1.ڪرنٿين 2 - Sindhi Bible1 اي ڀائرو، جڏهن آئون اوهان وٽ آيس، تڏهن اعليٰ درجي جي تقرير ۽ ڏاهپ سان خدا جي راز جي منادي ڪين ڪيم. 2 ڇالاءِ جو مون پڪو ارادو ڪيو هو تہ اوهان منجهہ رهي، يسوع مسيح، بلڪ مسيح مصلوب کانسواءِ، ٻيو ڪي ڪين ڄاڻيندس. 3 ۽ جڏهن آئون اوهان وٽ هوس، تڏهن ڪمزوريءَ، ۽ گهڻي ڊپ، ۽ ڏڪڻيءَ جي حالت ۾ رهيس. 4 ۽ منهنجي تقرير ۽ منهنجي منادي ڏاهپ جي دلڪش لفظن ۾ نہ هئي، مگر روح ۽ قدرت جي ڪري ثابت ٿي ويئي، 5 انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان اسان جي ڏاهپ تي نہ، پر خدا جي قدرت تي قائم رهي. 6 انهي هوندي بہ جيڪي ڪامل آهن، تن کي اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ٻُڌايون. پر نہ هن دنيا جي ڏاهپ، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي ڏاهپ، جي نيست ٿي ويندا. 7 پر اسين هڪ راز يعني خدا جي اُها دانائي جا پوشيدہ هئي، ۽ جنهن کي خدا جهان جي شروعات کان اڳيئي اسان جي جلال لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن جو بيان ٿا ڪريون. 8 هن جهان جي حاڪمن مان ڪنهن کي انهي جي سمجهہ ڪانہ هئي؛ ڇالاءِ تہ جي کين انهي جي سمجهہ هجي ها، تہ جلال واري خداوند کي صليب تي ڪين چاڙهين ها. 9 پر جيئن لکيل آهي، تہ ”جيڪي شيون اکين نہ ڏٺيون ۽ ڪنن نہ ٻُڌيون، ۽ جي ماڻهوءَ جي خيال ۾ نہ آيون، سي سڀ خدا اُنهن جي لاءِ تيار ڪيون جي کيس پيار ٿا ڪن.“ 10 اُهي خدا پنهنجي روح جي وسيلي اسان تي ظاهر ڪيون: ڇالاءِ جو روح سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو، بلڪ خدا جي ڳوڙهين ڳالهين کي سمجهي ٿو وٺي. 11 ڇوتہ ماڻهن منجهہ اهو ڪير آهي جو ماڻهوءَ جا خيال ٿو سمجهي، سواءِ انهي ماڻهوءَ جي روح جي، جو منجهس آهي؟ ساڳيءَ طرح خدا جا خيال خدا جي روح کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ ٿو سمجهي. 12 ۽ اسان کي دنيا جو روح نہ، پر اهو روح مليو جو خدا جي طرفان آهي، انهي لاءِ تہ اسين خدا جي نعمتن کي سمجهي سگهون. 13 انهن ڳالهين جو اسين اهڙن لفظن ۾ بيان نٿا ڪريون، جي ماڻهوءَ جي ڏاهپ ٿي سيکاري، پر اهڙن ۾ جي روح ٿو سيکاري، ۽ روحاني ڳالهين جو روحاني ڳالهين سان مقابلو ٿا ڪريون. 14 هاڻي جسماني ماڻهو خدا جي روح جون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، ڇالاءِ جو اُهي هن جي لاءِ بيوَقوفي آهن، ۽ اهي هو سمجهي بہ نہ ٿو سگهي، ڇالاءِ جو اهي روحاني طرح جاچي سگهبيون آهن. 15 پر جيڪو روحاني ماڻهو آهي سو سڀ ڳالهيون جاچي ٿو، پر خود کيس ڪو ٻيو نٿو جاچي. 16 ”ڇالاءِ جو اهو ڪير آهي جنهن خدا جي خيالن کي سمجهيو آهي جو کيس سيکاري سگهي؟“ پر اسان ۾ مسيح جي سمجهہ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society