1.ڪرنٿين 7 - Sindhi Bible1 هاڻي جن ڳالهين بابت اوهان لکيو هو، تن بابت منهنجو چوڻ آهي، تہ ماڻهوءَ لاءِ چڱو ائين آهي تہ ڪنهن زال کي هٿ نہ لائي. 2 پر متان زناڪاريون ٿين، تنهنڪري ڀلي تہ هرڪو مرد ۽ هرڪا زال شادي ڪري. 3 مڙس، زال جا حق ادا ڪري، ۽ ساڳيءَ طرح زال بہ مڙس جو حق ادا ڪري. 4 زال پنهنجي بدن جي مختيار نہ آهي، پر سندس مڙس؛ ۽ ساڳيءَ طرح مڙس بہ پنهنجي بدن جو مختيار نہ آهي، پر سندس زال. 5 اوهين هڪ ٻئي کان ڌار نہ رهو، پر فقط ٿوري وقت لاءِ ٻنهي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ اوهين دعا ۾ لڳي سگهو. ۽ پوءِ وري پاڻ ۾ گڏ ٿيو، متان نفس جي غالب پوڻ ڪري شيطان اوهان کي آزمائي. 6 پر انهيءَ ڳالهہ جي آئون اجازت ٿو ڏيان ۽ نہ حڪم ٿو ڪريان. 7 انهي هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون جهڙا هجن. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خدا کان پنهنجي پنهنجي بخشش ملي آهي، هڪڙي کي هِن طرح، ٻئي کي هُن طرح. 8 پر ڪنوارين ۽ بيوهہ زالن کي منهنجو چوڻ آهي تہ جيئن آئون اڪيلو ٿو رهان، تيئن هو بہ رهن تہ چڱو آهي. 9 پر جي هو پاڻ کي جهلي نٿيون سگهن تہ ڀلي پرڻجن. ڇالاءِ جو سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي. 10 جيڪي پرڻيل آهن تن کي آئون نہ پر خداوند حڪم ٿو ڏئي، تہ زال پنهنجي مڙس کان ڌار نہ ٿئي، 11 (پر جي کڻي ڌار ٿئي تہ وري نہ پرڻجي، يا وري پنهنجي مڙس سان پرچي وڃي؛) ۽ مڙس پنهنجي زال کي طلاق نہ ڏئي. 12 باقي ٻين کي منهنجو چوڻ آهي، نہ خداوند جو، تہ جيڪڏهن ڪنهن ڀاءُ جي زال ٻئي دين جي هجي، ۽ اُها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي، تہ هو اُنهي کي ڇڏي نہ ڏئي. 13 ۽ جنهن زال جو مڙس ٻئي دين جو هجي، ۽ اُهو ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي، تہ اُها پنهنجي مڙس کي ڇڏي نہ ڏئي. 14 ڇالاءِ تہ جيڪو مڙس ٻئي مذهب جو آهي سو زال جي ڪري پاڪ ٿو ٿئي، ۽ جيڪا زال ٻئي مذهب جي آهي سا مسيحي مڙس جي ڪري پاڪ ٿي ٿئي. نہ تہ جيڪر اوهان جا ٻار ناپاڪ ٿي پون، پر هاڻ اُهي پاڪ آهن. 15 پر جي ٻئي دين وارو ساٿي ڌار ٿيڻ گهُري تہ ڀلي ڌار ٿئي؛ اهڙيءَ حالت ۾ ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ ٻَڌل نہ آهي. ڇالاءِ جو خدا اسان کي اطمينان جي لاءِ سڏيو آهي. 16 اي زال، توکي ڪهڙي خبر تہ شايد تنهنجي ڪري تنهنجو مڙس بچي پوي؟ يا اي مڙس، توکي ڪهڙي خبر تہ شايد تنهنجي ڪري تنهنجي زال بچي پوي؟ 17 رڳو جيئن خداوند هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو حصو ورهائي ڏنو آهي، ۽ جيئن خدا هر هڪ کي سڏيو آهي، تيئن اهو هلي. ۽ اهو قانون آئون سڀني ڪليسيائن جي لاءِ مقرر ڪري ٿو ڇڏيان. 18 جيڪڏهن ڪو مختون سڏيو وڃي تہ اُهو ختني سان ئي رهي. جيڪڏهن ڪو نامختون سڏيو وڃي تہ اُهو ختنو نہ ڪرائي. 19 ختنو ڪرائڻ توڙي نہ ڪرائڻ ڪي بہ ڪينهي پر خدا جي حڪمن تي هلڻ سڀ ڪجهہ آهي. 20 هرڪو ماڻهو اُنهي حالت ۾ رهي جنهن ۾ هو سڏيو ويو هجي. 21 جي تون غلاميءَ ۾ سڏيو ويو هجين تہ فڪر نہ ڪر. پر جي آزاد ٿي سگهين تہ اُهو بهتر ڄاڻ. 22 ڇالاءِ جو جيڪو غلاميءَ جي حالت ۾ خداوند ۾ سڏيو ويو، سو خداوند جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو آزاديءَ جي حالت ۾ سڏيو ويو، سو مسيح جو غلام آهي. 23 اوهين ملهہ ڳڌل آهيو، ماڻهن جا غلام نہ ٿيو. 24 اي ڀائرو، سڀڪو ماڻهو جنهن حالت ۾ سڏيو ويو هجي، تنهن ۾ خدا سان رهي. 25 هاڻي ڪنوارين جي نسبت ۾ مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آئون پنهنجي راءِ انهي ماڻهوءَ وانگر ٿو ڏيان، جو خدا جي رحم ڪري معتبر آهي. 26 منهنجي خيال ۾ هاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري بهتر هيئن آهي، تہ جهڙو ماڻهو آهي تهڙو رهي. 27 جيڪڏهن تنهنجي زال آهي تہ ڌار ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪر. جيڪڏهن تنهنجي زال ڪانهي تہ زال جي ڳولا نہ ڪر. 28 پر جي شادي ڪندين تہ بہ تو گناهہ ڪونہ ڪيو، ۽ جي ڪا ڪنواري شادي ڪري تہ بہ گناهہ ڪونہ ڪيائين. مگر جيڪي شادي ٿا ڪن سي دنياوي ڏک سهندا، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين انهن کان بچيا رهو. 29 پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ وقت تنگ اچي ٿيو آهي، تنهنڪري اڳتي سگهرا ڇڙن جهڙا ٿي رهن، 30 ۽ جيڪي روئن ٿا سي بہ اهڙا ٿين ڄڻ تہ هو روئن ئي نٿا؛ ۽ جيڪي خوشي ٿا ڪن سي اهڙا ٿين جو ڄڻ تہ هو خوشي ڪانہ ٿا ڪن، ۽ جيڪي خريد ٿا ڪن سي اهڙا ٿين جو ڄڻ تہ هنن وٽ ڪابہ ملڪيت ڪانهي؛ 31 جيڪي دنياداريءَ ۾ آهن سي انهي ۾ غلطان نہ ٿين، ڇالاءِ جو هن دنيا جو ڍنگ مٽجندو ٿو وڃي. 32 منهنجي مرضي آهي تہ اوهين فڪرن کان آزاد رهو. جيڪو ڪنوارو آهي سو خداوند جي ڳالهين بابت، انهي فڪر ۾ ٿو رهي تہ ڪهڙي طرح خداوند کي راضي ڪريان؛ 33 پر جيڪو پرڻيل آهي سو دنيا جي ڳالهين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ ڪيئن پنهنجي زال کي راضي رکان. 34 پر پرڻيل زال ۽ ڪنواريءَ جي وچ ۾ بہ تفاوت آهي. جيڪا ڪنواري آهي سا خداوند جي ڳالهين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ جسم ۾ توڙي روح ۾ پاڪ رهي، پر جيڪا پرڻيل آهي سا دنيا جي شين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي مڙس کي راضي رکان. 35 ۽ اهو آئون اوهان جي فائدي لاءِ ٿو چوان، نہ انهي لاءِ تہ اوهان کي ڦاسايان، پر انهي لاءِ تہ جيئن مناسب آهي تيئن اوهين بنا ڪنهن رنڊڪ جي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رهيو. 36 جي ڪو ماڻهو سمجهي تہ هو پنهنجي مَڱ سان واجب هلت نٿو هلي، ۽ جي هن جي خواهش آهي تہ جيئن وڻيس تيئن ڪري: ڀلي تہ شادي ڪن، انهي ۾ گناهہ ڪونهي. 37 پر جيڪو پنهنجي دل ۾ قائم ٿو رهي ۽ اهڙي ڪابہ ضرورت نٿي ٿئيس، بلڪ پنهنجي ارادي جي پوري ڪرڻ جي طاقت اٿس، ۽ پنهنجي دل ۾ اهو پڪو ٺهراءُ ڪيو اٿس تہ پنهنجي مَڱ کي ڪنواري رکندس، تہ ائين چڱو ٿو ڪري. 38 انهيءَ طرح جيڪو پنهنجي مَڱ سان شادي ٿو ڪري، سو چڱو ٿو ڪري، ۽ جيڪو شادي نٿو ڪري، سو وڌيڪ چڱو ٿو ڪري. 39 زال ايتري عرصي تائين مڙس سان ٻَڌل آهي، جيستائين هو جيئرو آهي پر جڏهن مڙس مري ٿو وڃي، تڏهن آزاد ٿي ٿئي، پوءِ جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، پر رڳو خداوند ۾. 40 پر جي نہ پرڻبي تہ منهنجي راءِ ۾ زيادہ خوش رهندي: ۽ آئون ڀانيان ٿو تہ خدا جو روح مون ۾ بہ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society