1.بادشاهَہ 21 - Sindhi Bible1 اُنهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ نبوت يزرعيليءَ جو هڪڙو ڊاک جو منهہ هو، جو يزرعيل ۾ سامريہ جي بادشاهہ اخي آب جي محلات جي پاسي ۾ هو. 2 ۽ اخي آب نبوت کي چيو تہ اهو تنهنجو ڊاک جو منهہ منهنجي گهر جي ويجهو آهي، تنهنڪري اهو مون کي ڏي تہ انهيءَ کي ڀاڄين جو باغ بنايان؛ ۽ انهيءَ جي بدران آءٌ توکي انهيءَ کان بهتر ڊاک جو منهہ ڏيندس: يا جي تنهنجي مرضي هوندي تہ اُنهيءَ جو ملهہ آءٌ توکي ڏيندس. 3 ۽ نبوت اخي آب کي چيو تہ خداوند شل ائين نہ ڪري تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توکي ڏيان. 4 اها جيڪا ڳالهہ نبوت يزرعيليءَ هن کي چئي، تنهن جي ڪري اخي آب دلگير ۽ رنج ٿي پنهنجي گهر آيو: ڇالاءِ جو هن چيو هو تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توکي نہ ڏيندس. ۽ هو پنهنجي هنڌ تي منهن ورائي سمهي پيو ۽ ماني نہ کاڌائين. 5 پر سندس زال ايزبل وٽس آئي ۽ چوڻ لڳيس تہ تنهنجي دل ڇو اهڙي غمگين آهي جو تون ماني نٿو کائين؟ 6 ۽ هن چيس تہ هن ڪري جو مون نبوت يزرعيليءَ کي چيو تہ مون کي پئسن تي پنهنجو ڊاک جو منهہ ڏي؛ يا جي تنهنجي مرضي هجي تہ انهيءَ جي بدران آءٌ توکي ٻيو ڊاک جو منهہ ڏيان: ۽ هن جواب ڏنو تہ آءٌ توکي پنهنجو ڊاک جو منهہ نہ ڏيندس. 7 تڏهن سندس زال ايزبل چيس تہ تون اسرائيل جي بادشاهت تي هاڻي حڪم هلائين ٿو يا نہ؟ اُٿي ماني کاءُ ۽ پنهنجي دل خوش ڪر: آءٌ توکي نبوت يزرعيليءَ جو ڊاک جو منهہ ڏينديس. 8 سو هن اخي آب جي نالي سان خط لکيا، ۽ سندس مهر مٿن هنيائين، ۽ اُهي خط اُنهن بزرگن ۽ اميرن ڏانهن موڪليائين جي سندس شهر ۾ هئا، ۽ نبوت سان گڏ رهندا هئا. 9 ۽ اُنهن خطن ۾ هن هيئن لکيو تہ روزي رکڻ جو اشتهار ڪريو، ۽ نبوت کي ماڻهن منجهہ مٿي ويهاريو: 10 ۽ ٻہ خبيث ماڻهو، هن جي اڳيان حاضر ڪريو، ۽ اُهي سندس برخلاف شاهدي ڏيئي چون تہ هن خدا تي ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. ۽ پوءِ اُنهيءَ کي ٻاهر ڪڍي وڃو ۽ سنگسار ڪري ماريوس. 11 ۽ هن جي شهر ماڻهن، يعني اُهي بزرگ ۽ امير جي سندس شهر ۾ رهندا هئا، تن ائين ئي ڪيو جيئن ايزبل چوائي موڪليو هون، ۽ جيڪي انهي خط ۾ لکيل هو جو هن موڪليو هو. 12 هنن روزي رکڻ لاءِ اشتهار ڪڍيو ۽ نبوت کي ماڻهن ۾ مٿي ويهاريائون. 13 پوءِ ٻہ خبيث ماڻهو اندر اچي سندس اڳيان ويٺا، ۽ هن جي برخلاف، يعني نبوت جي برخلاف ماڻهن جي روبرو شاهدي ڏيئي چوڻ لڳا تہ نبوت خدا ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. تڏهن هنن اُنهيءَ کي ڪڍي شهر کان ٻاهر ڪيو، ۽ سنگسار ڪري ماري وڌائونس. 