Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 9 - Sindhi Bible

1 آئون آزاد نہ آهيان ڇا؟ آئون رسول نہ آهيان ڇا؟ مون اسان جي خداوند يسوع کي نہ ڏٺو آهي ڇا؟ اوهين خداوند ۾ منهنجي ڪاريگري نہ آهيو ڇا؟

2 جيڪڏهن آئون ٻين جي لاءِ رسول نہ آهيان، تہ بہ لٿي پٿي اوهان جي لاءِ تہ آهيان؛ ڇالاءِ جو اوهين پاڻ خداوند ۾ منهنجي رسالت جي مُهر آهيو.

3 جيڪي منهنجو امتحان وٺڻ ٿا چاهين، تن کي منهنجو جواب هي آهي.

4 اسان کي کائڻ پيئڻ جو اختيار ڪونهي ڇا؟

5 اسان کي اهو اختيار ناهي ڇا تہ جيئن ٻيا رسول، ۽ خداوند جا ڀائر ۽ ڪيفاس ٿا ڪن، تيئن ڪنهن مسيحي زال سان شادي ڪري کيس پاڻ سان رکون؟

6 يا فقط مون کي ۽ برناباس کي اهو اختيار ڪونهي تہ پورهئي ڪرڻ کان نہ ڇُٽون؟

7 ڪڏهن ڪو سپاهي پنهنجي خرچ تي جنگ ڪري ٿو ڇا؟ اهو ڪير آهي جو ڊاک جو منهہ پوکي ٿو ۽ انهي جو ڦل نٿو کائي؟ يا ڪير ڌڻ چاري ٿو ۽ ڌڻ جو کير نٿو پيئي؟

8 اهي ڳالهيون آئون انسانن جي دستور موجب ٿو چوان ڇا؟ يا شريعت بہ ائين نٿي چوي ڇا؟

9 ڇالاءِ جو موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڏاند اَن ڳاهي، تڏهن اُن جو ٻُوٿ نہ ٻَڌ.“ هاڻي خدا کي رڳو ڏاندن جو فڪر آهي ڇا؟

10 يا هو خاص اسان جي لاءِ بہ ائين ٿو چوي؟ هائو، اهو اسان لاءِ لکيو ويو آهي، تہ هاريءَ کي اُميد رکي هر ڏيڻ گهرجي، ۽ جيڪو اَن ڳاهي ٿو تنهن کي اها اميد رکڻ گهرجي تہ انهي مان حصو ملندس.

11 جيڪڏهن اسان اوهان لاءِ روحاني شيون پوکيون، تہ اها ڪا وڏي ڳالهہ آهي ڇا تہ اسين اوهان جي جسماني شين ۾ حصيدار ٿيون؟

12 جيڪڏهن ٻين کي اوهان جي مٿان اهو اختيار آهي تہ اسان کي انهي کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ انهي هوندي بہ اسان اهو اختيار نہ هلايو، پر اسين سڀ ڪجهہ برداشت ٿا ڪريون، انهي لاءِ تہ مسيح جي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ نہ وجهون.

13 اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ خدمت ٿا ڪن سي هيڪل جي شين مان ٿا کائين؛ ۽ جيڪي قربانگاهہ جي خدمت ٿا ڪن، تن کي قربانگاهہ مان حصو ٿو ملي؟

14 انهيءَ طرح خداوند بہ ائين ٺهرايو آهي، تہ جيڪي انجيل جي منادي ٿا ڪن، تن جو گذران انجيل جي ڪري ئي ٿئي.

15 پر مون اهو رستو استعمال ڪونہ ڪيو آهي، ۽ آئون هي ڳالهيون انهي لاءِ نٿو لکان تہ منهنجي نسبت ۾ ائين ڪرڻ ۾ اچي. متان ڪو ماڻهو منهنجو فخر کسي وٺي تنهن کان منهنجي لاءِ مرڻ بهتر آهي.

16 ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون انجيل جي منادي ٿو ڪريان، تہ مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ڪونهي، ڇالاءِ جو اهو منهنجو فرض آهي. ۽ جيڪڏهن انجيل جي منادي نہ ڪريان، تہ منهنجي حال تي افسوس!

17 ڇالاءِ تہ جي آئون پنهنجي مرضيءَ سان ائين ٿو ڪريان تہ انهي جو مون کي اُجورو ٿو ملي، پر جي پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ ٿو ڪريان تہ پوءِ اِها مختياري مون کي سونپيل آهي.

18 تڏهن منهنجو اُجورو ڪهڙو ٿيو؟ اهو تہ جڏهن انجيل جي منادي ڪريان تڏهن اُها مفت ٻُڌايان، ۽ انجيل جي نسبت ۾ جيڪو منهنجو حق آهي، سو پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.

19 ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون سڀني ماڻهن کان آزاد هوس، تہ بہ مون پاڻ کي سڀني جو غلام ڪيو، انهي لاءِ تہ گهڻن کي ڇڪي آڻيان.

20 ۽ يهودين جي لاءِ آئون يهودين جهڙو ٿيس تہ يهودين کي هٿ ڪريان؛ جيڪي شريعت جي ماتحت آهن، انهن جي لاءِ آئون شريعت جي ماتحت ٿيس، جيتوڻيڪ آئون پاڻ شريعت جي ماتحت نہ هوس، سو انهي لاءِ تہ شريعت وارن کي هٿ ڪريان.

21 جن وٽ شريعت ڪانهي، تن جي لاءِ آئون بي شريعت جهڙو ٿيس، اگرچہ خدا جي اڳيان آئون بي شريعت نہ هوس، پر مسيح جي شريعت هيٺ هوس، سو انهي لاءِ تہ جيڪي بي شريعت آهن تن کي هٿ ڪريان.

22 ڪمزورن جي لاءِ آئون ڪمزور ٿيس تہ ڪمزورن کي بچايان، آئون سڀني ماڻهن جي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿيو آهيان، تہ هر طرح سان ڪن کي بچايان.

23 ۽ آئون انجيل جي واسطي سڀ ڪجهہ ٿو ڪريان، تہ انهيءَ جي بخشش ۾ حصيدار ٿيان.

24 اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ شرط ۾ ڊوڙڻ وارا تہ سڀيئي ٿا ڊوڙن، مگر انعام فقط هڪڙي کي ٿو ملي؟ اوهين بہ اهڙيءَ طرح ڊوڙو جو انعام حاصل ڪريو.

25 هرڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. هاڻي هو جو ائين ٿا ڪن، سو فاني تاج حاصل ڪرڻ لاءِ، پر اسين غير فانيءَ لاءِ.

26 تنهنڪري آئون بہ بي ٺڪاڻي نٿو ڊوڙان؛ نڪي آئون هوا کي مُڪون ٿو هڻان؛

27 بلڪ آئون پنهنجي بدن کي مُڪون ٿو هڻان ۽ انهي کي قابو ٿو ڪريان، تہ متان ٻين کي منادي ڪرڻ کانپوءِ پاڻ قبول نہ پوان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan