1.بادشاهَہ 1 - Sindhi Bible1 هاڻي دائود بادشاهہ ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿيو؛ ۽ هنن ڪپڙن سان گهڻو ئي ڍڪيس، پر هن ۾ گرمي پيدا نہ ٿي. 2 تنهنڪري نوڪرن چيس تہ اسان جي ڌڻيءَ بادشاهہ جي لاءِ ڪا ڪنواري ڇوڪري ڳولي هٿ ڪجي: ۽ اُها بادشاهہ جي اڳيان بيٺي رهي، ۽ سندس سنڀال ڪري؛ ۽ اُها تو وٽ سمهي تہ اسان جي ڌڻيءَ بادشاهہ کي گرمي پهچي. 3 تڏهن هنن اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ هڪڙي خوبصورت ڇوڪري ڳولي، ۽ شونميت ابي شاگ لڌائون، جا وٺي بادشاهہ وٽ آندائون. 4 اُها ڇوڪري نهايت حسين هئي؛ ۽ اُها بادشاهہ جي سنڀال لهڻ ۽ خدمت چاڪري ڪرڻ لڳي؛ پر بادشاهہ ساڻس صحبت نہ ڪئي. 5 تڏهن ادونياہ بن حجيت، وڏائيءَ جو دم هڻي چوڻ لڳو تہ آءٌ بادشاهہ ٿيندس: ۽ هن پنهنجي لاءِ گاڏيون ۽ گهوڙي سوار تيار ڪيا، ۽ پنجاهہ ماڻهو بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان ڊوڙي هلن. 6 ۽ هن جي پيءُ ڪڏهن بہ هن کي ڪجهہ چئي رنجيدو نہ ڪيو تہ ڇو هن ائين ڪيو آهي؟ ۽ هو تمام خوبصورت ماڻهو بہ هو؛ ۽ هو ابي سلوم کان ڄائو هو. 7 هن يوآب بن ضروياہ، ۽ ابياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي: ۽ هو ادونياہ جي پٺيان لڳي سندس مدد ڪرڻ لڳا. 8 پر صدوق ڪاهن، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ناتن نبي، ۽ سمعي، ۽ ريعي، ۽ جيڪي دائود جا بهادر مرد هئا، سي ادونياہ سان شامل نہ ٿيا. 9 ۽ ادونياہ زحلت جو پٿر، جو عين راجل جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ رڍون ۽ ڏاند ۽ پاليل پهرو ذبح ڪيا؛ ۽ هن پنهنجن سڀني ڀائرن، يعني بادشاهہ جي پٽن کي، ۽ سڀني يهوداہ جي ماڻهن، ۽ بادشاهہ جي نوڪرن کي دعوت ڏيئي سڏيو: 10 پر ناتن نبيءَ، ۽ بناياہ، ۽ بهادر مردن، ۽ پنهنجي ڀاءُ سليمان کي هن ڪين سڏيو. 11 تڏهن ناتن سليمان جي ماءُ بت سبع کي چيو، تہ تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ ادونياہ بن حجيت بادشاهي پيو ڪري، ۽ اسان جي ڌڻيءَ دائود کي انهيءَ جي خبر ئي ڪانهي؟ 12 تنهنڪري آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اچ تہ توکي صلاح ڏيان تہ تون پنهنجي، ۽ پنهنجي پٽ سليمان جي بہ حياتي بچائين. 13 تون بادشاهہ دائود وٽ وڃ، ۽ چئينس تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، تو پنهنجي ٻانهيءَ سان قسم کڻي نہ چيو هو ڇا تہ تنهنجو پٽ سليمان ضرور مون کان پوءِ بادشاهي ڪندو، ۽ منهنجي تخت تي ويهندو؟ تڏهن ادونياہ ڇو ٿو بادشاهي ڪري؟ 14 ڏس، جيسين تون بادشاهہ سان بيٺي ڳالهائيندينءَ تيسين آءٌ بہ تنهنجي پٺيان ايندس، ۽ تنهنجي ڳالهہ کي پڪو ڪندس. 15 پوءِ بت سبع بادشاهہ وٽ ڪوٺيءَ ۾ ويئي: ۽ بادشاهہ تمام ڪراڙو هو؛ ۽ شونميت ابي شاگ بادشاهہ جي خدمت چاڪري پئي ڪئي. 16 ۽ بت سبع ڪنڌ جهڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏني؛ ۽ بادشاهہ چيو تہ ڇا ٿي گهرين؟ 17 تڏهن هن چيس تہ اي منهنجا سائين، تو پنهنجي ٻانهيءَ سان خداوند پنهنجي خدا جو قسم کنيو هو، ۽ چيو هوءِ تہ مون کان پوءِ تنهنجو پٽ سليمان ضرور بادشاهي ڪندو، ۽ منهنجي تخت تي ويهندو. 18 ۽ هاڻي ڏس، ادونياہ بادشاهي پيو ڪري؛ ۽ منهنجا سائين بادشاهہ، توکي انهيءَ جي ڪابہ خبر ڪانهي: 19 ۽ هن ڏاند ۽ پاليل پهرو، ۽ گهڻيئي رڍون ذبح ڪيون آهن، ۽ بادشاهہ جي سڀني پٽن کي، ۽ ابياتر ڪاهن، ۽ يوآب سپهہ سالار کي سڏيو اٿس: پر تنهنجي ٻانهي سليمان کي هن ڪين سڏيو آهي. 20 ۽ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، ساري اسرائيل قوم جون اکيون تو تي آهن، انهيءَ لاءِ تہ تون هنن کي ٻڌائين تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ کان پوءِ ڪير تخت تي ويهندو. 21 نہ تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سمهندو، تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان ٻئي ڏوهاري شمار ٿينداسين. 22 ۽ ڏس، اڃا هن بادشاهہ سان پئي ڳالهايو تہ ناتن نبي اندر گهڙي آيو. 23 ۽ هنن بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، اِجهو ناتن نبي، ۽ جڏهن هو لنگهي بادشاهہ جي حضور ۾ آيو، تڏهن منهن زمين تي رکي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين. 24 ۽ ناتن چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، تو ائين چيو آهي ڇا تہ مون کان پوءِ ادونياہ بادشاهي ڪري، ۽ منهنجي تخت تي ويهي؟ 25 ڇالاءِ جو هو اڄ هيٺ لهي ويو آهي، ۽ گهڻيئي ڏاند، ۽ پاليل پهرو، ۽ رڍون ڪُٺيون اٿس، ۽ بادشاهہ جي سڀني پٽن، ۽ لشڪر جي سردارن، ۽ ابياتر ڪاهن کي سڏيو اٿس: ۽ ڏس، هو سندس اڳيان کائين ۽ پيئن ٿا، ۽ چون ٿا تہ خدا شل بادشاهہ ادونياہ کي سلامت رکي. 26 پر تنهنجي ٻانهي کي، يعني مون کي، ۽ صدوق ڪاهن، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ تنهنجي ٻانهي سليمان کي هن نہ سڏيو آهي. 27 اهو ڪم منهنجي ڌڻي بادشاهہ ڪيو آهي ڇا، ۽ تو پنهنجن ٻانهن کي نہ ٻڌايو آهي تہ کانئس پوءِ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي تخت تي ڪير ويهندو؟ 28 تڏهن بادشاهہ دائود ورندي ڏيئي چيو تہ بت سبع کي مون وٽ سڏيو، ۽ اُها بادشاهہ جي حضور ۾ آئي، ۽ اچي بادشاهہ جي اڳيان بيٺي. 29 تڏهن بادشاهہ قسم کڻي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن منهنجي روح کي سڀني مصيبتن کان بچايو آهي، 30 تہ حقيقت ۾ جيئن مون خداوند اسرائيل جي خدا جو قسم کڻي چيو هو تہ ضرور تنهنجو پٽ سليمان مون کان پوءِ بادشاهي ڪندو، ۽ منهنجي بجاءِ تخت تي ويهندو؛ ائين اڄوڪي ڏينهن آءٌ ضرور ڪندس. 31 تڏهن بت سبع منهن زمين تي جهڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏيئي چيو تہ شل منهنجو ڌڻي بادشاهہ دائود سدائين جيئرو رهي. 32 ۽ بادشاهہ دائود چيو تہ صدوق ڪاهن، ۽ ناتن نبي، ۽ بنياہ بن يهويدع کي مون وٽ سڏي اچو. ۽ اُهي بادشاهہ جي حضور ۾ آيا. 33 ۽ بادشاهہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر پاڻ سان وٺي وڃو، ۽ منهنجي پٽ سليمان کي، خود منهنجي خچر تي چاڙهي جيحون ڏي لاهي وٺي اچو: 34 ۽ صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي هن کي اُتي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪن: پوءِ اوهين قرناءِ وڄائي چئجو تہ خدا شل بادشاهہ سليمان کي سلامت رکي. 35 تنهن کان پوءِ اوهين هن جي پٺيان اچجو، ۽ هو اچي تخت تي ويهي؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي جاءِ تي بادشاهہ ٿيندو: ۽ مون هن کي اسرائيل، ۽ يهوداہ تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي. 36 ۽ بناياہ بن يهويدع بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ آمين: خداوند، منهنجي ڌڻي بادشاهہ جو خدا، بہ ائين ئي چئي. 37 جيئن ڪ خداوند منهنجي ڌڻي بادشاهہ سان رهيو آهي، تيئن هو شل سليمان سان رهي، ۽ هن جي تخت کي منهنجي ڌڻي دائود بادشاهہ جي تخت کان بہ وڏو ڪري. 38 تنهنڪري صدوق ڪاهن، ۽ ناتن نبي، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ڪريتي ۽ فليتي لهي ويا، ۽ سليمان کي بادشاهہ دائود جي خچر تي چاڙهي جيحون ۾ وٺي آيا. 39 ۽ صدوق ڪاهن تنبوءَ مان تيل جو سڱ کڻي سليمان کي مسح ڪيو. پوءِ هنن قرناءِ وڄائي؛ ۽ سڀني ماڻهن چيو تہ شل خدا بادشاهہ سليمان کي سلامت رکي. 40 ۽ سڀيئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي آيا، ۽ ماڻهن توتاريون وڄايون، ۽ ڏاڍيون خوشيون ڪيون، اهڙيون جو انهن جي آواز سان زمين ٿي ڦاٽي. 41 ۽ ادونياہ، ۽ جيڪي مهمان ساڻس هئا، تن سڀني جڏهن کائي بس ڪئي، تڏهن اُهو آواز ٻڌائون. ۽ جڏهن يوآب قرناءِ جو آواز ٻڌو تڏهن چوڻ لڳو تہ شهر ۾ هي گوڙ شور ڇالاءِ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي؟ 42 اڃا هن ايترو ڳالهايو تہ ڏسي تہ يونتن بن ابياتر ڪاهن اچي نڪتو: ۽ ادونياہ چيس تہ لنگهي اچ؛ ڇالاءِ جو تون لائق ماڻهو آهين، ۽ خوشخبري ٿو آڻين. 43 تڏهن يونتن ورندي ڏيئي ادونياہ کي چيو تہ اسان جي ڌڻيءَ بادشاهہ دائود حقيقت ۾ سليمان کي بادشاهہ ڪيو آهي: 44 ۽ بادشاهہ انهيءَ سان صدوق ڪاهن، ۽ ناتن نبي، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ڪريتي ۽ فليتي موڪليا آهن؛ ۽ انهن هن کي بادشاهہ جي خچر تي چاڙهيو آهي: 45 ۽ صدوق ڪاهن، ۽ ناتن نبيءَ هن کي جيحون ۾ بادشاهہ مسح ڪيو آهي: ۽ اُتان هو خوشيون ڪندا آيا آهن. جنهنڪري شهر ۾ هل مچي ويو آهي. هي گوڙ جو ٻڌو اٿوَ سو اُهو آهي. 46 ۽ سليمان بادشاهيءَ جي تخت تي بہ ويٺو آهي. 47 ۽ تنهن کان سواءِ بادشاهہ جا نوڪر اسان جي ڌڻيءَ بادشاهہ دائود کي دعا ڪرڻ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ شل تنهنجو خدا سليمان جو نالو تنهنجي نالي کان وڌائي، ۽ هن جو تخت تنهنجي تخت کان وڏو ڪري: ۽ بادشاهہ پاڻ کي هنڌ تي جهڪايو. 48 ۽ بادشاهہ هيئن بہ چيو تہ شل خداوند اسرائيل جو خدا برڪت وارو هجي، جنهن اڄوڪي ڏينهن منهنجي تخت تي ويهڻ لاءِ ڪو ڏنو آهي، ۽ اُهو منهنجين اکين ڏٺو آهي. 49 ۽ ادونياہ جا سڀ مهمان ڊڄي ويا، ۽ اُٿيا ۽ سڀڪو پنهنجو پنهنجو رستو وٺي هليو ويو. 50 ۽ ادونياہ کي سليمان جو ڊپ ٿيو؛ ۽ هن اُٿي وڃي قربانگاهہ جي سڱن کي جهليو. 51 ۽ سليمان کي ٻڌايائون تہ ڏس، ادونياہ سليمان بادشاهہ کان ڊڄي ٿو: ڇالاءِ جو هو قربانگاهہ جا سڱ جهلي پيو چوي تہ اڄ سليمان بادشاهہ مون کي قسم کڻي چوي تہ هو پنهنجي ٻانهي کي ترار سان قتل نہ ڪندو. 52 تڏهن سليمان چيو تہ جيڪڏهن هو لائق ماڻهو ٿي هلندو تہ هن جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو: پر جي هن ۾ ڪا شرارت لڀندي تہ هو مرندو. 53 پوءِ سليمان هن کي گهرايو، ۽ ماڻهو هن کي قربانگاهہ کان وٺي آيا. ۽ هن اچي سليمان بادشاهہ کي تعظيم ڏني، ۽ سليمان چيس تہ تون پنهنجي گهر هليو وڃ. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society