Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 12 - Sindhi Bible

1 هاڻي اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ روحاني نعمتن جي نسبت اوهين ناواقف رهو.

2 اوهين ڄاڻو ٿا تہ جڏهن اوهين غير قوم جا هئا، تڏهن گونگن بُتن جي پٺيان، جيئن ڪو اوهان کي وٺي ويندو هو، تيئن ويندا هئا.

3 تنهنڪري آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ جيڪو خدا جي روح جي هدايت سان ٿو ڳالهائي، سو ائين نٿو چوي تہ يسوع لعنتي آهي، نہ وري ڪو ماڻهو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگهي ٿو تہ يسوع خداوند آهي.

4 هاڻي نعمتون تہ طرح طرح جون آهن، پر روح هڪڙو ئي آهي.

5 ۽ خدمتون بہ طرح طرح جون آهن، پر خداوند هڪڙو ئي آهي؛

6 تاثيرون بہ طرح طرح جون آهيون، پر خدا هڪڙو ئي آهي جو سڀني ۾ هر طرح جو اثر پيدا ٿو ڪري.

7 پر هرهڪ کي روح جو ظهور سڀني جي فائدي لاءِ ٿو ملي.

8 ڇالاءِ جو هڪڙي کي روح جي وسيلي سياڻپ جو ڪلام ٿو ملي، ٻئي کي ساڳئي روح موجب علميت جو ڪلام،

9 ڪنهن کي ساڳئي روح جي ڪري ايمان ٿو ملي، ۽ ڪنهن کي انهي هڪڙي ئي روح جي ڪري شفا ڏيڻ جون نعمتون،

10 ۽ ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جون طاقتون، ڪنهن کي نبوت، ڪنهن کي روحن جي سياڻپ، ڪنهن کي طرح طرح جون ٻوليون، ۽ ڪنهن کي ٻولين جو ترجمو ڪرڻ،

11 پر اهي سڀيئي ڪم هڪڙو ساڳيو روح ٿو ڪري، جو پنهنجي مرضيءَ موجب هرهڪ کي ڌار ڌار نعمت ورهائي ٿو ڏئي.

12 ڇالاءِ جو جيئن بدن هڪڙو آهي ۽ ان جا عضوا گهڻا آهن ۽ بدن جا سڀ عضوا، اگرچہ گهڻا آهن، تہ بہ گڏجي هڪ بدن آهن، تيئن مسيح بہ آهي.

13 ڇو جو اسان سڀني کي هڪڙي ئي روح جي ڪري هڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي، پوءِ ڇا يهودي، ڇا يوناني، ڇا غلام، ڇا آزاد، ۽ سڀني کي هڪڙي ئي روح مان پياريو ويو.

14 ڇالاءِ تہ بدن بہ هڪڙو عضوو ناهي پر منجهس گهڻا آهن.

15 جيڪڏهن پير چوي تہ آئون هٿ نہ آهيان، تنهنڪري آئون بدن جو ناهيان، تہ انهي ڪري ائين ناهي تہ اُهو بدن جو ڪونهي.

16 ۽ جيڪڏهن ڪَن کڻي چوي تہ آئون اک نہ آهيان، تنهنڪري بدن جو نہ آهيان، تہ انهي ڪري ائين ناهي تہ هو بدن جو ڪونهي.

17 جيڪڏهن سارو بدن اک هجي ها تہ ٻُڌڻ ڪٿي ٿئي ها؟ جيڪڏهن سارو بدن ٻُڌڻ هجي ها تہ سنگهڻ ڪٿان ٿئي ها؟

18 پر حقيقت ڪري خدا هرهڪ عضوي کي بدن ۾ پنهنجي مرضيءَ موافق رکيو آهي.

19 ۽ جي هو سڀ هڪ عضوو هجن ها تہ بدن ڪٿي هجي ها؟

20 پر هاڻي عضوا تہ گهڻا ئي آهن، پر بدن هڪڙو ئي آهي.

21 ۽ اک هٿ کي چئي نٿي سگهي تہ مون کي تنهنجي گهُرج ڪانهي يا وري مٿو پيرن کي چئي نٿو سگهي تہ مون کي اوهان جي گهُرج ڪانهي.

22 نہ، بلڪ بدن جا اُهي عضوا، جي زيادہ نازڪ ڏسڻ ۾ ٿا اچن، سي پاڻ وڌيڪ ضروري آهن.

23 ۽ بدن جا اُهي عضوا، جن کي اسين ٻين کان گهٽ ٿا سمجهون، تن جو تمام گهڻو قدر ٿا ڪريون، ۽ اسان جا بي زيبا عضوا تمام گهڻي زيب وارا ٿا ٿين،

24 ۽ اسان جا زيب وارا عضوا گهڻي ڪم وارا ثابت نٿا ٿين. پر خدا بدن کي اهڙيءَ طرح بنايو جو جيڪو عضوو گهٽ هو، تنهن کي تمام گهڻي عزت ڏنائين؛

25 انهي لاءِ تہ بدن ۾ ڪو تفرقو نہ پوي، ۽ سڀيئي عضوا هڪ ٻئي جي هڪ جهڙي سنڀال ڪن.

26 ۽ جي هڪڙي عضوي کي ايذاءُ ٿو رسي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ ايذاءُ ٿو رسي، يا جي هڪڙي عضوي کي عزت ٿي ملي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ خوشي ٿي ٿئي.

27 هاڻي اوهين مسيح جو بدن آهيو، ۽ ڌار ڌار سندس عضوا آهيو.

28 ۽ خدا ڪليسيا ۾ ڪيترن ئي کي مقرر ڪيو آهي، پهريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت هلائيندڙ، ۽ قسم قسم ٻوليون ڳالهائيندڙ،

29 سڀئي رسول آهن ڇا؟ سڀيئي نبي آهن ڇا؟ سڀيئي تعليم ڏيندڙ آهن ڇا؟ سڀئي معجزا ڪندڙ آهن ڇا؟

30 سڀني کي شفا ڏيڻ جي طاقت آهي ڇا؟ سڀيئي قسمين قسمين ٻوليون ڳالهائين ٿا ڇا؟ سڀيئي ترجمو ڪن ٿا ڇا؟

31 پر اوهين وڏين وڏين نعمتن جي آرزو رکو. ۽ آئون اوهان کي اڃا بہ نهايت عمدو رستو ڏيکاريان ٿو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan