1.ڪرنٿين 10 - Sindhi Bible1 اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان ناواقف رهو، تہ اسان جي ابن ڏاڏن تي ڪڪر جي ڇانوَ هئي، ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگهي ويا، 2 ۽ سڀني انهي ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ موسيٰ جي بپتسما ورتي، 3 ۽ سڀني اها ساڳي روحاني خوراڪ کاڌي، 4 ۽ سڀني اُهو ساڳيو روحاني پاڻي پيتو. ڇالاءِ جو جيڪو روحاني ٽڪر سندن پٺيان پي آيو، تنهن مان هو پاڻي پيئندا هئا، ۽ اهو ٽڪر مسيح هو. 5 انهي هوندي بہ اُنهن مان گهڻن سان خدا راضي نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اهي رڻ پٽ ۾ مارجي ڪيرايا ويا. 6 هاڻي اهي ڳالهيون اسان جي لاءِ مثال هيون، انهي لاءِ تہ اسين خراب شين جي خواهش نہ ڪريون، جيئن هنن ٿي ڪئي. 7 نڪي اوهين بُت پرست ٿيو، جهڙا هنن مان ڪي ٿيا هئا، جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ ويٺا ۽ نچڻ ٽپڻ اُٿيا.“ 8 نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ کپي، جيئن هنن مان ڪن ڪئي، ۽ پوءِ هڪڙي ئي ڏينهن ٽيويهہ هزار مارجي ويا. 9 نڪي اسان کي خداوند جي آزمائش وٺڻ کپي، جيئن هنن مان ڪن ورتي، ۽ پوءِ نانگن ڏنگي چٽ ڪين. 10 نڪي اوهين ڪُرڪو ڪنجهو، جيئن هنن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ برباد ڪرڻ واري برباد ڪري ڇڏين. 11 هاڻي اهي ڳالهيون اُنهن سان ٿيون تہ هو عبرت وٺن، ۽ اسين جي آخرين زماني ۾ آهيون تن جي نصيحت لاءِ اهي لکيون ويون. 12 تنهنڪري جيڪو پاڻ کي قائم ٿو سمجهي، سو سنڀال ڪري تہ متان ڪِري پوي. 13 اوهان تي ڪا اهڙي آزمائش ڪانہ اچي پيئي آهي جا انسان سهي نہ سگهي: پر خدا سچو آهي، ۽ جيترو اوهين سهي ٿا سگهو تنهن کان وڌيڪ آزمائش ۾ اوهان کي پوڻ ڪين ڏيندو، پر آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو، تہ اُها اوهين برداشت ڪري سگهو. 14 تنهنڪري، اي عزيزو، بُت پرستيءَ کان ڀڄو. 15 آئون اوهان سان سمجهو ماڻهو ڄاڻي ٿو ڳالهايان، ۽ جيڪي چوان ٿو تنهن جي جاچ ڪريو. 16 جنهن برڪت جي پيالي تي اسين برڪت ٿا گهُرون، سو مسيح جي رت جي شراڪت ناهي ڇا؟ جيڪا ماني اسين ڀڃون ٿا، سا مسيح جي بدن جي شراڪت ناهي ڇا؟ 17 جيئن هڪڙي ماني آهي، تيئن اسين جي گهڻا آهيون سي هڪڙو بدن آهيون، ڇالاءِ جو اسين سڀيئي هڪڙيءَ ئي مانيءَ ۾ ڀائيوار ٿا ٿيون. 18 جيڪي جسماني طور اسرائيلي آهن تن ڏانهن نهاريو، قربانين کائڻ وارا قربانگاهہ جا ڀائيوار نہ آهن ڇا؟ 19 تڏهن آئون ڇا ٿو چوان؟ ائين ٿو چوان ڇا تہ بُتن جي قرباني بہ ڪا شيءِ آهي، يا بُت بہ ڪا شيءِ آهي؟ 20 نہ، بلڪ آئون چوان ٿو تہ جيڪي شيون غير قومون قرباني ٿيون ڪن، سي خدا جي لاءِ قربانيون نہ ٿيون ڪن، پر ڀوتن جي لاءِ ٿيون ڪن. ۽ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين ڀوتن جا ڀائيوار ٿيو. 21 اوهين خداوند جو پيالو ۽ ڀوتن جو پيالو ٻئي پي نٿا سگهو. اوهين خداوند جي ميز ۽ ڀوتن جي ميز ٻنهي جا ڀائيوار ٿي نٿا سگهو. 22 اسين خداوند کي غيرت ڏياريون ٿا ڇا؟ ۽ اسين هن کان زور وارا آهيون ڇا؟ 23 سڀ شيون روا آهن، پر سڀ شيون فائدي واريون نہ آهن. سڀ شيون روا آهن، پر سڀني شين مان سڌارو نٿو ٿئي. 24 ڪوبہ ماڻهو پنهنجو فائدو نہ ڳولي، پر ٻئي جو ڳولي. 25 جيڪي ڪاسائين جي دڪانن تي وڪامي ٿو، سو کائو، ۽ پنهنجي ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو. 26 ڇالاءِ جو ”زمين ۽ انهي جي ڀرپوري خداوند جي آهي.“ 27 جن ايمان نہ آندو آهي تن مان جيڪڏهن ڪو اوهان کي دعوت ڏئي، ۽ اوهين وڃڻ لاءِ راضي هجو، تہ جيڪي اوهان جي اڳيان رکيو وڃي سو کائو، ۽ ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو. 28 پر جي ڪو ماڻهو اوهان کي چوي تہ هيءَ شيءِ قرباني ٿيل آهي، تہ انهيءَ چتائڻ واري جي خاطر، ۽ ضمير خاطر نہ کائو. 29 ضمير مان منهنجو مطلب تنهنجي ضمير جو نہ، پر هن ٻئي جي ضمير جو آهي؛ ڀلا منهنجي آزادي ڇو ٻئي جي شڪ ڪرڻ سان آزمائڻ ۾ اچي؟ 30 جيڪڏهن آئون شڪر ڪري ٿو کان، تہ جنهن ڳالهہ جي لاءِ شڪر ٿو ڪريان، تنهن جي ڪري ڇو منهنجي بدنامي ٿئي؟ 31 تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو. 32 يهودين کي يا يونانين کي، يا خدا جي ڪليسيا کي گمراهہ نہ ڪريو: 33 جهڙيءَ طرح آئون سڀ ڪنهن کي سڀني ڳالهين ۾ راضي ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي فائدي جو نہ، پر گهڻن جي فائدي جو طالب آهيان، انهي لاءِ تہ نجات ملينِ. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society