1.ڪرنٿين 14 - Sindhi Bible1 محبت جا طالب ٿيو، ۽ شوق سان روحاني نعمتن جي آرزو رکو، خاص ڪري انهي لاءِ تہ نبوت ڪريو. 2 ڇالاءِ تہ جيڪو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، سو ماڻهن سان نٿو ڳالهائي، پر خدا سان ٿو ڳالهائي؛ هن ڪري جو ڪوبہ ماڻهو اها ٻولي نٿو سمجهي، مگر هو تہ روح جي ڪري ڳُجهيون ڳالهيون ٿو ڪري. 3 پر جيڪو نبوت ٿو ڪري سو ماڻهن سان سڌاري، ۽ نصيحت، ۽ دلاسي جون ڳالهيون ٿو ڪري. 4 جيڪو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو پنهنجو سڌارو ٿو ڪري، پر جيڪو نبوت ٿو ڪري سو ڪليسيا کي ٿو سڌاري. 5 جيتوڻيڪ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين سڀ نامعلوم ٻوليون ڳالهايو، پر بهتر ائين آهي تہ نبوت ڪريو. ۽ جيڪو نامعلوم ٻوليون ٿو ڳالهائي سو جيڪڏهن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ترجمو نہ ڪري سگهي، تہ انهي کان نبوت ڪندڙ وڏو آهي. 6 پر هاڻي اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اوهان وٽ اچي نامعلوم ٻولين ۾ ڳالهايان، پر مڪاشفي، يا علم، يا نبوت، يا تعليم جي رستي نہ ڳالهايان، تہ آئون اوهان کي ڪهڙو فائدو رسائيندس؟ 7 بي جان شيون، جيئن تہ بانسري يا بربط، جن مان آواز ٿو نڪري، تن جي آوازن ۾ بہ جي تفاوت نہ هوندو تہ ڪيئن معلوم ٿي سگهندو تہ بانسري يا بربط جو ڪهڙو سُر آهي؟ 8 ۽ جيڪڏهن تُريءَ جو آواز چٽو نہ هوندو، تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟ 9 انهيءَ طرح اوهين بہ جيڪي زبان سان ڳالهائيندا، سو جيسين سمجهہ ۾ نہ ايندو، تيسين ڪيئن خبر پوندي تہ ڇا ٿا ڳالهايو؟ بلڪ ڄڻ تہ هوا سان ٿا ڳالهايو. 10 دنيا ۾ کڻي گهڻن ئي قسمن جون ٻوليون هجن، پر تن مان ڪابہ اهڙي ڪانهي جا بي معنيٰ هجي؛ 11 پر جيڪڏهن اها ٻولي مون کي نہ ايندي هوندي تہ ڳالهائڻ واري جي نظر ۾ آئون ڌاريو ٿيندس، ۽ ڳالهائڻ وارو بہ منهنجي نظر ۾ ڌاريو ٿيندو. 12 تنهنڪري اوهين بہ، جن کي روحاني نعمتن جي آرزو آهي، سي اها ڪوشش ڪريو تہ اوهان جي نعمتن جي وڌڻ ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي. 13 تنهنڪري جيڪو ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، تنهن کي دعا گهُرڻ کپي تہ ترجمو بہ ڪري سگهي. 14 ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ دعا گهُران، تہ منهنجو روح دعا گهُري ٿو، پر منهنجو عقل بيڪار آهي. 15 تڏهن ڇا ڪجي؟ آئون روح سان بہ دعا گهُرندس ۽ عقل سان بہ دعا گهُرندس: آئون روح سان بہ ڳالهائيندس ۽ عقل سان بہ ڳالهائيندس. 16 نہ تہ جي تون فقط روح سان دعا ڪندين تہ جيڪو ناواقف آهي سو تنهنجي شڪرگذاريءَ ڪرڻ تي ڪيئن آمين چوندو، جڏهن جيڪي تون چوين ٿو سو هو نٿو سمجهي؟ 17 ڇالاءِ جو تون تہ برابر چڱيءَ طرح شڪرگذاري ٿو ڪرين، پر هن ٻئي کي تہ فائدو ڪونہ ٿو رسي. 18 آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان، تہ آئون اوهان سڀني کان زيادہ ٻوليون ٿو ڳالهايان؛ 19 تنهن هوندي بہ ڪليسيا ۾ نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڏهہ هزار لفظ ڳالهائڻ کان مون کي اهو زيادہ پسند آهي تہ سمجهہ سان پنج لفظ ڳالهايان، تہ ٻين کي بہ تعليم ڏيئي سگهان. 20 اي ڀائرو، اوهين سمجهہ ۾ ٻار نہ ٿيو، بديءَ ۾ تہ ٻارڙا ٿيا، پر سمجهہ ۾ بالغ ٿيو. 21 شريعت ۾ لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو تہ ”آئون ڌارين ماڻهن جي ٻولين ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان هن اُمت سان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻُڌندا.“ 22 تنهنڪري ٻوليون ايمان وارن جي لاءِ نہ پر جيڪي ايمان وارا نہ آهن تن لاءِ نشان آهن، ۽ نبوت انهن لاءِ نشان نہ آهي جيڪي ايمان وارا نہ آهن، پر انهن لاءِ آهي، جيڪي ايمان وارا آهن. 23 تنهنڪري جيڪڏهن ساري ڪليسيا هڪڙي هنڌ گڏ ٿئي، ۽ سڀيئي ڌاريون ٻوليون ڳالهائين، ۽ جيڪڏهن اوپرا يا بي دين ماڻهو اندر لنگهي اچن، تہ اُهي ائين ڪين چوندا تہ اوهين چريا آهيو؟ 24 پر جيڪڏهن سڀ نبوت ڪندا ۽ ڪو بي دين يا اوپرو ماڻهو اندر لنگهي ايندو، تہ سڀيئي هن کي قائل ڪندا ۽ کيس پرکي وٺندا، 25 ۽ سندس دل جا ڳُجهہ ظاهر ٿي پوندا، ۽ نيٺ هو گوڏا کوڙي خدا کي سجدو ڪندو، ۽ قبول ڪندو تہ تحقيق خدا اوهان ۾ آهي. 26 تڏهن اي ڀائرو ڇا؟ جيڪڏهن اوهين گڏ ٿيو ٿا، تڏهن ڪو زبور ٿو ڳائي، ڪو تعليم ٿو ڏئي، ڪو مڪاشفو ٿو ظاهر ڪري، ڪو نامعلوم ٻولي ٿو ڳالهائي، ۽ ڪو سمجهاڻي ٿو ڏئي، پر اهي سڀ ڳالهيون سڌاري لاءِ هئڻ گهرجن. 27 جيڪڏهن ڪي ماڻهو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائين، تہ ٻہ، يا وڌيڪ ۾ وڌيڪ ٽي ڄڻا ٿي ڳالهائين، سي بہ واري واري؛ ۽ هڪڙو سمجهائيندو رهي. 28 پر جي ترجمي ڪرڻ وارو نہ هجي تہ اُهي ڪليسيا ۾ ماٺ ڪيو ويٺا هجن، ۽ پاڻ سان ۽ خدا سان ڳالهائين. 29 ۽ نبوت ڪرڻ وارا بہ ٻہ يا ٽي ڳالهائين، ۽ ٻيا هنن جي ڪلام جي جاچ ڪن. 30 پر جي ٻئي ڪنهن ويٺل کي الهام اچي وڃي، تہ هو پهريان ماٺ ڪري ويهن. 31 ڇالاءِ جو اوهين سڀيئي هڪڙو هڪڙو ٿي نبوت ڪري سگهندا، انهي لاءِ تہ سڀيئي سکن ۽ نصيحت حاصل ڪن؛ 32 ۽ نبين جا روح نبين جي تابع آهن. 33 ڇالاءِ تہ خدا گڙٻڙ جو نہ پر اطمينان جو خدا آهي. جيئن پاڪ ٿيلن جي سڀني ڪليسيائن ۾ آهي، 34 زالن کي جماعت ۾ ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هنن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪانهي، پر کين تابعدار رهڻ کپي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آهي. 35 ۽ جي هو ڀانئين تہ ڪجهہ سِکون تہ اُهو هنن کي گهر ۾ پنهنجن مڙسن کان پڇڻ کپي، ڇالاءِ جو زال جي لاءِ اها شرم جي ڳالهہ آهي تہ جماعت ۾ ڳالهائي. 36 ڇا خداوند جو ڪلام اوهان منجهان نڪتو؟ يا رڳو اوهان وٽ آيو؟ 37 جيڪڏهن ڪو پاڻ کي نبي يا روحاني ماڻهو سمجهي، تہ ڄاڻي تہ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، سي خداوند جا حڪم آهن. 38 پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو نہ مڃي تہ نہ مڃي. 39 تنهنڪري، اي منهنجا ڀائرو، دل سان نبوت ڪرڻ جي آرزو رکو، ۽ ڌارين ٻولين ۾ ڳالهائڻ جي منع نہ ڪريو. 40 پر سڀ ڳالهيون فضيلت سان ۽ ترتيب وار ڪرڻ کپن. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society