1.ڪرنٿين 8 - Sindhi Bible1 هاڻي بُتن جي قربانين جي بابت: اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان سڀني کي علم آهي. علم مغروري پيدا ٿو ڪري، پر محبت مان سڌارو ٿو ٿئي. 2 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀانئين تہ آئون ڪي ڪجهہ ڄاڻان ٿو، تہ هو اڃا ايترو نٿو ڄاڻي جيترو ڄاڻڻ گهرجي. 3 پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا سان محبت ٿو رکي، تہ خدا هن کي سڃاڻي ٿو. 4 هاڻي جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور ٿا چاڙهين تن بابت، اسان کي خبر آهي تہ بُت دنيا ۾ ڪي بہ ڪين آهن، ۽ هڪڙي کانسواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي. 5 ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آسمان ۾ توڙي زمين تي گهڻا ئي آهن جن کي خدا ڪري ٿا سڏين، جيئن تہ گهڻا ئي ديوتا ۽ ڌڻي آهن، 6 تہ بہ اسان جي لاءِ هڪڙو ئي خدا آهي، يعني پيءُ، جنهن کان سڀ شيون آهن، ۽ اسين بہ انهي لاءِ آهيون، ۽ خداوند بہ هڪڙو ئي آهي، يعني يسوع مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون موجود آهن، ۽ اسين بہ انهي جي وسيلي آهيون. 7 انهي هوندي بہ سڀني ماڻهن کي اهو علم ڪونهي. پر ڪي، جي اڄ تائين بُتن تي هريل آهن، سي جڏهن قرباني چاڙهيل شيءِ مان کائين ٿا، تڏهن اُنهن جي دل پختي نہ هئڻ ڪري پليت ٿي پوي ٿي. 8 پر کاڌو خدا وٽ اسان جي سفارش ڪانہ ڪندو، نڪي جي نہ کائينداسين تہ اسان کي ڪو نقصان پهچندو، نڪي جي کائينداسين تہ اسان کي ڪو فائدو ٿيندو. 9 پر خبردار رهو متان اوهان جي هن آزاديءَ جي ڪري جيڪي بہ ايمان ۾ ڪمزور آهن سي گمراهہ ٿي وڃن. 10 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪو، تو علم واري کي بُتن جي مندر ۾ ويهي بُتن تي چاڙهيل قربانيءَ جون شيون کائيندو ڏسي، تہ جي هن جو ايمان ڪمزور هوندو تہ هن جي دل ڪانہ ٿيندي تہ جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور چاڙهيل آهن سي هو بہ کائي؟ 11 ائين تنهنجي علم جي ڪري اهو جو ايمان ۾ ڪمزور آهي سو برباد ٿو ٿئي، يعني اُهو ڀاءُ، جنهن جي لاءِ مسيح مُئو. 12 انهيءَ طرح جڏهن اوهين ڀائرن جو گناهہ ٿا ڪريو، ۽ هنن جي ڪمزور دلين کي زخمي ٿا ڪريو، تڏهن اوهين مسيح جا گنهگار ٿا ٿيو. 13 تنهنڪري جي کاڌو منهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ٿو ڪري تہ آئون ڪڏهن بہ گوشت نہ کائيندس، تہ متان آئون پنهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ڪريان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society