1.ڪرنٿين 15 - Sindhi Bible1 هاڻي، اي ڀائرو، آئون اوهان کي اُها خوشخبري ٿو ٻُڌايان، جنهن جي اوهان ۾ منادي ڪئي هُيم، ۽ جا اوهان قبول ڪئي، ۽ جنهن تي اوهين قائم بہ آهيو، 2 ۽ جنهن جي ڪري اوهان کي نجات ملي آهي؛ بشرطيڪ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻُڌائي هئي، تنهن تي اوهين قائم رهو، نہ تہ اوهان جو ايمان آڻڻ اجايو ٿيو. 3 ڇالاءِ جو پهرين مون اوهان کي اُها ڳالهہ پهچائي ڏني جا مون کي بہ ملي هئي، تہ پاڪ لکيت موجب مسيح اسانجن گناهن جي لاءِ مُئو، 4 ۽ دفن ٿيو، ۽ پاڪ لکيت موجب ٽئين ڏينهن جي اُٿيو، 5 ۽ ڪيفاس کي، ۽ پوءِ اُنهن ٻارهن کي ڏيکاري ڏنائين، 6 تنهن کان پوءِ هڪڙي ئي وقت پنجن سون ڀائرن کان بہ گهڻن کي ڏيکاري ڏنائين، جن مان گهڻا اڃا تائين موجود آهن، پر ڪي سمهي رهيا آهن. 7 تنهن کانپوءِ هن يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تنهن کانپوءِ سڀني رسولن کي. 8 ۽ سڀني کانپوءِ هن مون کي بہ ڏيکاري ڏني، جو ڄڻ تہ اڌوري وقت تي ڄائو هوس. 9 ڇالاءِ جو آئون رسولن ۾ سڀني کان ننڍو آهيان ۽ رسول سڏجڻ جو لائق نہ آهيان، ڇو جو مون خدا جي ڪليسيا کي ستايو هو. 10 پر جيڪي آهيان سو خدا جي فضل سان آهيان، ۽ سندس فضل، جيڪو مون کي مليو، سو اجايو نہ ٿيو. پر مون پاڻ هنن سڀني کان گهڻي محنت ڪئي، انهي هوندي بہ اهو آئون ڪين هوس، پر خدا جو فضل هو، جو مون سان هو. 11 تڏهن آئون توڙي هُو، اسين اها ئي منادي پيا ڪريون، ۽ اوهان انهيءَ تي ايمان آندو. 12 هاڻي جيڪڏهن مسيح جي نسبت ۾ اها منادي ٿي ڪجي تہ هو مُئلن مان جي اُٿيو آهي، تڏهن اوهان مان ڪي ڪيئن چون ٿا تہ مُئلن جي قيامت ڪانهي؟ 13 پر جيڪڏهن مُئلن جي قيامت ڪانہ آهي، تہ مسيح بہ جي ڪونہ اُٿيو آهي؛ 14 ۽ جي مسيح جي ڪونہ اُٿيو آهي تہ اسان جي منادي اجائي آهي، ۽ اوهان جو ايمان بہ اجايو آهي. 15 هائو، پوءِ اسين خدا جا ڪوڙا شاهد ثابت ٿيا آهيون؛ ڇالاءِ جو خدا جي بابت اسان شاهدي ڏني تہ هن مسيح کي جياريو: پر جي مُئل جي نٿا اُٿن تہ هن انهي کي بہ نہ جياريو. 16 پر جيڪڏهن مُئل جي نٿا اُٿن تہ مسيح بہ جي نہ اُٿيو: 17 ۽ جي مسيح جي نہ اُٿيو آهي تہ اوهان جو ايمان اجايو آهي، ۽ اوهين اڃا پنهنجن گناهن ۾ پيا آهيو. 18 تڏهن جيڪي مسيح ۾ سمهي پيا آهن، سي بہ برباد ٿي ويا. 19 جيڪڏهن اسين رڳو هن حياتيءَ ۾ مسيح ۾ اُميد ٿا رکون تہ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ بدنصيب آهيون. 20 پر هاڻي مسيح مُئلن مان برابر جي اُٿيو آهي، ۽ جيڪي سمهي پيا آهن، تن ۾ هو پهريون ڦل ٿيو. 21 ڇالاءِ جو جيئن انسان جي ڪري موت آيو، تيئن انسان جي ئي ڪري مُئلن جي قيامت بہ آئي. 22 هن ڪري جو جيئن آدم جي ڪري سڀيئي مرن ٿا، تيئن مسيح جي ڪري سڀيئي وري جيئرا ڪيا ويندا. 23 پر سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي واري سان، پهريون ڦل مسيح، پوءِ سندس اچڻ تي جيڪي مسيح جا آهن. 24 انهي کان پوءِ آخرت ايندي، جڏهن هو سڀ حڪومت، ۽ سڀ اختياري، ۽ سڀ طاقت نيست ڪري بادشاهت خدا کي، يعني پيءُ کي سونپي ڏيندو. 25 ڇالاءِ جو جيستائين هو پنهنجن سڀني دشمنن کي پنهنجي پيرن هيٺ نہ آڻيندو، تيستائين هو ضرور بادشاهي ڪندو. 26 سڀ کان پويون دشمن جو نيست ڪيو ويندو سو آهي موت. 27 ڇالاءِ جو خدا سڀ ڪجهہ هن جي پيرن هيٺ ڪيو آهي. پر جڏهن هو چوي ٿو تہ سڀ ڪجهہ سندس تابع ڪيو ويو آهي، تڏهن ايترو ظاهر آهي تہ جنهن سڀ ڪجهہ هن جي تابع ڪيو سو ڌار رهيو. 28 ۽ جڏهن سڀ ڪجهہ هن جي تابع ٿي ويو، تڏهن فرزند پاڻ بہ اُنهي جي تابع ٿي ويندو، جنهن سڀ ڪجهہ سندس تابع ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خدا سڀ ۾ سڀ ڪجهہ هجي. 29 نہ تہ جيڪي مُئلن جي لاءِ بپتسما ٿا وٺن، سي ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن مُئل اصل جي نٿا اُٿن، تڏهن هو اُنهن جي لاءِ ڇو ٿا بپتسما وٺن؟ 30 ۽ ڇو اسين بہ هر گهڙي خطري ۾ پيا گذاريون؟ 31 اي ڀائرو، مون کي انهي فخر جو قسم آهي جو اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ اوهان تي اٿم، تہ آئون ڏهاڙي پيو مران. 32 جيڪڏهن آئون انسان وانگر افسس ۾ جانورن سان وڙهيس، تہ انهي مان مون کي ڪهڙو فائدو؟ جي مُئل جي نہ اُٿندا تہ اچو تہ کائون پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي تہ مري وينداسين. 33 ٺڳجي نہ وڃو، بڇڙي سنگت چڱيون عادتون بگيڙيون ڇڏي. 34 راستباز ٿيڻ لاءِ هوش ۾ اچو ۽ گناهہ نہ ڪريو، ڇالاءِ جو ڪن کي خدا جي ڪابہ خبر ڪانهي: آئون اوهان کي انهي لاءِ ٿو چوان تہ من شرم اچيوَ. 35 پر ڪو چوندو تہ مُئل ڪيئن ٿا جي اُٿن؟ ۽ اُهي ڪهڙي قسم جي بدن سان ٿا اچن؟ 36 اي بي عقل، جيڪي تون پاڻ پوکين ٿو سو جيسين مري نٿو، تيسين جيئرو ڪيو نٿو وڃي. 37 ۽ جيڪي تون پوکين ٿو سو اهو بدن نہ آهي جو پيدا ٿيڻ وارو آهي، پر فقط داڻو آهي، پوءِ اهو ڪڻڪ جو هوندو يا ڪنهن ٻي جنس جو. 38 پر خدا کي جيئن وڻي ٿو تيئن اُنهي کي بدن ٿو ڏئي، ۽ هرهڪ داڻي کي پنهنجو پنهنجو بدن ٿو ڏئي. 39 سڀ گوشت هڪجهڙو نہ آهي، بلڪ ماڻهن جو گوشت جدا آهي، ۽ جانورن جو گوشت جدا، ۽ پکين جو جدا آهي، ۽ مڇين جو جدا. 40 آسماني بدن بہ آهن، ۽ زميني بدن بہ آهن، پر آسماني بدن جو جلال ٻيو، ۽ زميني بدن جو جلال ٻيو آهي. 41 سج جو جلال هڪڙو ۽ چنڊ جو جلال ٻيو، ۽ تارن جو جلال ٻيو، بلڪ تاري، تاري جي جلال موافق ناهي. 42 مُئلن جي قيامت جو بہ ساڳيو حال آهي. اُهو فنا جي حالت ۾ پوکجي ٿو، ۽ بقا جي حالت ۾ جيارجي ٿو. 43 بي آبروئيءَ جي حالت ۾ پوکجي ٿو، ۽ جلال جي حالت ۾ جيارجي ٿو؛ ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پوکجي ٿو، ۽ زورائتي حالت ۾ جيارجي ٿو، 44 جسماني بدن پوکجي ٿو، روحاني بدن جيارجي ٿو. جي جسماني بدن آهي تہ روحاني بہ بدن آهي. 45 لکيل بہ ائين آهي، تہ ”پهريون ماڻهو، يعني آدم، جيئري جان ٿيو؛“ پويون آدم جياريندڙ روح ٿيو. 46 انهيءَ هوندي بہ روحاني پهرين نہ هو پر جسماني، ۽ پوءِ روحاني ٿيو. 47 پهريون ماڻهو مٽيءَ مان ٺهيو ۽ مٽي آهي، ٻيو ماڻهو آسمان مان آهي. 48 جهڙو اهو مٽيءَ مان هو، تهڙا اُهي بہ آهن جي مٽيءَ مان آهن؛ ۽ جهڙو اهو آسمان جو آهي، تهڙا اُهي بہ آهن جي آسمان جا آهن. 49 ۽ جيئن اسان کي انهي خاڪيءَ جي صورت ملي آهي، تيئن انهي آسمانيءَ جي بہ صورت ملندي. 50 پر هاڻي اي ڀائرو، آئون هيئن ٿو چوان، تہ گوشت ۽ خون خدا جي بادشاهت جا وارث ٿي ڪين سگهندا، نڪي جيڪي فاني آهي سو بقا جو وارث ٿي سگهندو. 51 ڏسو، آئون اوهان کي هڪڙي راز جي ڳالهہ ٿو ٻُڌايان: اسين سڀيئي سمهي ڪين پونداسين، پر سڀيئي بدلجي وينداسين؛ 52 هڪڙي لحظي ۾، اک ڇنڀ ۾، پوئينءَ تريءَ جي وڄڻ تي: ڇالاءِ جو اُها تري وڄندي، ۽ جيڪي مري ويا آهن سي غير فاني حالت ۾ اُٿندا، ۽ اسين بدلجي وينداسين. 53 ڇالاءِ جو هي فاني جسم ضرور بقا جي پوشاڪ ڍڪيندو، ۽ هيءُ مرڻ وارو جسم ضرور هميشہ جي زندگيءَ واري پوشاڪ ڍڪيندو. 54 پر جڏهن هي فاني جسم بقا جي پوشاڪ ڍڪيندو، ۽ هي مرڻ وارو جسم هميشہ جي زندگيءَ واري پوشاڪ ڍڪيندو، تڏهن اُهو قول پورو ٿيندو جو لکيل آهي تہ ”موت فتح ۾ غرق ٿي ويو.“ 55 اي موت، تنهنجي فتح ڪٿي آهي؟ اي موت، تنهنجو ڏنگ ڪٿي آهي؟ 56 موت جو ڏنگ آهي گناهہ، ۽ گناهہ جو زور آهي شريعت. 57 پر شڪرانا خدا جا، جو هو اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي فتح ٿو ڏئي. 58 تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو، اوهين ثابت قدم ۽ قائم رهو، ۽ خداوند جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا وڃو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي محنت خداوند ۾ اجائي نٿي ٿئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society