Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 4 - Sindhi Bible

1 گهرجي تہ ماڻهو اسان کي مسيح جا خادم ۽ خدا جي رازن جا مختيار سمجهن.

2 هاڻي مختيارن ۾ اها ڳالهہ ضروري آهي تہ هو ايماندار هجن.

3 پر منهنجي نظر ۾ اها ڳالهہ تمام خسيس آهي تہ اوهين يا ڪابہ انساني عدالت منهنجي جاچ ڪري، بلڪ آئون پاڻ بہ پنهنجي جاچ نٿو ڪريان.

4 ڇالاءِ جو آئون پنهنجي برخلاف ڪي بہ ڪين ٿو ڄاڻان، تڏهن بہ انهي ڪري آئون راستباز نٿو ٺهرجان. پر منهنجو جاچيندڙ خداوند آهي.

5 تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.

6 هاڻي اي ڀائرو، انهن ڳالهين ۾ مون اوهان جي خاطر پنهنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين اسان کان سکو تہ جيڪي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تنهن موجب هلو، ۽ اوهان مان ڪو هڪڙي جو طرف وٺي ٻئي جي برخلاف نہ ڳالهائي.

7 ڇالاءِ جو تو ۾ ۽ ٻئي ۾ تفاوت ڪير ٿو پيدا ڪري؟ ۽ تو وٽ اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا توکي نہ ملي آهي؟ پر جي اُها توکي مفت ملي آهي، تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين، جو ڄڻ تہ ڪانہ ملي اٿيئي؟

8 اوهين اڳيئي ڍاول آهيو! اوهين اڳيئي دولتمند ٿيا آهيو! اوهان اسان کانسواءِ بادشاهي ڪئي آهي! هائو، شل اوهين بادشاهي ڪريو، تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ بادشاهي ڪريون!

9 ڇالاءِ جو آئون ڀانيان ٿو تہ خدا اسان رسولن کي سڀني کان پويون ٺهرائي، اهڙن ماڻهن وانگر پڌرو ڪيو آهي، جن کي موت جي سزا ڏنل هجي؛ هن ڪري جو اسين جهان ۽ ملائڪن ۽ ماڻهن لاءِ هڪڙو تماشو ڪيا ويا آهيون.

10 اسين مسيح جي خاطر بيوقوف آهيون، پر اوهين مسيح ۾ ڏاها آهيو؛ اسين ضعيف آهيون، پر اوهين زور وارا آهيو. اوهين عزت وارا آهيو، پر اسين بي عزت آهيون.

11 بلڪ هن گهڙيءَ تائين اسين بکيا ۽ اُڃيا ۽ اُگهاڙا بہ آهيون، ۽ ڌڪا پيا کائون، ۽ ڪا رهڻ جي جاءِ ڪانہ اٿئون؛

12 ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪيو پيا هڄون. جڏهن اسان کي گهٽ وڌ ٿا ڳالهائين، اسين کين دعا ٿا ڏيون، جڏهن اسان کي ستائين ٿا، اسين صبر سان پيا سهون؛

13 جڏهن اسان جي بدنامي ٿا ڪن، اسين منٿ زاري ٿا ڪريون؛ اسين هن وقت تائين جهان جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جي ٻهر وانگر پيا ليکجون.

14 آئون هي ڳالهيون انهي لاءِ نٿو لکان تہ اوهان کي شرمندو ڪريان، پر پنهنجا پيارا ٻار ڄاڻي اوهان کي نصيحت ٿو ڪريان.

15 ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ اوهان کي مسيح ۾ ڏهہ هزار اُستاد هجن تہ بہ اوهان جا گهڻا ابا ناهن. ڇالاءِ جو خوشخبريءَ جي وسيلي آئون ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ پيءُ ٿيس.

16 تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين بہ مون جهڙا ٿيو.

17 انهي سبب ڪري مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو ۽ ايماندار فرزند آهي، ۽ اُهو منهنجي هلت چلت جا مسيح ۾ آهي سا اوهان کي ياد ڏياريندو، جيئن ڪ آئون جتي ڪٿي سڀ ڪنهن ڪليسيا ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان.

18 هاڻي ڪي ٻٽاڪ پيا هڻن، جو ڀائين ٿا تہ آئون اوهان وٽ ايندس ئي ڪونہ.

19 پر جي خدا جي مرضي ٿي تہ آئون جلد اوهان وٽ ايندس، ۽ جيڪي ٻٽاڪي آهن تن جي ڳالهين جي نہ، پر هنن جي طاقت جي خبر لهندس.

20 ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت ڳالهين تي نہ پر طاقت تي منحصر آهي.

21 اوهين ڇا ٿا گهُرو؟ آئون لٺ کڻي اوهان وٽ اچان يا پيار ۽ نرم مزاجيءَ سان؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan