1.بادشاهَہ 14 - Sindhi Bible1 اُنهيءَ وقت يربعام جو پٽ ابياہ بيمار ٿي پيو. 2 ۽ يربعام پنهنجي زال کي چيو تہ ڀلائي ڪري اُٿ ۽ پنهنجو ويس بدلاءِ تہ ڪوبہ توکي نہ سڃاڻي تہ تون يربعام جي زال آهين: ۽ سيلا ڏي وڃ؛ ڏس، اُتي اخياہ نبي آهي، جنهن منهنجي نسبت ۾ چيو هو تہ تون هن قوم جو بادشاهہ ٿيندين. 3 ۽ پاڻ سان ڏهہ مانيون، ۽ ڪوڪيون، ۽ هڪڙو ماکيءَ جو ڪوزو کڻي وٽس وڃ: هو توکي ٻڌائيندو تہ هن ٻار جو ڪهڙو حال ٿيندو. 4 ۽ يربعام جي زال ائين ئي ڪيو ۽ اُٿي سيلا ڏي ويئي، ۽ اخياہ جي گهر آئي. هاڻي اخياہ ڏسي نٿي سگهيو؛ ڇالاءِ جو وڏي عمر جي ڪري هن جون اکيون ويهي ويون هيون. 5 ۽ خداوند اخياہ کي چيو تہ ڏس، يربعام جي زال توکان پنهنجي پٽ جو حال پڇڻ ٿي اچي؛ ڇالاءِ جو اُهو بيمار آهي: تون هن کي هيئن نہ هيئن چئج: ڇالاءِ جو هيئن ٿيندو تہ جڏهن هوءَ اندر ايندي تڏهن ڪوڙ ڪري پاڻ کي ٻي زال چوائيندي. 6 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن اخياہ هن جي پيرن جو آواز ٻڌو ۽ هوءَ در تي آئي، تڏهن هن چيو تہ اي يربعام جي زال، هلي اچ؛ ڪوڙ ڪري ڇو ٿي پاڻ کي ٻي زال بنائين؟ ڇالاءِ جو آءٌ تو ڏي تمام خراب خبر ٻڌائڻ لاءِ موڪليو ويو آهيان. 7 وڃ، وڃي يربعام کي چئُہ تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي: تہ مون توکي ٻين ماڻهن ۾ عزت وارو ڪيو، ۽ پنهنجيءَ قوم اسرائيل جو توکي بادشاهہ ڪيم، 8 ۽ دائود جي گهراڻي مان بادشاهي کسي توکي ڏنم: تڏهن بہ تون منهنجي ٻانهي دائود جهڙو نہ ٿيو آهين، جو منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندو هو، ۽ پنهنجي سموريءَ دل سان منهنجي پيروي ڪندو هو، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو فقط اُهو ڪندو هو؛ 9 بلڪ جيڪي توکان اڳي هئا تن کان بہ وڌيڪ تو بڇڙائي ڪئي آهي، ۽ وڃي ٻيا معبود پنهنجي لاءِ جوڙيا اٿيئي، ۽ پلٽيل بت بنايا اٿيئي، جنهنڪري مون کي ڪاوڙايو اٿيئي، ۽ مون کي پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيو اٿيئي: 10 تنهنڪري ڏس، آءٌ يربعام جي گهراڻي تي خرابي آڻيندس، ۽ يربعام کان سڀ ڪو ڇوڪر وڍي ڇڏيندس، جو اسرائيل ۾ غلام آهي يا آزاد ڇڏيل آهي، ۽ آءٌ يربعام جي گهر کي بلڪل ٻهاري ڇڏيندس جيئن ڪو گند ٻهاري، اهڙو جو سارو گم ٿي ويندو. 11 يربعام جو جيڪو بہ ماڻهو شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائي ويندا؛ ۽ جيڪو جهنگ ۾ مرندو تنهن کي هوا جا پکي کائيندا: ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي. 12 تنهنڪري اُٿي پنهنجي گهر وڃ: ۽ جڏهن تنهنجا پير شهر ۾ پوندا تڏهن اُهو ٻار مري ويندو. 13 ۽ سڀ اسرائيلي اُنهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا ۽ اُنهيءَ کي دفن ڪندا؛ ڇالاءِ جو يربعام جي آڪهہ مان اهوئي هڪڙو قبر ۾ پوندو: جو يربعام جي گهراڻي مان خداوند اسرائيل جي خدا جي حق ۾ انهيءَ ۾ ئي ڪا چڱائي لڌي آهي. 14 تنهن کان سواءِ خداوند پنهنجي لاءِ اسرائيل تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪندو جو اُنهيءَ ڏينهن يربعام جو گهراڻو وڍي ڇڏيندو: پر ڪڏهن؟ اهو هينئر ئي ٿيندو. 15 ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل کي ائين ماريندو جيئن پاڻيءَ ۾ ڪانو لڏندو آهي؛ ۽ اسرائيل کي، هيءَ چڱي زمين جا هن سندس ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن مان پاڙون پٽي ڪڍي ڇڏيندو، ۽ اُنهن کي فرات نديءَ جي هن ڀر پکيڙي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي لاءِ يسيرت بنايا آهن، ۽ خداوند کي ڪاوڙايو اٿن. 16 ۽ جيڪي گناهہ يربعام ڪيا آهن، ۽ جيڪي هن اسرائيل کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل کي ڇڏي ڏيندو. 17 پوءِ يربعام جي زال اُٿي هلي تہ ترضہ ۾ آئي: ۽ اڃا هوءَ گهر جي چانئٺ تي آئي تہ ٻار مري ويو. 18 ۽ سڀني اسرائيلين اُنهيءَ کي دفن ڪيو ۽ اُنهيءَ جي لاءِ ماتم ڪيائون؛ جيئن ڪ خداوند جو ڪلام هو، جو هن پنهنجي ٻانهي اخياہ نبيءَ جي معرفت ڪيو هو. 19 ۽ يربعام جا باقي ٻيا ڪم، تہ ڪيئن هن جنگ ڪئي، ۽ ڪيئن بادشاهي ڪيائين، سي ڏس اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن. 20 ۽ جيڪي ڏينهن يربعام بادشاهي ڪئي سي ٻاويهہ ورهيہ هئا؛ ۽ هو پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ سندس پٽ ندب سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. 21 ۽ رحبعام بن سليمان يهوداہ ۾ بادشاهي ڪئي. جڏهن رحبعام بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ايڪيتاليهن ورهين جو هو، ۽ يروشلم جو شهر، جو خداوند اسرائيل جي سڀني فرقن مان پنهنجي نالي رکڻ لاءِ پسند ڪيو هو، تنهن ۾ هن سترهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ اُنهي جي ماءُ جو نالو نعمہ هو، جا عمون جي هئي. 22 ۽ يهوداہ اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ جيڪي هنن جي ابن ڏاڏن ڪيو تنهن کان وڌيڪ جيڪي گناهہ هنن ڪيا تن سان هنن خداوند کي ڪاوڙايو. 23 ڇالاءِ جو هنن پنهنجي لاءِ مٿانهيون جايون، ۽ ٿنڀ، ۽ يسيرت، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ بہ جوڙيا؛ 24 ۽ اُنهيءَ ملڪ ۾ لونڊي باز ماڻهو بہ هئا: جن قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو، تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جهڙا هو ڪم ڪندا هئا. 25 ۽ بادشاهہ رحبعام جي پنجين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ مصر جو بادشاهہ سيسق يروشلم تي چڙهي آيو: 26 ۽ هو خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ جي گهر جا خزانا کڻي ويو؛ بلڪ هو سڀ ڪجهہ کڻي ويو: ۽ جيڪي سون جون سپرون سليمان جوڙايون هيون سي سڀ هو کڻي ويو. 27 ۽ بادشاهہ رحبعام انهن جي بدران پتل جون سپرون جوڙايون، ۽ جيڪي سپاهي بادشاهہ جي گهر جي در تي پهرو ڏيندا هئا، تن جي عملدارن جي هٿن ۾ اُهي ڏيئي ڇڏيائين. 28 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪڏهن بادشاهہ خداوند جي گهر ۾ ويندو هو تڏهن پهري وارا اُهي کڻندا هئا، ۽ پوءِ موٽائي پهري واريءَ ڪوٺيءَ ۾ آڻي رکندا هئا. 29 هاڻي رحبعام جا باقي ٻيا ڪم، ۽ ٻيو جيڪي بہ هن ڪيو، سو سڀ يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟ 30 ۽ رحبعام ۽ يربعام جي وچ ۾ هميشہ جنگ پيئي هلندي هئي. 31 ۽ رحبعام پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ هن جي ماءُ جو نالو نعمہ عموني هو. ۽ سندس پٽ ابيام اُنهيءَ جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society