Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 5 - Sindhi Bible

1 ايتري قدر بہ ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي تہ اوهان ۾ زناڪاري آهي، ۽ زناڪاري بہ اهڙي جا غير قومن ۾ بہ ڪانهي؛ بلڪ اوهان مان هڪڙو تہ پنهنجي پيءُ جي زال ويهاريو ويٺو آهي.

2 اوهين انهي تي افسوس تہ ڪونہ ٿا ڪريو، تہ جنهن اهڙو ڪم ڪيو آهي تنهن کي پنهنجي وچان ڪڍي ڇڏڻ بدران پاڻ ٻٽاڪون پيا هڻو.

3 ڇالاءِ جو آئون جو جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، پر روح جي ڪري حاضر آهيان، سو انهي ڪم ڪرڻ واري تي اڳيئي خداوند يسوع جي نالي اهڙي طرح فتويٰ ڏيئي چڪو آهيان ڄڻ تہ آئون هڪيو حاضر هوس.

4 جڏهن اوهين ۽ منهنجو روح خداوند يسوع جي قدرت سان پاڻ ۾ گڏجو،

5 تڏهن اهڙي شخص کي جسم جي برباديءَ لاءِ شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ هن جو روح خداوند يسوع جي ڏينهن بچي پوي.

6 اوهين جو فخر ٿا ڪريو سو چڱو نہ آهي. اها خبر نہ اٿوَ ڇا، تہ ٿورو ئي خمير ساري ڳوهيل اٽي کي خميرو ڪيو ڇڏي؟

7 جيئن تہ اوهين بي خمير آهيو، پراڻو خمير ڪڍي ڦٽو ڪريو، تہ نئون تازو ڳوهيل اٽو ٿي پئو. ڇالاءِ جو اسان جو فسح بہ قربان ٿي ويو آهي، يعني مسيح.

8 تنهنڪري اچو تہ عيد ڪريون، نہ پراڻي خمير سان، نڪي برائيءَ ۽ شرارت جي خمير سان، پر صاف دليءَ ۽ سچائيءَ جي بي خميري مانيءَ سان.

9 مون پنهنجي خط ۾ اوهان ڏانهن لکيو هو تہ زناڪارن سان صحبت نہ رکو.

10 ائين نہ آهي تہ هن جهان جي زناڪارن سان يا لالچين ۽ ظالمن سان، يا بت پرستن سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان اوهان کي ضرور جهان مان نڪري وڃڻو پوندو.

11 پر هاڻي آئون اوهان کي لکان ٿو تہ جيڪي ڀائر ٿا سڏائين، تن مان جيڪڏهن ڪو زناڪار، يا لالچي، يا بت پرست، يا گلاخور، يا شرابي، يا ظالم هجي تہ انهي سان صحبت نہ رکو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ سان گڏ کائو بہ نہ.

12 ڇالاءِ تہ جيڪي ڌاريا آهن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ائين نہ آهي ڇا تہ اوهين انهن تي فتويٰ ڏيندا جي پنهنجا آهن؟

13 پر جيڪي ٻاهر آهن تن تي خدا فتويٰ ٿو ڏئي. سو اُنهي شرير ماڻهوءَ کي پاڻ منجهان ڪڍي ڇڏيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan