Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.بادشاهَہ 4 - Sindhi Bible

1 ۽ بادشاهہ سليمان ساري اسرائيل تي بادشاهہ هو.

2 ۽ هن وٽ هي امير هوندا هئا؛ عزرياہ بن صدوق، ڪاهن؛

3 سيسہ جا پٽ اليحورف ۽ احياہ جي منشي هئا؛ يهوسفط بن اخيلود، دفتردار؛

4 ۽ بناياہ بن يهويدع، لشڪر جي مٿان هو؛ ۽ صدوق ۽ ابياتر ڪاهن هئا؛

5 ۽ عزرياہ بن ناتن عملدارن جي مٿان هو؛ ۽ زبود بن ناتن ڪاهن هو ۽ بادشاهہ جو دوست هو؛

6 ۽ اخيسر گهر جي ڪم ڪار جي مٿان هو؛ ۽ ادونرام بن عبدا ڀرتي ڪيل ماڻهن جي مٿان هو.

7 ۽ سليمان جا ٻارهن عملدار ساري اسرائيل جي مٿان هوندا هئا، جي بادشاهہ ۽ سندس گهراڻي لاءِ سرسات موجود ڪري ڏيندا هئا: هرهڪ سال ۾ هڪ مهيني جي لاءِ سامان موجود ڪري ڏيندو هو.

8 ۽ انهن جا نالا هي آهن: بن حور، افرائيم جي ڪوهستان ۾:

9 بن دقر، مقاض ۾، ۽ سعلبيم ۾، ۽ بيت شمس ۾، ۽ ايلون ۾، ۽ بيت حنان ۾:

10 بن حصد، اربوت ۾؛ شوڪ ۽ حفر جو سارو ملڪ هن جي علائقي ۾ هو:

11 بن ابينداب، دور جي ساري مٿانهين ملڪ ۾؛ سليمان جي ڌيءَ طافت انهيءَ جي زال هئي:

12 بعنہ بن اخيلود، تعناڪ ۽ مجدو ۾، ۽ سارو بيت شان، جو ضرتان جي پاسي ۾، يزرعيل جي هيٺان، بيت شان کان وٺي ابيل محولہ تائين، بلڪ يقمعام کان بہ پرتي ٿو وڃي، تنهن ۾:

13 بن جبر، رامات جلعاد ۾؛ جنهن جي علائقي ۾ يائير بن منسيءَ جا شهر هئا، جي جلعاد ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ ارجوب جو حصو هو، جو بسن ۾ آهي، ۽ اُتي سٺ وڏا شهر ڀتين سان ۽ پتل جي گزن سان هئا:

14 اخينداب بن عدو، محنايم ۾:

15 اخيمعض، نفتالي ۾؛ هن بہ سليمان جي ڌيءَ بسمت سان شادي ڪئي:

16 بعنہ بن حوسي، آشر ۽ علوت ۾:

17 يهوسفط بن فروح، اشڪار ۾:

18 سمعي بن ايلا، بنيمين ۾:

19 جبر بن اُوري، جلعاد جي زمين ۾، ۽ امورين جي بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ ۾؛ انهيءَ ملڪ ۾ اهو ئي هڪڙو عملدار هو.

20 يهوداہ ۽ اسرائيل جي قوم ايتري گهڻي هئي جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري، ۽ اُهي ماڻهو کائيندا پيئندا ۽ مزا ماڻيندا ٿي وتيا.

21 ۽ فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي سرحد تائين جيڪي بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪم هلائيندو هو؛ اُهي نذرانا آڻيندا هئا، ۽ سندس ساري حياتيءَ جا ڏينهن سليمان جي خدمت چاڪري ڪندا رهيا.

22 ۽ سليمان جي هڪڙي ڏينهن جي سرسات ٽيهہ ماڻ ميدي جا، ۽ سٺ ماڻ اٽي جا؛

23 ڏهہ پاليل ٿلها ڏاند، ۽ ويهہ ٻاهر جهنگ ۾ چرندڙ ڏاند، ۽ هڪ سؤ رڍون، تنهن کان سواءِ ڄانگها، ۽ هرڻ، ۽ چڪارا، ۽ پاليل ٿلها پکي.

24 ڇالاءِ جو فرات نديءَ جي هن ڀر تفسح کان وٺي غزہ تائين جيڪو ملڪ هو تنهن تي، ۽ فرات نديءَ جي هن ڀر جيڪي بادشاهہ هئا تن تي، هن جو حڪم هلندو هو: ۽ هن جي آس پاس سڀني پاسن ڏانهن صلح هو.

25 ۽ يهوداہ ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾، دان کان وٺي بيرسبع تائين، پنهنجي پنهنجي ڊاک جي منهہ، ۽ انجير جي وڻ هيٺ صحيح سلامت رهندا آيا.

26 ۽ سليمان وٽ سندس گاڏين جي لاءِ گهوڙن جون چاليهہ هزار ڪڙهيون هيون، ۽ ٻارهن هزار گهوڙي سوار هئا.

27 ۽ انهن عملدارن مان هرهڪ پنهنجي مهيني ۾ سليمان بادشاهہ جي لاءِ، ۽ جيڪي سليمان بادشاهہ جي دسترخاني تي ايندا هئا تن سڀني جي لاءِ، کاڌو موجود ٿي ڪيو: هنن ڪنهن بہ شيءِ جي گهٽتائي نہ ٿي ڪئي.

28 انهن مان هرهڪ پنهنجي مليل حڪم موجب گهوڙن ۽ تکن وهٽن جي لاءِ، جَوَ ۽ گاهہ بہ، انهيءَ هنڌ ٿي آندو، جتي اُهي هوندا هئا.

29 ۽ خدا سليمان کي سياڻپ ۽ سمجهہ تمام گهڻي ڏني، ۽ سندس دل جي ڪشادگي اهڙي هئي جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.

30 ۽ سليمان جي سياڻپ اُڀرندي جي سڀني ماڻهن جي سياڻپ کان، ۽ مصر جي ساري سياڻپ کان وڌيڪ هئي.

31 ڇالاءِ جو هو سڀني ماڻهن کان ڏاهو هو؛ ايتان ازراخي، ۽ هيمان، ۽ ڪل ڪول، ۽ دردع کان بہ، جي محول جا پٽ هئا؛ ۽ هن جي ناموس آس پاس وارين سڀني قومن ۾ هئي.

32 ۽ هن ٽي هزار مثل چيا: ۽ هن جا گيت هڪ هزار ۽ پنج هئا.

33 ۽ هن وڻن جو بيان ڏنو: ديودار، جو لبنان ۾ ٿئي ٿو تنهن کان وٺي زوفا، جو ڀتين مان ٿو اُڀري تنهن تائين: هن جانورن بابت، ۽ پکين بابت، ۽ سُرندڙن شين بابت، ۽ مڇين بابت بہ بيان ڏنو.

34 ۽ سڀني قومن، ۽ زمين جي بادشاهن جن سليمان جي ڏاهپ جو ٻڌو هو، سي هن جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan