Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.بادشاهَہ 19 - Sindhi Bible

1 ۽ اخي آب جيڪي ايلياہ ڪيو هو، ۽ ڪيئن هن سڀيئي نبي ترار سان قتل ڪيا، سو سڀ ايزبل کي ٻڌايو.

2 تڏهن ايزبل هڪڙي قاصد جي هٿان ايلياہ کي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سڀاڻي هن وقت ڌاري تنهنجي حياتي بہ هنن مان هڪڙي جهڙي نہ ڪريان، تہ معبود مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ وڌيڪ.

3 ۽ جڏهن هن اهو ڏٺو تڏهن هو اُٿي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڳو، ۽ بيرسبع ۾ آيو، جو يهوداہ جو شهر آهي، ۽ پنهنجو نوڪر اتي ڇڏي ڏنائين.

4 پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ويهي رهيو: ۽ پنهنجي مرڻ جو سوال ڪرڻ لڳو: ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، هاڻي بس، منهنجو ساهہ ڪڍ؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر نہ آهيان.

5 ۽ هو هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ليٽي پيو، ۽ سمهي رهيو؛ ۽ ڏس، هڪڙي فرشتي اچي ڇهي چيس تہ اُٿي کاءُ.

6 ۽ هن نهاريو، ڏسي تہ سندس مٿي وٽ هڪڙي ٽانڊن تي پڪل ماني ۽ پاڻيءَ جي دلي رکي آهي.

7 ۽ خداوند جو فرشتو وري ٻيو ڀيرو آيو، ۽ هن کي ڇهي چوڻ لڳو تہ اُٿي کاءُ، ڇاڪاڻ تہ سفر تنهنجي لاءِ وڏو آهي.

8 ۽ هن اُٿي ويهي کاڌو ۽ پيتو، ۽ اُنهيءَ کاڌي جي زور تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خدا جي جبل حورب تائين هليو.

9 ۽ اُتي هو هڪڙيءَ غار ۾ اچي ٽڪيو؛ ۽ ڏس، خدا جو ڪلام وٽس آيو، جنهن چيس تہ اي ايلياہ، تون هتي ڇا ٿو ڪرين.

10 ۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن: ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.

11 ۽ هن چيو تہ وڃي خداوند جي اڳيان جبل تي بيهي رهہ. ۽ ڏس، خداوند اچي اُتان لنگهيو، ۽ سخت زور واري آنڌيءَ لڳڻ ڪري جبل ڦاٽي پيا، ۽ ٽڪر خداوند جي اڳيان ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيا؛ پر خداوند واءُ ۾ ڪونہ هو: ۽ واءُ کان پوءِ زلزلو آيو؛ پر خداوند اُنهيءَ زلزلي ۾ بہ نہ هو:

12 ۽ زلزلي کان پوءِ باهہ آئي؛ پر خداوند باهہ ۾ بہ نہ هو؛ ۽ باهہ کان پوءِ هڪڙو هلڪو آواز آيو.

13 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ايلياہ اُهو ٻڌو تڏهن پنهنجي چوغي ۾ منهن ويڙهي ٻاهر نڪتو، ۽ غار جي منهن وٽ وڃي بيهي رهيو. ۽ ڏس، هن کي هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ اي ايلياہ، تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟

14 ۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن؛ ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.

15 ۽ خداوند هن کي چيو تہ وڃ، پنهنجو رستو وٺي دمشق جي بيابان ڏي موٽ: ۽ جڏهن اُتي پهچين تڏهن حزائيل کي مسح ڪر تہ ارام جو بادشاهہ ٿئي:

16 ۽ ياهو بن نمسيءَ کي مسح ڪر تہ اسرائيل جو بادشاهہ ٿئي: ۽ اليشع بن سافط، ابيل محولہ واري کي مسح ڪر تہ تنهنجي جاءِ تي نبي ٿئي.

17 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو حزائيل جي ترار کان بچي نڪرندو تنهن کي ياهو قتل ڪندو: ۽ جيڪو ياهوءَ جي ترار کان بچي نڪرندو تنهن کي اليشع قتل ڪندو.

18 انهيءَ هوندي بہ آءٌ پنهنجي لاءِ اسرائيل ۾ ست هزار ڇڏيندس، يعني اُهي سڀيئي جن جا گوڏا بعل جي سجدي ڪرڻ لاءِ نہ جهڪيا آهن، ۽ جن جي وات انهيءَ کي نہ چُميو آهي.

19 پوءِ هو اُتان روانو ٿيو، ۽ وڃي اليشع بن سافط کي لڌائين، جنهن ڏاندن جا ٻارهن جوڙا جوٽي هر پئي ڪاهيا، ۽ پاڻ ٻارهين جوڙيءَ سان هو: ۽ ايلياہ لنگهي وٽس ويو ۽ پنهنجو چوغو هن جي مٿان اُڇلائي وڌائين.

20 ۽ هو ڏاند ڇڏي ايلياہ جي پٺيان ڊوڙيو، ۽ چوڻ لڳو تہ ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي چُمي اچان، ۽ پوءِ تنهنجي پٺيان ايندس. ۽ هن کيس چيو تہ موٽي وڃ؛ ڇالاءِ جو مون توکي ڇا ڪيو آهي؟

21 ۽ هو ان جي پٺيان وڃڻ کان موٽيو، ۽ ڏاندن جو جوڙو وٺي اُنهن کي ڪُٺائين، ۽ ڏاندن جي اوزارن سان اُنهن جو گوشت پچائي اُهو ماڻهن کي ڏنائين، جن اُهو کاڌو تنهن کان پوءِ هو اُٿيو، ۽ ايلياہ جي پٺيان لڳو، ۽ سندس خدمت چاڪري ڪرڻ لڳو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan