1.بادشاهَہ 22 - Sindhi Bible1 ۽ انهيءَ کان پوءِ ٽي ورهيہ ارام ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ ڪانہ هئي 2 ۽ ٽئين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ وٽ آيو. 3 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ اوهان کي اها خبر آهي يا نہ تہ رامات جلعاد اسان جو آهي، ۽ اسين ماٺ ڪيو ويٺا آهيون، ۽ اهو ارام جي بادشاهہ جي هٿن مان نہ ٿا وٺون؟ 4 ۽ هن يهوسفط کي چيو تہ تون مون سان گڏجي رامات جلعاد ڏانهن جنگ ڪرڻ لاءِ هلندين؟ ۽ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ جهڙو تون آهين اهڙو آءٌ آهيان، جهڙا تنهنجا ماڻهو آهن تهڙا منهنجا ماڻهو آهن، جهڙا تنهنجا گهوڙا آهن تهڙا منهنجا آهن. 5 ۽ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اڄ خداوند جي ڪلام کان پڇا ڪر. 6 تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ نبي گڏ ڪيا، جي اٽڪل چار سؤ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ آءٌ جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد تي ڪاهي وڃان يا ماٺ ڪيو ويٺو هجان؟ ۽ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خداوند انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو. 7 ۽ يهوسفط چيو تہ هنن کان سواءِ خداوند جو ٻيو نبي ڪونهي ڇا، جنهن کان اسين پڇا ڪريون؟ 8 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، يعني ميڪاياہ بن املہ، جنهن جي هٿان اسين خداوند کان پڇا ڪري ٿا سگهون: پر آءٌ انهيءَ کي ڌڪاريان ٿو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪا چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري پر بڇڙي ٿو ڪري. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ کي ائين چوڻ نہ گهرجي. 9 تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ هڪڙي عملدار کي سڏي چيو تہ جلد وڃي ميڪاياہ بن املہ کي وٺي اچ. 10 هاڻي اسرائيل جو بادشاهہ ۽ يهوسفط، يهوداہ جو بادشاهہ، سامريہ جي دروازي جي لنگهہ تي، کليل جاءِ تي، پنهنجي شاهي پوشاڪ ڍڪيو، پنهنجي پنهنجي تخت تي ويٺا هئا؛ ۽ سڀني نبين سندس اڳيان ويهي پيشنگوئي ڪئي. 11 ۽ صدقياہ بن ڪنعانہ پنهنجي لاءِ لوهہ جا سڱ جوڙيا، ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هنن سان تون ارامين کي هٽائي ڪڍندين، جيسين ڪ اُهي چٽ ٿي وڃن. 12 ۽ سڀني نبين بہ اها ئي پيشنگوئي ڪئي، ۽ چيائون تہ رامات جلعاد تي چڙهي وڃو ۽ وڃي فتح ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اُهو بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو. 13 ۽ جيڪو قاصد ميڪاياہ کي سڏڻ ويو هو تنهن هن کي چيو تہ هاڻي ڏس، سڀني نبين هڪ زبان ٿي بادشاهہ جي نسبت ۾ چڱيون ڳالهيون ڪيون آهن: آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ تون بہ اُنهن مان هڪڙي وانگر ڪلام ڪر ۽ خوشخبري ڏي. 14 ۽ ميڪاياہ چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو آءٌ چوندس. 15 ۽ جڏهن هو بادشاهہ وٽ آيو تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي ميڪاياہ، اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد تي ڪاهي وڃون يا ماٺ ڪري ويٺا هجون؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ ڀلي وڃو ۽ فتحياب ٿيو؛ ۽ خداوند اُهو بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو. 16 ۽ بادشاهہ اُنهيءَ کي چيو تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيندس تہ خداوند جي نالي تي سچ کانسواءِ مون کي ٻيو ڪي بہ ڪين چوين؟ 17 ۽ هن چيو تہ مون ساري اسرائيل کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کانسواءِ رڍون ٿينديون آهن: ۽ خداوند چيو تہ هنن جو ڌڻي ڪونهي؛ هنن مان هرڪو صحيح سلامت پنهنجي گهر هليو وڃي. 18 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ مون توکي نہ چيو هو ڇا تہ هو منهنجي نسبت ۾ ڪا چڱائيءَ جي پيشنگوئي نہ ڪندو پر بڇڙائيءَ جي ڪندو؟ 19 ۽ هن چيو تہ انهيءَ ڪري تون خداوند جو ڪلام ٻڌ: مون خداوند کي پنهنجي تخت تي ويٺل ڏٺو، ۽ آسمان جو سارو لشڪر سندس سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي سندس نزديڪ بيٺو هو. 20 ۽ خداوند چيو تہ ڪير اخي آب کي ڌتاريندو تہ هو چڙهي وڃي رامات جلعاد ۾ ڪري؟ پوءِ هڪڙي هڪڙيءَ طرح چيو ۽ ٻئي ٻيءَ طرح چيو. 21 ۽ هڪڙو روح اچي خداوند جي اڳيان بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ هن کي ڌتاريندس. 22 ۽ خداوند انهيءَ کي چيو تہ ڇا سان؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ نڪري وڃي هن جي سڀني نبين جي وات ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح ٿيندس. ۽ هن چيو تہ تون هن کي ڌتاريندين ۽ غالب بہ ٿيندين: وڃ، وڃي ائين ڪر. 23 تنهنڪري هاڻي ڏس، خداوند تنهنجن هنن سڀني نبين جي وات ۾ هڪڙو ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح وڌو آهي؛ ۽ خداوند تنهنجي نسبت ۾ بڇڙي خبر ڏني آهي. 24 تڏهن صدقياہ بن ڪنعانہ ويجهو آيو ۽ ميڪاياہ کي چماٽ هنيائين، ۽ چيائين تہ خداوند جو روح ڪهڙي رستي مون وٽان تو سان ڳالهائڻ لاءِ ويو؟ 25 ۽ ميڪاياہ چيو تہ ڏس، انهيءَ ڏينهن تون ڏسندين جنهن ڏينهن تون پاڻ کي لڪائڻ لاءِ اندرئينءَ ڪوٺيءَ ۾ ويندين. 26 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ چيو تہ ميڪاياہ کي پڪڙي موٽائي شهر جي ناظم امون، ۽ بادشاهہ جي پٽ يوآس وٽ وٺي وڃ؛ 27 ۽ چئون تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي تہ هن ماڻهوءَ کي قيد ۾ وجهو، ۽ مصيبت جي ماني کارايوس، ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيسين ڪ آءٌ صحيح سلامت اچي پهچان. 28 ۽ ميڪاياہ چيو تہ جيڪڏهن تون ڪنهن بہ طرح صحيح سلامت موٽي آئين تہ خداوند منهنجي معرفت نہ ڳالهايو آهي. ۽ هن چيو تہ اوهين سڀ ٻڌو. 29 انهيءَ طرح اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوسفط، يهوداہ جو بادشاهہ، رامات جلعاد ڏانهن چڙهي ويا. 30 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ آءٌ ويس بدلائي وڃي جنگ ڪندس؛ پر تون ڀلي پنهنجي شاهي پوشاڪ ڍڪ: ۽ اسرائيل جي بادشاهہ ويس بدلايو ۽ پوءِ جنگ تي ويو. 31 هاڻي ارام جي بادشاهہ پنهنجن رٿن جي ٻٽيهن سردارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ نہ ننڍن سان وڙهجو نہ وڏن سان، رڳو اسرائيل جي بادشاهہ سان وڙهجو. 32 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رٿن جي سردارن يهوسفط کي ڏٺو، تڏهن هنن چيو تہ يقيناً اهو اسرائيل جو بادشاهہ آهي؛ ۽ هو انهيءَ سان وڙهڻ لاءِ پاسي تي لڙيا: ۽ يهوسفط هڪل ڪئي. 33 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رٿن جي سردارن ڏٺو تہ اهو اسرائيل جو بادشاهہ نہ آهي تڏهن هن جي پٺيان پوڻ جي بدران پٺتي موٽيا. 34 ۽ اوچتو هڪڙي ماڻهوءَ پنهنجي ڪمان ڪشي اسرائيل جي بادشاهہ کي زرهہ جي سنڌن جي وچ ۾ تير هنيو: جنهن تي هن پنهنجي رٿ هڪلڻ واري کي چيو تہ پنهنجو رٿ لشڪر مان ڪڍي ٻاهر ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان. 35 ۽ انهيءَ ڏينهن جنگ سخت ٿيڻ لڳي: ۽ بادشاهہ کي ارامين جي سامهون پنهنجيءَ رٿ تي اُٿاري ويهاريائون ۽ شام جو هو مري ويو: ۽ سندس زخم مان رت وهي رٿ جي تري ۾ پيو. 36 ۽ سج لهڻ ڌاري ساري لشڪر مان اها دانهن نڪتي تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي شهر ڏانهن ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃي. 37 انهيءَ طرح بادشاهہ مئو ۽ سامريہ ۾ کڄي آيو؛ ۽ هنن بادشاهہ کي سامريہ ۾ دفن ڪيو. 38 ۽ سامريہ جي ڍنڍ وٽ هنن رٿ ڌوتو (ڪسبياڻيون اُتي ئي وهنجنديون هيون؛) ۽ ڪتن اچي هن جو رت چٽيو، جيئن ڪ خداوند پنهنجي ڪلام ۾ فرمايو هو. 39 هاڻي اخي آب جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، ۽ عاج جو گهر، جو هن جوڙايو، ۽ سڀ شهر، جي هن اڏايا، اهي سڀ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ 40 نيٺ اخي آب پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ سندس پٽ اخزياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. 41 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب جي چوٿين سال ۾، يهوسفط بن آسا يهوداہ ۾ بادشاهي ڪرڻ شروع ڪئي. 42 جڏهن يهوسفط بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو پنجٽيهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ پنجويهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي. ۽ هن جي ماءُ جو نالو عزوبہ هو جا سلحيءَ جي ڌيءَ هئي. 43 ۽ هو پنهنجي پيءُ آسا جي سڀني رستن تي هليو؛ هو انهيءَ کان ڪنهن بہ پاسي نہ ڦريو، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيائين: انهيءَ هوندي بہ مٿانهيون جايون ڪيرايون نہ ويون؛ ۽ ماڻهو اڃا بہ انهن مٿانهين جاين تي قربانيون ذبح ڪندا هئا ۽ لوبان ساڙيندا هئا. 44 ۽ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ سان صلح ڪيو. 45 هاڻي يهوسفط جا باقي ٻيا ڪم، ۽ جيڪا بهادري هن ڏيکاري ۽ جهڙيءَ طرح هن جنگيون ڪيون، سي سڀ يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ 46 جيڪي لونڊي باز ماڻهو بچيا هئا، جي سندس پيءُ آسا جي ڏينهن ۾ رهجي ويا هئا، سي هن ملڪ مان ڪڍي ڇڏيا. 47 ۽ ادوم ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو: هڪڙو نائب بادشاهي ڪندو هو. 48 يهوسفط ترسيس جا جهاز سون آڻڻ لاءِ اوفير ڏانهن موڪليا: پر هو نہ ويا؛ ڇالاءِ جو جهاز عصيون جابر ۾ ڀڄي پيا. 49 تڏهن اخزياہ بن اخي آب يهوسفط کي چيو تہ منهنجا نوڪر تنهنجن نوڪرن سان گڏ جهازن ۾ وڃن. پر يهوسفط ائين ڪرڻ نہ گهريو. 50 ۽ يهوسفط پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾، پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ يهورام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. 51 اخزياہ بن اخي آب، يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط جي سترهين ورهيہ ۾ سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن اسرائيل تي ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي. 52 ۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي رستي تي، ۽ پنهنجي ماءُ جي رستي تي، ۽ يربعام بن نباط جي رستي تي هليو، جنهنڪري هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا. 53 ۽ هن بعل جي عبادت ڪئي ۽ انهيءَ کي سجدو ڪيائين، ۽ پنهنجي پيءُ جي سڀني ڪمن وانگر خداوند اسرائيل جي خدا کي ڪاوڙايائين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society