Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.يوحنا 5 - Sindhi Bible

1 جنهن کي اهو ايمان آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي، ۽ جيڪو پيدا ڪندڙ کي پيار ٿو ڪري، سو انهي کي بہ پيار ٿو ڪري جنهن کي هن پيدا ڪيو آهي.

2 جڏهن اسين خدا جي ٻارن کي پيار ٿا ڪريون، تڏهن ڄاڻون ٿا تہ خدا کي پيار ٿا ڪريون ۽ سندس حڪمن جا فرمانبردار آهيون.

3 ڇالاءِ جو خدا جو پيار اهو ئي آهي، تہ اسين سندس حڪمن جي تعميل ڪريون؛ ۽ هن جا حڪم سخت نہ آهن.

4 ڇالاءِ جو جيڪو خدا مان پيدا ٿيو آهي، سو دنيا تي غالب ٿو پوي؛ ۽ اهو غلبو جنهن دنيا کي فتح ڪيو آهي، سو اسان جو ايمان آهي.

5 ۽ دنيا کي مغلوب ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي، سواءِ انهي جي، جو اهو ايمان ٿو رکي تہ يسوع خدا جو فرزند آهي؟

6 هي اهو ئي آهي جو پاڻيءَ ۽ رت سان آيو، يعني يسوع مسيح. نہ رڳو پاڻيءَ سان، پر پاڻي ۽ رت ٻنهي سان.

7 ۽ جيڪو شاهدي ٿو ڏئي، سو روح آهي، ڇوتہ روح حق آهي.

8 ڇالاءِ جو شاهدي ڏيڻ وارا ٽي آهن: روح، پاڻي ۽ رت: ۽ اهي ٽيئي هڪڙي ئي ڳالهہ ٿا ڪن.

9 جيڪڏهن اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ٿا ڪريون، تہ خدا جي شاهدي انهي کان وڌيڪ آهي: ڇالاءِ جو خدا جي شاهدي هيءَ آهي، جا هن پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي.

10 جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻي، تنهن ۾ شاهدي موجود آهي: جيڪو خدا تي ايمان نٿو آڻي تنهن هن کي ڪوڙو ڪيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪا شاهدي خدا پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي، تنهن تي ايمان نہ آندو اٿس.

11 ۽ اها شاهدي هيءَ آهي، تہ خدا اسان کي هميشہ جي زندگي ڏني، ۽ اها زندگي سندس فرزند ۾ آهي.

12 جنهن وٽ فرزند آهي، تنهن وٽ زندگي آهي؛ جنهن وٽ خدا جو فرزند نہ آهي تنهن وٽ زندگي بہ ڪانهي.

13 اوهين جي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان ٿا رکو، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون لکيون آهن، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ اوهان کي هميشہ جي زندگي ملي آهي.

14 ۽ اها ئي همت اسان کي هن جي حضور ۾ آهي، تہ جيڪڏهن اسين سندس مرضيءَ موجب ڪا شيءِ گهُرون، تہ هو اسان جي ٻُڌي ٿو.

15 ۽ جيڪڏهن اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪو سوال اسين هن کي ڪريون ٿا سو هو ٻُڌي ٿو، ۽ اسين ايترو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪي عرض اسان کيس ڪيا آهن، سي قبول ٿيا آهن.

16 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ هجي، تہ عرض ڪري، ۽ خدا هن جي ڪري انهي کي زندگي ڏيندو، جي اهڙا گناهہ نٿا ڪن جن جو نتيجو موت آهي. اهڙو بہ گناهہ آهي جنهن جو نتيجو موت آهي؛ اُنهي بابت عرض ڪرڻ لاءِ آئون نٿو چوان.

17 هر طرح جي ناراستي گناهہ آهي: پر اهڙو بہ گناهہ آهي جنهن جو نتيجو موت نہ آهي.

18 اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪو خدا مان پيدا ٿيل آهي سو گناهہ نٿو ڪري؛ پر جيڪو خدا مان پيدا ٿيو هو، سو هن جي حفاظت ٿو ڪري، ۽ اهو بڇڙو کيس هٿ لائي نٿو سگهي.

19 اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا آهيون، پر سارو جهان انهي بڇڙي جي قبضي ۾ آهي.

20 ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.

21 اي ننڍڙا ٻارو، پاڻ کي بُتن کان بچائجو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan