Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 11 - Sindhi Bible

1 اوهين بہ منهنجي پيروي ڪريو، جيئن آئون مسيح جي پيروي ٿو ڪريان.

2 هاڻي آئون اوهان جي تعريف ٿو ڪريان جو اوهين سڀني ڳالهين ۾ مون کي ياد ٿا ڪريو، ۽ جهڙيءَ طرح مون اوهان کي روايتون ڏنيون آهن، تهڙيءَ طرح اوهين اُنهن کي قائم رکندا ٿا اچو.

3 پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين ڄاڻو تہ سڀ ڪنهن مرد جو سر مسيح آهي، ۽ زال جو سر مرد آهي، ۽ مسيح جو سر خدا آهي.

4 جيڪو ماڻهو پنهنجو مٿو ڍڪي دعا ٿو گهُري، يا نبوت ٿو ڪري، سو پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿو ڪري.

5 پر جيڪا زال پنهنجو مٿو اُگهاڙو ڪري دعا ٿي گهُري، يا نبوت ٿي ڪري، سا پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿي ڪري؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ اهڙو آهي جهڙو ڄڻ تہ انهي زال جو مٿو ڪُوڙيل آهي.

6 جيڪا زال چادر نٿي ڍڪي، سا وار بہ ڪترائي؛ پر جيڪڏهن زال جي لاءِ وار ڪترائڻ شرم جي ڳالهہ آهي، تہ چادر ڍڪي.

7 ڇالاءِ جو مرد کي بيشڪ پنهنجو مٿو ڍڪڻ نہ گهرجي، هن ڪري جو هو خدا جي صورت ۽ وڏائي آهي؛ پر زال مرد جي وڏائي آهي.

8 (ڇالاءِ جو مرد زال مان ناهي، پر زال مرد مان آهي،

9 نڪي مرد زال جي لاءِ پيدا ٿيو آهي، پر زال مرد جي لاءِ پيدا ٿي آهي.)

10 انهي سبب زال کي گهرجي تہ ملائڪن جي ڪري پنهنجي مٿي تي اختياريءَ جي نشاني رکي.

11 (انهي هوندي بہ خداوند ۾ نڪي زال مڙس کانسواءِ آهي، نڪي مرد زال کانسواءِ.

12 ڇالاءِ جو جيئن زال مرد مان آهي تيئن مرد بہ زال جي ڪري آهي، پر سڀ شيون خدا کان آهن.)

13 اوهين پاڻهي انصاف ڪري ڏسو، ڀلا اهو ڪو مناسب آهي ڇا تہ زال مٿي اُگهاڙي خدا کان دعا گهُري؟

14 خود طبعي طور اوهان کي خبر نٿي پوي ڇا تہ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي ڊگها وار هوندا تہ اها سندس بي آبرو آهي؟

15 پر جيڪڏهن زال جا وار ڊگها هوندا تہ اها سندس زينت آهي، ڇالاءِ جو وار هن کي پردي لاءِ ڏنا ويا آهن.

16 پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪراري ڏسڻ ۾ اچي تہ انهي کي چئجو تہ اهو اسان جو دستور نہ آهي، نڪي خدا جي ڪليسيائن جو آهي.

17 پر هن نصيحت سان آئون اوهان جي تعريف نٿو ڪريان، ڇالاءِ جو جڏهن اوهين گڏ ٿا ٿيو، تڏهن انهي مان فائدو ڪونہ ٿو ٿئي، بلڪ نقصان ٿو ٿئي.

18 ڇالاءِ جو پهريائين مون کي ٻُڌڻ ۾ آيو آهي تہ ڪليسيا ۾ گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ جدائيون ٿيون ٿين؛ ۽ انهيءَ ڳالهہ تي مون کي ڪجهہ قدر اعتبار بہ اچي ٿو؛

19 هن ڪري جو اوهان جي وچ ۾ ضرور بدعتون هونديون تہ اوهين ثابت ڪريو تہ ڪير قبول آهن.

20 تنهنڪري جڏهن اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿا ٿيو، تڏهن جيڪي کائو ٿا، سو عشاءِ رباني ڪونهي،

21 ڇالاءِ تہ جڏهن اوهين کائو ٿا، تڏهن هرڪو پنهنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو وٺي، ۽ هڪڙو بکايل رهجيو وڃي تہ ٻيو نشئي ٿيو پوي.

22 ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گهر ڪينهن؟ يا خدا جي ڪليسيا کي حقير ٿا سمجهو، ۽ جن وٽ ڪي ڪينهي، تن کي شرمندو ٿا ڪريو؟ آئون اوهان کي ڇا چوان؟ انهي ڪري آئون اوهان جي تعريف ڪريان ڇا؟ آئون اوهان جي تعريف ڪانہ ٿو ڪريان.

23 ڇالاءِ جو اها ڳالهہ مون کي خداوند کان ملي، ۽ مون اوهان کي پهچائي ڏني، تہ ڪهڙيءَ طرح جنهن رات خداوند يسوع حوالي ڪيو ويو، هن ماني کنئي،

24 ۽ جڏهن شڪر ڪري رهيو، تڏهن اُها ڀڃي چيائين، تہ هي منهنجو بدن آهي جو اوهان جي واسطي آهي: منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.

25 ساڳيءَ طرح ماني کائڻ کان پوءِ هن پيالو بہ کنيو، ۽ چيائين تہ هي پيالو منهنجي رت ۾ نئون عهد آهي؛ جڏهن بہ اوهين اهو پيئو، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.

26 ڇالاءِ جو جڏهن بہ اوهين هي ماني کائو ٿا، ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن خداوند جي موت جي پڌرائي ٿا ڪريو، جيسين ڪ هو پاڻ اچي.

27 تنهنڪري جيڪو بي پرواهيءَ سان خداوند جي ماني کائيندو، ۽ پيالو پيئندو، سو خداوند جي بدن ۽ رت جي نسبت ۾ ڏوهاري ٿيندو.

28 تنهنڪري هرڪو ماڻهو پاڻ کي پرکي ۽ خيال سان انهيءَ مانيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي.

29 ڇالاءِ تہ جيڪو کائي پيئي ٿو، سو جي خداوند جي بدن جو خيال نٿو رکي، تہ پنهنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي.

30 انهي سبب اوهان مان گهڻا ڪمزور ۽ بيمار آهن ۽ ڪيترا مري بہ ويا آهن.

31 پر جي اسين پاڻ کي جاچيون ها تہ اسان کي سزا نہ ملي ها.

32 پر جڏهن خداوند اسان کي جاچي ٿو تڏهن اسان کي سيکت ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ اسين دنيا سان گڏ ڏوهاري ثابت نہ ٿيون.

33 تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو، جڏهن اوهين کائڻ لاءِ گڏ ٿيو، تڏهن هڪ ٻئي لاءِ ترسو.

34 جيڪڏهن ڪنهن کي بک هجي تہ ڀلي پنهنجي گهر کائي، تہ متان اوهان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب ٿئي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آئون ايندس، تڏهن اچي درست ڪندس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan