Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.بادشاهَہ 18 - Sindhi Bible

1 ۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام ٽئين ورهيہ ۾ ايلياہ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ وڃ، وڃي اخي آب کي پاڻ ڏيکار: ۽ آءٌ زمين تي مينهن موڪليندس.

2 ۽ ايلياہ پاڻ ڏيکارڻ لاءِ اخي آب وٽ آيو. انهيءَ وقت سامريہ ۾ ڏاڍو ڏڪار هو.

3 ۽ اخي آب پنهنجي گهر جي داروغي عبدياہ کي سڏيو. (هاڻي عبدياہ خداوند کان گهڻو ڊڄندو هو:

4 ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن ايزبل خداوند جا نبي وڍي ڇڏيا هئا، تڏهن عبدياہ سؤ نبين کي وٺي، پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو هئائين، ۽ اُنهن کي ماني کارايائين ۽ پاڻي پياريائين.)

5 ۽ اخي آب عبدياہ کي چيو تہ زمين ۾ گشت ڪري پاڻيءَ جي سڀني حوضن ۽ سڀني نهرن تي وڃ: شايد اسين گاهہ لهون ۽ گهوڙن، ۽ خچرن جا ساهہ بچايون، تہ سڀ جانور وڃائي نہ ويهون.

6 تڏهن هنن اُها زمين پاڻ ۾ ورهائي، انهي لاءِ تہ انهي مان گشت ڪري وڃن: اخي آب پاڻ هڪڙي پاسي ويو ۽ عبدياہ ٻئي پاسي ويو.

7 ۽ جيئن عبدياہ رستو ڏيئي پئي ويو تيئن ايلياہ هن کي گڏيو: ۽ هن سڃاتس، ۽ پنهنجي منهن ڀر ڪِري پيو، ۽ چوڻ لڳو تہ منهنجا سائين ايلياہ، اهو تون آهين:

8 ۽ هن ورندي ڏني تہ اهو آءٌ آهيان: وڃي پنهنجي ڌڻيءَ کي چئُہ تہ ڏس، ايلياہ هتي آهي.

9 ۽ هن چيو تہ مون ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو تون پنهنجي ٻانهي کي اخي آب جي هٿ ۾ ٿو ڏئين تہ مون کي قتل ڪري؟

10 خداوند تنهنجي جيئري خدا جو قسم آهي، تہ اهڙي ڪابہ قوم يا بادشاهت ڪانهي جيڏانهن منهنجي ڌڻيءَ توکي ڳولڻ لاءِ ماڻهو نہ موڪليو آهي: ۽ جڏهن هنن چيو تہ هو هتي ڪونهي تڏهن هن انهيءَ بادشاهت ۽ قوم کان قسم کڻايو تہ هنن توکي نہ لڌو.

11 ۽ هاڻي تون چوين ٿو تہ وڃي پنهنجي ڌڻيءَ کي چئُہ تہ ڏس ايلياہ هتي آهي.

12 ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت آءٌ تو وٽان هليو ويندس، اُنهيءَ وقت خداوند جو روح توکي اُنهيءَ هنڌ کڻي ويندو جنهن جي مون کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهيءَ طرح جڏهن آءٌ اچي اخي آب کي چوندس، ۽ هو توکي لهي نہ سگهندو تڏهن هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندو: پر آءٌ تنهنجو نوڪر ننڍي هوندي کان خداوند کان ڊڄندو آهيان.

13 جڏهن ايزبل خداوند جي نبين کي قتل ڪيو تڏهن منهنجي ڌڻيءَ کي اهو ٻڌايو نہ ويو هو ڇا تہ مون ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن مون خداوند جي هڪ سؤ نبين کي پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو، ۽ اُنهن کي ماني کارائي ۽ پاڻي پياريو؟

14 ۽ هاڻي تون چوين ٿو تہ وڃي پنهنجي ڌڻيءَ کي چئُہ تہ ڏس ايلياہ هتي آهي. پوءِ هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندو.

15 ۽ ايلياہ چيو تہ لشڪرن جي جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان تہ اڄ ضرور آءٌ هن کي پاڻ ڏيکاريندس.

16 تڏهن عبدياہ اخي آب کي گڏجڻ ويو ۽ خبر ڏنائينس: ۽ اخي آب ايلياہ کي گڏجڻ ويو.

17 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب ايلياہ کي ڏٺو تڏهن اخي آب هن کي چيو تہ اي اسرائيل کي تڪليف ڏيڻ وارا، اهو تون آهين ڇا؟

18 ۽ هن ورندي ڏني تہ مون اسرائيل کي تڪليف ڪانہ ڏني آهي؛ بلڪ تو ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي ڏني آهي، جو اوهان خداوند جا حڪم ڇڏي ڏنا آهن ۽ تون بعليم جي پٺيان لڳو آهين.

19 تنهنڪري هاڻي ماڻهو موڪلي سڀ اسرائيلي ڪرمل جبل تي مون وٽ گڏ ڪرائي ڏي، ۽ بعل جي ساڍن چئن سوَن نبين کي، ۽ يسيرت جي چئن سوَن نبين کي بہ، جي ايزبل جي دسترخاني تي ماني ٿا کائن.

20 تڏهن اخي آب ساري بني اسرائيل ڏانهن ماڻهو موڪليا، ۽ ڪرمل جبل تي نبي گڏ ڪيائين.

21 پوءِ ايلياہ سڀني ماڻهن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڪيستائين اوهين ٻن راين جي وچ ۾ پيا منڊڪائيندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو: پر جيڪڏهن بعل آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو. ۽ ماڻهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو.

22 تڏهن ايلياہ ماڻهن کي چيو تہ فقط آءٌ ئي هڪڙو نبي آهيان جو خداوند جو نبي بچيو آهيان؛ پر بعل جا نبي ساڍا چار سؤ ماڻهو آهن.

23 تنهنڪري هو اسان کي ٻہ ڍڳا ڏين؛ ۽ هڪڙو ڍڳو پنهنجي لاءِ چونڊي ڪڍن ۽ اُنهيءَ کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪن، ۽ اُهو ڪاٺين تي رکن ۽ انهيءَ جي هيٺان باهہ نہ ٻارين: ۽ ٻيو ڍڳو آءٌ تيار ڪري ڪاٺين تي رکندس ۽ اُنهيءَ جي هيٺان باهہ نہ ٻاريندس.

24 ۽ اوهين پنهنجي معبود جو نالو وٺي اُنهيءَ کي سڏيو، ۽ آءٌ خداوند جو نالو وٺي اُنهيءَ کي سڏيندس: پوءِ جيڪو خدا باهہ جي رستي ورندي ڏئي، اُهوئي خدا آهي. ۽ ساريءَ قوم ورندي ڏيئي چيو تہ اها ڳالهہ پوري آهي.

25 ۽ ايلياہ بعل جي نبين کي چيو تہ اوهين پنهنجي لاءِ هڪڙو ڍڳو چونڊي ڪڍو، ۽ پهرين اُنهيءَ کي تيار ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين گهڻا آهيو؛ ۽ پنهنجي معبود جو نالو وٺي سڏيو، پر هيٺان باهہ نہ رکو.

26 ۽ جيڪو ڍڳو هنن کي ڏنو ويو سو هنن ورتو ۽ اُنهيءَ کي تيار ڪيائون، ۽ صبح کان وٺي ٻن پهرن تائين بعل جو نالو وٺي پئي سڏيائون، ۽ پئي چيائون تہ اي بعل اسان جي ٻڌ. پر ڪوبہ آواز ڪونہ آيو ۽ نہ ڪنهن جواب ڏنو. ۽ جيڪا قربانگاهہ جوڙي هئائون تنهن جي چوڌاري ٽپڻ لڳا.

27 ۽ ٻن پهرن جو هيئن ٿيو تہ ايلياہ هنن تي ٺٺولي ڪري چيو تہ وڏي آواز سان سڏيوس: ڇالاءِ جو هو تہ معبود آهي؛ يا هو پنهنجي منهن پيو ڳالهائي، يا ڪنهن پاسي ويو آهي، يا ڪنهن سفر ۾ آهي، يا شايد سُتو پيو آهي، ۽ اُنهيءَ کي جاڳائڻ گهرجي.

28 ۽ هنن وڏيون رڙيون ڪيون، ۽ پنهنجي دستور موجب ڪاتين ۽ ڀالن سان پاڻ کي وڍ وڌائون، جيسين ڪ هنن جي بت تي رت وهڻ لڳو.

29 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ٻہ پهر گذري ويا تڏهن نبوت ڪرڻ لڳا، تان جو شام جي قرباني چاڙهڻ جو وقت اچي پهتو؛ پر نڪو آواز آيو، نڪو جواب آيو، ۽ نڪو ڌيان ڏيڻ وارو هو.

30 تڏهن ايلياہ سڀني ماڻهن کي چيو تہ منهنجي ويجهو اچو؛ ۽ سڀ ماڻهو وڃي کيس ويجها ٿيا. ۽ خداوند جي قربانگاهہ جا ڊاٺل هئي تنهن کي هن ٺاهيو.

31 پوءِ يعقوب، جنهن وٽ خدا جو ڪلام آيو تہ تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو، تنهن جي پٽن جي فرقن جي تعداد موجب ايلياہ ٻارهن پٿر کنيا.

32 ۽ اُنهن پٿرن سان هن خداوند جي نالي تي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي؛ ۽ قربانگاهہ جي چوڌاري هن هڪڙي کڏ کنئي، ايڏي جنهن ۾ ٻج جا ٻہ ماڻ ماپن.

33 پوءِ هن ڪاٺيون ٺاهي رکيون، ۽ ڍڳي کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري اُنهن ڪاٺين تي رکيائين. پوءِ چيائين تہ چار مٽ پاڻيءَ سان ڀريو، ۽ اُهي سوختني قربانيءَ تي، ۽ ڪاٺين تي هاري وجهو.

34 ۽ چيائين تہ ٻيو ڀيرو بہ ائين ڪريو؛ ۽ هنن ٻيو ڀيرو بہ ائين ڪيو. پوءِ چيائين تہ ٽيون ڀيرو بہ ائين ئي ڪريو؛ ۽ هنن ٽيون ڀيرو بہ ائين ئي ڪيو.

35 ۽ پاڻي قربانگاهہ جي چوڌاري وهڻ لڳو؛ ۽ اُها کڏ بہ پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيائون.

36 ۽ شام جي قرباني چاڙهڻ وقت هيئن ٿيو تہ ايلياہ نبيءَ ويجهو اچي چيو تہ اي خداوند، ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، اڄوڪي ڏينهن ڄاڻاءِ تہ تون اسرائيل ۾ خدا آهين، ۽ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان، ۽ هي جيڪو ڪم ڪيو اٿم سو سڀ تنهنجي حڪم پٺيان آهي.

37 اي خداوند، منهنجي ٻڌ، منهنجي ٻڌ، تہ هي ماڻهو ڄاڻن تہ اي خداوند تون خدا آهين، ۽ تو هنن جي دل وري ڦيرائي آهي.

38 تڏهن خداوند جي باهہ لهي آئي ۽ سوختني قرباني، ۽ ڪاٺين، ۽ پٿرن، ۽ مٽيءَ کي ساڙي ويئي، ۽ جيڪو پاڻي کڏ ۾ هو تنهن کي بہ چٽي ويئي.

39 ۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو ڏٺو تڏهن منهن ڀر ڪِري پيا، ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند برابر خدا آهي؛ خداوند برابر خدا آهي.

40 ۽ ايلياہ هنن کي چيو تہ بعل جي نبين کي پڪڙيو؛ جيئن هڪڙو بہ نہ ڀڄي وڃي. ۽ اُنهن کي پڪڙيائون: ۽ ايلياہ هنن کي وٺي قيسون نهر تي آندو، ۽ اُتي هنن کي قتل ڪيائين.

41 پوءِ ايلياہ اخي آب کي چيو تہ اُٿي کاءُ پيءُ: ڇالاءِ جو گهڻي مينهن جو آواز ٿو اچي.

42 تنهن تي اخي آب وڃي کاڌو ۽ پيتو. ۽ ايلياہ ڪرمل جي چوٽيءَ تي ويو؛ ۽ زمين تي جهُڪي پنهنجو منهن پنهنجن گوڏن جي وچ ۾ رکي ويهي رهيو.

43 ۽ هن پنهنجي نوڪر کي چيو تہ هاڻي چڙهي وڃي سمنڊ ڏانهن نهار. تڏهن هو مٿي وڃي نهاري چوڻ لڳو تہ ڪجهہ بہ ڪين آهي. ۽ هن چيو تہ ست ڀيرا وري وڃ.

44 ۽ ستين ڀيري هيئن ٿيو تہ هن چيو تہ ڏس، سمنڊ مان هڪڙو ڪڪر ٿو اُڀري جو ماڻهوءَ جي هٿ جيڏو آهي. ۽ هن چيو تہ مٿي وڃي اخي آب کي چئُہ تہ پنهنجو رٿ سنبراءِ ۽ تون لهي اچ، متان مينهن توکي روڪي ڇڏي.

45 ۽ ٿوري وقت ۾ هيئن ٿيو تہ آسمان ڪڪرن ۽ واءُ سان ڪارو ٿي ويو، ۽ ڏاڍو مينهن پيو. ۽ اخي آب سوار ٿي يزرعيل ڏانهن ويو.

46 ۽ خداوند جو هٿ ايلياہ تي هو: ۽ هن اُٿي پنهنجي ڪمر ٻڌي، ۽ اخي آب جي اڳيان ڊوڙندو يزرعيل جي دروازي تائين ويو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan