1.يوحنا 4 - Sindhi Bible1 اي پيارو، سڀ ڪنهن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ خدا جي طرفان آهن يا نہ. ڇالاءِ جو گهڻا ئي ڪوڙا نبي دنيا ۾ نڪري پيا آهن. 2 خدا جي روح کي اوهين هن طرح سڃاڻندا؛ جيڪو روح قبول ڪري تہ يسوع مسيح مجسم ٿيو آهي، سو خدا جي طرفان آهي؛ 3 ۽ جيڪو روح يسوع کي نٿو مڃي، سو خدا جي طرفان ناهي. ۽ اهوئي مخالف مسيح جو روح آهي، جنهن جي بابت اوهان ٻُڌو آهي تہ اچڻ وارو آهي؛ بلڪ هاڻي ئي دنيا ۾ اچي چڪو آهي. 4 اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اوهين خدا جا آهيو، ۽ اُنهن تي غالب پيا آهيو؛ ڇالاءِ جو جيڪو اوهان ۾ آهي سو اُنهي کان وڏو آهي جو دنيا ۾ آهي. 5 هو دنيا جا آهن، تنهنڪري دنيا جون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ دنيا انهن جي ٻُڌي ٿي. 6 اسين خدا جا آهيون؛ جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو سو اسان جي ٻُڌي ٿو؛ جيڪو خدا جو ناهي سو اسان جي نٿو ٻُڌي. انهي مان اسين حق جي روح کي ۽ گمراهيءَ جي روح کي سڃاڻي ٿا وٺون. 7 اي پيارو، اچو تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون: ڇالاءِ جو پيار خدا جي طرفان آهي؛ ۽ جيڪو پيار ٿو ڪري سو خدا مان پيدا ٿيو آهي، ۽ خدا کي سڃاڻي ٿو. 8 جيڪو پيار نٿو ڪري سو خدا کي نٿو سڃاڻي؛ ڇالاءِ جو خدا پيار آهي. 9 خدا جو پيار، اسان منجهہ هن طرح ظاهر ٿيو جو خدا پنهنجو هڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ اسين انهي جي وسيلي جيئرا رهون. 10 پيار هن ۾ نہ آهي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر انهي ۾ آهي تہ هن اسان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي گناهن جي ڪفاري لاءِ پنهنجي فرزند کي موڪليائين. 11 اي پيارو، جڏهن خدا اسان کي اهڙو پيار ڪيو، تہ اسان کي بہ گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون. 12 ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڪڏهن خدا کي نہ ڏٺو آهي؛ جيڪڏهن اسين هڪٻئي کي پيار ٿا ڪريون تہ خدا اسان ۾ ٿو رهي، ۽ سندس پيار اسان ۾ ڪامل ٿيو آهي. 13 انهيءَ طرح اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين هن ۾ رهون ٿا، ۽ هو اسان ۾ ٿو رهي، ڇالاءِ جو هن پنهنجي روح مان اسان کي ڏنو آهي. 14 ۽ اسان ڏٺو آهي ۽ شاهدي ٿا ڀريون، تہ پيءُ پٽ کي موڪليو آهي تہ جهان جو نجات ڏيندڙ ٿئي. 15 جيڪو قبول ڪندو تہ يسوع خدا جو فرزند آهي، تنهن ۾ خدا رهي ٿو، ۽ اهو خدا ۾ ٿو رهي. 16 ۽ خدا جو پيار جو اسان ۾ آهي سو اسين ڄاڻون ٿا، ۽ انهي جو اسان کي پورو يقين ٿيو آهي تہ خدا پيار آهي ۽ جيڪو پيار ۾ ٿو رهي سو خدا ۾ ٿو رهي، ۽ خدا انهي ۾ ٿو رهي. 17 پيار اسان ۾ هن طرح ڪامل ڪيو ويو آهي تہ عدالت جي ڏينهن اسان کي تسلي هجي، ڇالاءِ جو جيئن هو آهي تيئن اسين بہ هن دنيا ۾ آهيون. 18 پيار ۾ ڪوبہ ڊپ ڪونهي: بلڪ ڪامل پيار ڊپ ڪڍي ٿو ڇڏي. ڇالاءِ جو ڊپ سزا جي ڪري ٿو ٿئي؛ ۽ جيڪو ڊڄي ٿو سو پيار ۾ ڪامل نہ ٿيو آهي. 19 اسين پيار انهي لاءِ ٿا ڪريون ڇالاءِ جو هن پهرين اسان کي پيار ڪيو. 20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ آئون خدا کي پيار ٿو ڪريان ۽ پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو رکي، تہ اُهو ڪوڙو آهي؛ ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري جنهن کي هن ڏٺو آهي، سو خدا کي پيار ڪري ڪين سگهندو، جنهن کي هن ڏٺو ئي ڪينهي. 21 ۽ هن کان اسان کي هي حڪم مليو آهي تہ جيڪو خدا کي پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي ڀاءُ کي بہ پيار ڪري. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society