14 تنهن کانپوءِ ايزبل ڏي چوائي موڪليائون تہ نبوت سنگسار ٿي مارجي ويو آهي. 15 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ايزبل ٻڌو تہ نبوت سنگسار ٿي مارجي ويو آهي تڏهن ايزبل اخي آب کي چيو تہ جيڪو ڊاک جو منهہ نبوت يزرعيليءَ توکي پئسن تي نٿي ڏنو، سو اُٿي هٿ ڪر: ڇالاءِ جو نبوت جيئرو نہ آهي، مري ويو آهي. 16 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب ٻڌو تہ نبوت مري ويو تڏهن اخي آب اُٿي نبوت يزرعيليءَ جي اُنهيءَ ڊاک جي منهہ هٿ ڪرڻ لاءِ اوڏانهن هليو. 17 ۽ خداوند جو ڪلام ايلياہ تشبيءَ تي نازل ٿيو. 18 جنهن چيس تہ اُٿ، اسرائيل جو بادشاهہ اخي آب، جو سامريہ ۾ رهي ٿو، تنهن وٽ وڃ ۽ ڏس، هو نبوت جي ڊاک جي منهہ ۾ آهي، جتي هو اُنهيءَ جي قبضي وٺڻ لاءِ ويو آهي. 19 ۽ تون اُنهيءَ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو خون بہ ڪيو آهي ۽ ملڪيت بہ ڦري آهي ڇا؟ ۽ کيس چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن جاءِ تي ڪتن نبوت جو رت چٽيو، اُتي ڪتا تنهنجو بہ رت چٽيندا. 20 ۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي. 21 ڏس، آءٌ تو تي خرابي آڻيندس، ۽ توکي اصل ٻهاري ڇڏيندس، ۽ اخي آب جي سڀ ڪنهن ڇوڪر کي، جو اسرائيل ۾ آزاد آهي، يا غلام آهي، اُنهن کي وڍي ڇڏيندس، 22 ۽ آءٌ تنهنجو گهراڻو يربعام بن نباط جي گهراڻي جهڙو ۽ بعشا بن اخياہ جي گهراڻي جهڙو ڪندس، جو تو مون کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو آهي، ۽ اسرائيل کان گناهہ ڪرايو اٿيئي 23 ۽ ايزبل جي نسبت ۾ بہ خداوند چيو تہ يزرعيل جي ڪوٽ جي ڀِت جي پاسي ۾، ايزبل کي ڪتا کائيندا. 24 اخي آب جو جيڪو بہ ماڻهو شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائيندا؛ ۽ جيڪو جهنگ ۾ مرندو تنهن کي هوا جا پکي کائيندا. 25 (پر اخي آب جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن پاڻ کي انهيءَ لاءِ وڪيو تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب آهي سو ڪري، ۽ جنهن کي سندس زال ڀڙڪايو هو. 26 ۽ هن بتن جي پيروي ڪرڻ سان تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو، ۽ هن امورين جي سڀني ڪمن موجب ڪيو هو، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو.) 27 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ بت تي کٿو ڍڪيائين، ۽ روزو رکيائين، ۽ کٿي تي سمهڻ ۽ آهستي هلڻ لڳو. 28 ۽ خدا جو ڪلام ايلياہ تشبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن چيس تہ، 29 ڏسين ٿو تہ ڪيئن اخي آب منهنجي اڳيان پاڻ کي عاجز ٿو ڪري؟ ۽ ڇالاءِ تہ هو منهنجي اڳيان پاڻ کي عاجز ٿو ڪري تنهنڪري آءٌ هن جي ڏينهن ۾ خرابي نہ آڻيندس: پر سندس پٽ جي ڏينهن ۾ سندس گهراڻي تي مصيبت آڻيندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society