1.بادشاهَہ 13 - Sindhi Bible1 ۽ ڏسو، هڪڙو خدا جو ٻانهو خدا جي حڪم سان يهوداہ مان بيت ايل ۾ آيو: ۽ يربعام قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺي لوبان ساڙيو. 2 ۽ خداوند جي حڪم سان هو قربانگاهہ جي برخلاف وڏي سڏ چوڻ لڳو تہ اي قربانگاهہ، قربانگاهہ، خداوند هيئن ٿو فرمائي: ڏس، دائود جي گهراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو؛ ۽ اُهو تو تي انهن مٿانهين جاين جي ڪاهنن کي قرباني ڪندو، جي تو تي لوبان ٿا ساڙين؛ ۽ تو تي ماڻهن جا هڏا ساڙيندا. 3 ۽ انهيءَ ڏينهن هن هڪڙو نشان ڏيئي چيو تہ جنهن نشان جو خداوند ذڪر ڪيو آهي سو هي آهي: ڏسو، هيءَ قربانگاهہ ڦاٽي پوندي، ۽ جيڪا خاڪ انهيءَ تي آهي سا هارجي ويندي. 4 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ اُنهيءَ خدا جي ٻانهي جو ڪلام ٻڌو، جو هن بيت ايل ۾ قربانگاهہ جي برخلاف ڪيو، تڏهن يربعام قربانگاهہ تان پنهنجو هٿ ڊگهيري چوڻ لڳو تہ هن کي پڪڙيو. ۽ جيڪو هٿ هن ڊگهيريو هو سو اهڙو سڪي پيو جو هو وري انهيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪي نہ سگهيو. 5 قربانگاهہ بہ ڦاٽي پيئي، ۽ قربانگاهہ تان خاڪ بہ ڪِري پيئي، جيئن ڪ اُنهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند جي حڪم سان نشان ڏنو هو. 6 ۽ بادشاهہ اُنهي خدا جي ٻانهي کي ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي خير جو سوال ڪر ۽ منهنجي لاءِ اُنهيءَ کان دعا گهر تہ مون کي پنهنجو هٿ وري ملي. تڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کي سوال ڪيو ۽ بادشاهہ کي پنهنجو هٿ موٽي مليو، ۽ جهڙو اڳي هو اهڙو ئي ٿي پيو. 7 ۽ بادشاهہ انهيءَ خدا جي ٻانهي کي چيو تہ مون سان گڏجي منهنجي گهر هل ۽ هلي کائي پي تازو ٿيءُ، ۽ آءٌ توکي انعام بہ ڏيندس. 8 ۽ خدا جي ٻانهي بادشاهہ کي چيو تہ جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي گهر جو اڌ ڏيندين تہ بہ آءٌ توسان نہ هلندس ۽ نہ هن هنڌ ماني کائيندس يا پاڻي پيئندس: 9 ڇالاءِ جو خداوند جي ڪلام مون کي اهو حڪم ڏنو هو تہ تون نہ ماني کائج، نہ پاڻي پيئج، نڪي جنهن رستي کان آيو هئين تنهن رستي کان موٽي وڃج. 10 تنهنڪري جنهن رستي کان هو بيت ايل ۾ آيو هو، اُنهيءَ کان موٽي نہ ويو، پر ٻيو رستو ڏيئي ويو. 11 هاڻي بيت ايل ۾ هڪڙو ٻڍو نبي رهندو هو؛ ۽ انهيءَ جي پٽن مان هڪڙي انهن سڀني ڪمن جي ڳالهہ اچي ٻڌايس، جي خدا جي ٻانهي بيت ايل ۾ ڪيا هئا: جيڪي هن بادشاهہ کي چيو هو، سو بہ هن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو. 12 ۽ هنن جي پيءُ هنن کان پڇيو تہ اُهو ڪهڙو رستو ڏيئي ويو آهي؟ هاڻي هن جي پٽن ڏٺو هو تہ اُهو خدا جو ٻانهو ڪهڙو رستو ڏيئي ويو، جو يهوداہ کان آيو هو. 13 ۽ هن پنهنجن پٽن کي چيو تہ مون کي گڏهہ پلاڻي ڏيو، اُن موجب هنن گڏهہ تي زين رکي: ۽ هو اُنهيءَ تي چڙهيو. 14 ۽ هو اُنهيءَ خدا جي ٻانهي جي پٺيان ويو، ۽ اُنهيءَ کي هڪڙي شاهہ بلوط جي وڻ هيٺ ويٺل ڏٺائين: ۽ چيائينس تہ جيڪو خدا جو ٻانهو يهوداہ کان آيو هو سو تون آهين ڇا؟ ۽ هن چيو تہ اُهو آءٌ آهيان. 15 تڏهن هن اُنهيءَ کي چيو تہ مون سان گڏجي گهر هل ۽ هلي ماني کاءُ. 16 ۽ هن چيو تہ آءٌ تو سان موٽي هلي نٿو سگهان، نڪي تنهنجي گهر وڃي ٿو سگهان: نڪي هن هنڌ تو سان ماني کائيندس يا پاڻي پيئندس. 17 ڇالاءِ جو خدا جي ڪلام جي وسيلي مون کي چيو ويو هو تہ تون هتي نہ ماني کائج ۽ نہ پاڻي پيئج، نڪي جنهن رستي کان اچين تنهن رستي کان موٽي وڃج. 18 تڏهن هن اُنهيءَ کي چيو تہ جهڙو تون نبي آهين اهڙو آءٌ بہ آهيان؛ ۽ خداوند جي حڪم پٺيان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو تہ هن کي پاڻ سان وٺي پنهنجي گهر وڃ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي. پر هن اُنهيءَ کي ڪوڙ ڪري ائين چيو. 19 تڏهن هو اُنهيءَ سان گڏجي موٽي ويو، ۽ هن جي گهر ۾ ماني کاڌائين ۽ پاڻي پيتائين. 20 ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هو اڃا دسترخاني تي ويٺا هئا تيئن خداوند جو ڪلام انهيءَ نبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن هن کي موٽائي آندو. 21 ۽ جيڪو خدا جو ٻانهو يهوداہ کان آيو هو تنهن کي هن رڙ ڪري چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن تو خدا جي ڪلام جي نافرماني ڪئي آهي، ۽ جيڪو حڪم خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنو هو، تنهن جي تو تعميل نہ ڪئي آهي، 22 پر موٽي آئين، ۽ جنهن هنڌ بابت هن توکي چيو تہ نہ ماني کائج ۽ نہ پاڻي پيئج، انهيءَ هنڌ تو ماني کاڌي آهي ۽ پاڻي پيتو آهي؛ تنهنڪري تنهنجو لاش تنهنجي ابن ڏاڏن جي قبر ۾ نہ ايندو. 23 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو کائي پي چڪو تڏهن هن انهيءَ جي لاءِ، يعني جنهن نبيءَ کي موٽائي وٺي آيو هو، تنهن لاءِ گڏهہ تي زين وڌي. 24 ۽ جڏهن هو هليو ويو تڏهن رستي ۾ هڪڙو شينهن گڏيس جنهن ماري ڇڏيس: ۽ هن جو لاشو رستي تي ڪِري پيو ۽ گڏهہ اُنهيءَ جي ڀرسان بيهي رهيو؛ شينهن بہ لاش جي پاسي ۾ بيهي رهيو. 25 ۽ ڏس، اُتان ماڻهو اچي لنگهيا ۽ اُهو لاشو رستي تي پيل ۽ شينهن لاش جي ڀرسان بيٺل ڏٺائون: ۽ هنن اچي اُنهيءَ شهر ۾ اها ڳالهہ ڪئي، جتي اُهو ٻڍو نبي رهندو هو. 26 ۽ جڏهن انهيءَ نبيءَ اها ڳالهہ ٻڌي، جنهن هن کي رستي تان موٽائي آندو هو، تڏهن هن چيو تہ اُهو خدا جو ٻانهو آهي، جنهن خداوند جي ڪلام جي نافرماني ڪئي هئي: تنهنڪري خداوند انهيءَ کي شينهن جي حوالي ڪيو، جنهن ڦاڙي ماري ڇڏيو اٿس، جيئن ڪ خداوند جو ڪلام ٿيل هو، جنهن هن کي ائين چيو هو. 27 ۽ هن پنهنجن پٽن کي چيو تہ مون کي گڏهہ پلاڻي ڏيو. ۽ هنن اُهو پلاڻيو. 28 ۽ هن وڃي انهيءَ جي لاش کي رستي تي پيل، ۽ گڏهہ ۽ شينهن کي لاش جي ڀرسان بيٺل ڏٺو: شينهن لاش کي نہ کاڌو، نڪي گڏهہ کي ڦاڙيو هئائين. 29 پوءِ اُنهيءَ نبيءَ خدا جي ٻانهي جو لاش کڻي گڏهہ تي رکيو ۽ موٽائي کڻي آيس: هو ٻڍي نبيءَ جي شهر ۾ آيو، انهيءَ لاءِ تہ سندس ماتم ڪري، ۽ دفن بہ ڪريس. 30 ۽ هن اُنهيءَ جو لاش پنهنجي قبر ۾ رکيو، پوءِ هو مٿس ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ چيائون تہ افسوس، اي منهنجا ڀاءُ! 31 ۽ هيئن ٿيو تہ هن جي دفن ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي پٽن کي چيو تہ جڏهن آءٌ مران تڏهن مون کي بہ انهيءَ قبر ۾ دفن ڪجو جنهن ۾ اهو خدا جو ٻانهو دفن ڪيل آهي. 32 ڇالاءِ جو خداوند جي حڪم موجب جيڪو ڪلام هن بيت ايل ۾ قربانگاهہ، ۽ سامريہ جي شهرن ۾ جيڪي مٿانهن هنڌن تي گهر آهن، تن سڀني جي برخلاف ڪيو هو، سو ضرور پورو ٿيندو. 33 انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ بہ يربعام پنهنجي بڇڙي رستي کان باز نہ آيو، پر عام ماڻهن مان اُنهن مٿانهن هنڌن جا ڪاهن مقرر ڪيائين؛ جنهن جي مرضي ٿي ٿي، تنهن کي اُهو پاڪ عهدو ٿي ڏنائين، انهيءَ لاءِ تہ مٿانهن هنڌن جا ڪاهن ٿين. 34 ۽ اها ڳالهہ يربعام جي گهراڻي لاءِ گناهہ ٿي، جنهنڪري اُهو چٽ ٿي ويو، ۽ زمين جي سطح تان نيست نابود ٿي ويو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society