Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.يوحنا 1 - Sindhi Bible

1 زندگيءَ جو ڪلام، جو شروعات کان وٺي هو، جو اسان ٻُڌو، ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ جو اسان غور سان ڏٺو ۽ هٿن سان ڇهيو، تنهن بابت

2 (۽ اها زندگي ظاهر ٿي، ۽ اسان ڏٺي آهي ۽ انهي جي شاهدي ٿا ڀريون، ۽ اُنهيءَ زندگيءَ، يعني هميشہ واري زندگيءَ جي خبر ٿا ڏيون، جا پيءُ سان هئي ۽ جا اسان تي ظاهر ٿي؛)

3 جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، سو اوهان کي بہ ٻُڌايون ٿا، تہ اوهين بہ اسان سان شريڪ ٿيو: ۽ اسان جي شراڪت پيءُ سان، ۽ سندس فرزند يسوع مسيح سان آهي.

4 ۽ اهي ڳالهيون اسين هن لاءِ ٿا لکون تہ اسان جي خوشي پوري ٿئي.

5 ۽ جيڪو پيغام اسان هن کان ٻُڌو، سو هي آهي ۽ اوهان کي ڏيون ٿا، تہ خدا روشني آهي، ۽ منجهس اوندهہ اصل ڪانهي.

6 جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان جي هن سان شراڪت آهي، ۽ اوندهہ ۾ هلون تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون، ۽ سچ تي نٿا هلون:

7 پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.

8 جيڪڏهن اسين چئون تہ اسين بي گناهہ آهيون، تہ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچائي ڪانهي.

9 جي اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ هو اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ، ۽ اسان کي سموري ناراستيءَ کان پاڪ ڪرڻ ۾ سچو ۽ عادل آهي.

10 جي اسين چئون تہ اسان گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، تہ هن کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ سندس ڪلام اسان ۾ نہ آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan