي وچ ۾ هن هڪڙو الهامگاهہ تيار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ ۾ خداوند جي عهدنامي واري صندوق رکي.

20 ۽ الهامگاهہ جي اندر جيڪا جاءِ ٿي آئي سا ويهہ هٿ ڊگهي، ۽ ويهہ هٿ ويڪري، ۽ ويهہ هٿ اوچي هئي؛ ۽ هن انهيءَ تي نج سون لڳايو: ۽ قربانگاهہ کي ديودار جي ڪاٺ سان ڍڪي ڇڏيائين.

21 انهيءَ طرح سليمان گهر کي اندران نج سون لڳايو: ۽ سون جا زنجير الهامگاهہ جي اڳيان ٻڌي ڇڏيائين؛ ۽ اُنهيءَ تي هن سون چاڙهيو.

22 ۽ ساري گهر تي هن سون مڙهيو، ۽ سارو گهر جُڙي تيار ٿيو: الهامگاهہ جي قربانگاهہ تي بہ هن سون مڙهيو.

23 ۽ الهامگاهہ ۾ هن زيتون جي ڪاٺ جا ٻہ ڪروبي جوڙايا، جي ڏهہ ڏهہ هٿ اوچا هئا.

24 ۽ ڪروبي جو هڪڙو پر بہ پنج هٿ هو ۽ ٻيو پر بہ پنج هٿ هو: هڪڙي پر جي چهنبڙيءَ کان وٺي ٻئي پر جي چهنبڙيءَ تائين ڏهہ هٿ هئا.

25 ۽ ٻيو ڪروبي بہ ڏهہ هٿ هو: ٻئي ڪروبي هڪڙيءَ ماپ ۽ هڪڙيءَ شڪل جا هئا.

26 هڪڙي ڪروبيءَ جي اوچائي ڏهہ هٿ هئي ۽ ٻئي جي بہ اوتري هئي.

27 ۽ هن اُهي ڪروبي اندرئين گهر منجهہ رکيا: ۽ ڪروبين جا پر کنڊريل هئا، اهڙيءَ طرح جو هڪڙي جو پر هڪڙيءَ ڀت کي ٿي لڳو، ۽ ٻئي ڪروبيءَ جو پر ٻيءَ ڀت کي ٿي لڳو؛ ۽ هنن جا پر گهر جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان لڳل هئا،

28 ۽ هن ڪروبين تي بہ سون لڳايو.

29 ۽ هن گهر جي چوڌاري سڀني ڀتين تي ڪروبين، ۽ کجيءَ جي وڻن، ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اندران ٻاهران اُڪرائي ڇڏيون.

30 ۽ گهر جي فرش تي بہ اندران ٻاهران هن سون مڙهايو.

31 ۽ الهامگاهہ ۾ گهڙڻ جي لاءِ هن زيتون جي ڪاٺ جا دروازا جوڙايا: ۽ سردر ۽ درن جا چونڪ ڀت تي پنجين حصي جيترا هئا.

32 انهيءَ طرح هن زيتون جي ڪاٺ جا ٻہ در جوڙايا؛ ۽ هن انهن تي ڪروبين ۽ کجيءَ جي وڻن، ۽ ٽڙيل گلن جون اُڪريل شڪليون ڪڍائي ڇڏيون، ۽ انهن تي سون لڳايائين؛ ۽ هن ڪروبين تي، ۽ کجيءَ جي وڻن تي بہ سون پکيڙائي ڇڏيو.

33 ساڳيءَ طرح هن ڀت جي چوٿين حصي ۾ پاڪ جاءِ ۾ گهڙڻ لاءِ زيتون جي ڪاٺ مان درن جا چونڪ ٺهرايا؛

34 ۽ صنوبر جا ٻہ در جوڙايائين؛ هڪڙي در جا ٻہ طاق هڪ ٻئي اندر پوندا هئا، ۽ ٻئي در جا ٻہ طاق بہ هڪ ٻئي اندر پوندا هئا.

35 ۽ اُنهن تي هن ڪروبي، ۽ کجين جا وڻ ۽ ٽڙيل گل اُڪرايا: ۽ اُنهن تي هن سون چاڙهيو جو اُڪريل ڪم تي مڙهيل هو.

36 ۽ هن اندريون ايوان ڇليل پٿرن جي ٽن قطارن سان، ۽ ديودار جي ڪامن جي هڪڙي قطار سان جوڙايو.

37 چوٿين سال، زيو جي مهيني ۾، خداوند جي گهر جو بنياد وڌو ويو.

38 ۽ يارهين سال، بول جي مهيني ۾، جو اٺون مهينو آهي، سڀني پاسن کان، ۽ هر طرح جي ٺهرايل دستور موجب، گهر جُڙي تيار ٿيو. انهيءَ طرح هن ست ورهيہ اُهو پئي جوڙايو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan