1.ڪرنٿين 6 - Sindhi Bible1 اوهان مان ڪنهن کي اهڙي همت آهي ڇا تہ جي ٻئي ڪنهن سان معاملو هجيس تہ فيصلي جي لاءِ پاڪ ٿيلن وٽ نہ، پر بي دينن وٽ وڃي؟ 2 يا ايترو نٿا ڄاڻو ڇا تہ پاڪ ٿيل دنيا جو انصاف ڪندا؟ ۽ جي دنيا جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ ننڍڙن معاملن جي فيصل ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟ 3 اوهين ايترو نٿا ڄاڻو ڇا تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تڏهن دنياوي معاملا ڇو نہ فيصل ڪريون؟ 4 تنهنڪري جي اوهان کي دنياوي معاملا فيصل ڪرائڻا هجن، تہ انهن جي فيصلي لاءِ جيڪي ڪليسيا ۾ ڪين جهڙا ٿا ليکجن تن کي مقرر ڪندا ڇا؟ 5 اهو اوهان کي انهي ڪري ٿو چوان تہ شرم اچيوَ. ائين آهي ڇا تہ اوهان ۾ هڪڙو ڏاهو ماڻهو بہ لڀي نٿو سگهي، جو پنهنجن ڀائرن جو فيصلو ڪري، 6 پر ڀاءُ ڀاءُ تي مقدمو ٿو هلائي، سو بہ بي دينن جي اڳيان؟ 7 پر حقيقت ڪري اها اصل اوهان جي شڪست آهي جو اوهين هڪ ٻئي تي مقدما ٿا ڪريو. انهي کان ظلم سهڻ ڇو نٿا بهتر ڄاڻو؟ ۽ ڦرجڻ ڇو نٿا قبول ڪريو؟ 8 پر اوهين پاڻ ظلم ٿا ڪريو ۽ ڦريو پيا، سو بہ پنهنجن ڀائرن کي. 9 يا اوهين نٿا ڄاڻو تہ بدڪار خدا جي بادشاهت جا وارث نہ ٿيندا؟ ڀلجي نہ وڃو، نڪي زناڪار، نڪي بُت پرست، نڪي حرامڪار، نڪي عياش، نڪي لونڊي باز، 10 نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گارگند ڏيندڙ، نڪي ظالم خدا جي بادشاهت جا وارث ٿيندا. 11 ۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا. 12 سڀ شيون منهنجي لاءِ روا آهن، پر سڀ شيون فائدي واريون نہ آهن. سڀ شيون منهنجي لاءِ روا تہ آهن، پر آئون ڪنهن جو بہ غلام ڪين ٿيندس. 13 کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ، پر خدا ٻنهي کي چٽ ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ جي لاءِ ڪينهي پر خداوند جي لاءِ آهي، ۽ خداوند بدن جي لاءِ آهي. 14 ۽ خدا اسان کي بہ پنهنجي قدرت سان اُٿاريندو، جنهن خداوند کي بہ جياري اُٿاريو. 15 اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جا بدن مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن آئون مسيح جا عضوا کڻي ڪنهن ڪسبيءَ جا عضوا ڪريان ڇا؟ اصل ئي نہ! 16 يا اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪو ڪڃريءَ سان گڏ ٿو ٿئي، سو اُنهي سان هڪ بدن ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”اُهي ٻئي هڪڙو جسم ٿي پوندا.“ 17 پر جيڪو خداوند سان گڏ ٿو ٿئي، سو انهي سان هڪڙو روح ٿيو پوي. 18 زناڪاريءَ کان ڀڄو جيڪو بہ گناهہ ماڻهو ڪري ٿو، سو بدن کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ٿو ڪري، سو خود پنهنجي بدن جي برخلاف گناهہ ٿو ڪري. 19 اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جي هيڪل آهي، جو اوهان ۾ رهي ٿو ۽ جو اوهان کي خدا کان مليل آهي؟ ۽ اوهين پاڻ پنهنجا نہ آهيو؛ 20 ڇالاءِ تہ ملهہ ڳڌل آهيو. تنهنڪري پنهنجي بدن سان خدا جو جلال ظاهر ڪريو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society