Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.يوحنا 2 - Sindhi Bible

1 اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اهي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن انهي لاءِ ٿو لکان تہ اوهين گناهہ نہ ڪريو. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڻي گناهہ ڪري تہ پيءُ وٽ اسان جو هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني يسوع مسيح راستباز:

2 ۽ اهو ئي اسانجن گناهن جو ڪفارو آهي؛ ۽ نہ رڳو اسانجن گناهن جو، پر ساري دنيا جي گناهن جو.

3 ۽ جيڪڏهن اسين هن جا حڪم بجا آڻينداسين تہ انهي مان اسان کي معلوم ٿيندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا.

4 ۽ جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن کي سڃاڻان ٿو ۽ سندس حڪمن تي نٿو هلي، سو ڪوڙو آهي ۽ منجهس سچائي ڪانهي.

5 پر جيڪو هن جي ڪلام تي عمل ٿو ڪري، اُنهيءَ ۾ تحقيق خدا جي محبت ڪامل ٿي آهي. انهيءَ طرح اسان کي معلوم ٿو ٿئي تہ اسين اُنهيءَ ۾ قائم آهيون:

6 جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن ۾ رهان ٿو، تنهن کي گهرجي تہ پاڻ بہ ائين ئي هلي، جيئن هو هلندو هو.

7 اي پيارو، آئون اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نٿو لکان، پر اهو ئي اڳيون حڪم جو شروعات کان وٺي اوهان کي مليو هو: اڳيون حڪم اهو ئي ڪلام آهي جو اوهان شروع کان ٻُڌو.

8 وري اوهان ڏانهن هڪڙو نئون حڪم ٿو لکان، جا ڳالهہ منجهس توڙي اوهان ۾ سچي آهي؛ ڇالاءِ جو اوندهہ گذرندي ٿي وڃي، ۽ سچي روشني هاڻي چمڪڻ لڳي آهي.

9 جيڪو چوي ٿو تہ آئون سوجهري ۾ آهيان، پر پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو اڃا تائين اوندهہ ۾ آهي.

10 جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي پيار ٿو ڪري، سو روشنيءَ ۾ ٿو رهي، ۽ انهي کي گمراهہ ٿيڻ جو ڪوبہ سبب ڪونهي.

11 پر جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو اوندهہ ۾ آهي، ۽ اوندهہ ۾ پيو هلي، ۽ خبر نٿي پويس تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، ڇوتہ اوندهہ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي.

12 اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو سندس نالي ڪري اوهان جا گناهہ معاف ڪيا ويا آهن.

13 اي بزرگو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان، جو اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو. اي ننڍڙا ٻارو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، جو اوهين پيءُ کي سڃاڻو ٿا.

14 اي بزرگو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، تہ جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو، ۽ خدا جو ڪلام اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو.

15 دنيا سان محبت نہ رکو، نڪي انهن شين سان، جي دنيا ۾ آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو دنيا سان محبت رکي ٿو تہ انهيءَ ۾ پيءُ جي محبت ڪانهي.

16 ڇالاءِ جو جيڪي بہ دنيا ۾ آهي، يعني جسماني خواهش، ۽ اکين جي خواهش، ۽ حياتيءَ جي مغروري، سا پيءُ جي طرفان نہ آهي، پر دنيا جي طرفان آهي.

17 ۽ دنيا توڙي سندس خواهش ٻئي گذرنديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ تي ٿو هلي، سو هميشہ تائين قائم ٿو رهي.

18 اي ننڍڙا ٻارو، پڇاڙيءَ واري گهڙي اچي پهتي آهي: ۽ جيئن اوهان ٻُڌو آهي تہ مخالف مسيح اچڻ وارو آهي، تيئن هاڻي ئي گهڻا مخالف مسيح پيدا ٿيا آهن؛ تنهن مان اسين سمجهون ٿا تہ پوئين گهڙي اچي پهتي آهي.

19 اهي نڪتا تہ اسان منجهان ئي آهن، مگر اُهي اسان جا ڪين هئا؛ ڇالاءِ جو جي هو اسان منجهان هجن ها، تہ اسان سان گڏ ٿي رهندا اچن ها: پر هو نڪري ويا آهن، انهي لاءِ تہ ظاهر ٿئي تہ هو سڀ اسان منجهان ناهن.

20 ۽ انهي قدوس اوهان کي مسح ڪيو آهي، ۽ اوهين سڀ ڳالهيون ڄاڻو ٿا.

21 مون جو اوهان کي لکيو آهي سو هن ڪري نہ، تہ اوهان کي سچ جي خبر ڪانهي، پر هن ڪري تہ اوهان کي انهي جي خبر آهي، ۽ هن ڪري تہ سچ مان ڪو ڪوڙ نٿو نڪري.

22 ڪوڙو ٻيو ڪير آهي، سواءِ انهي جي، جو هن ڳالهہ جو انڪار ٿو ڪري تہ يسوع ئي مسيح آهي؟ مخالف مسيح بہ اهو ئي آهي، جو پيءُ ۽ پٽ کي مڃڻ کان انڪار ٿو ڪري.

23 جيڪو پٽ کي نٿو مڃي، تنهن وٽ پيءُ نہ آهي: جيڪو پٽ کي مڃي ٿو، تنهن وٽ پيءُ بہ آهي.

24 باقي اوهان جيڪي شروع کان ٻُڌو، سو اوهان ۾ قائم رهي. جيڪي شروع کان ٻُڌو اٿوَ، سو جيڪڏهن اوهان ۾ رهندو، تہ اوهين بہ پٽ توڙي پيءُ ٻنهي ۾ رهندا.

25 ۽ اهوئي واعدو آهي جو هن اسان سان ڪيو؛ يعني هميشہ جي زندگي.

26 هي ڳالهيون مون اوهان ڏانهن انهن بابت لکيون آهن، جي اوهان کي گمراهہ ڪيو ٿا ڇڏين.

27 باقي هن اوهان کي جيڪو مسح ڪيو آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهان کي انهي جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري، پر جيئن انهي جو مسح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو، ۽ اُهو سچو آهي ۽ ڪوڙو ڪينهي، ۽ جيئن انهي اوهان کي سيکاريو، تيئن اوهين منجهس قائم رهندا اچو.

28 ۽ هاڻي اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، انهي ۾ قائم رهجو، تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي تڏهن اسان کي همت هجي، ۽ اسين هن جي اچڻ مهل سندس اڳيان شرمندا نہ ٿيون.

29 جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا تہ هو راستباز آهي، تہ اها بہ خبر اٿوَ تہ جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو هن مان پيدا ٿيو آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan