1.ڪرنٿين 1 - Sindhi Bible1 پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب يسوع مسيح جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان، 2 خدا جي انهي ڪليسيا ڏانهن جا ڪرنٿس ۾ آهي، يعني انهن ڏانهن جي مسيح يسوع ۾ پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ انهي لاءِ سڏيا ويا آهن تہ انهن سڀني سان گڏجي پاڪ ٿين، جي هر ڪنهن هنڌ پنهنجي ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو نالو ٿا وٺن. 3 اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح کان فضل ۽ اطمينان اوهان کي ملندو رهي. 4 آئون هميشہ اوهان لاءِ خدا جي انهي فضل جي ڪري شڪر ٿو ڪريان، جو هن مسيح يسوع ۾ اوهان تي ڪيو آهي، 5 جو اوهين انهي ۾ ٿي ڪري سڀني ڳالهين ۾، يعني ڪلام ۽ علم ۾ دولتمند ٿي ويا آهيو، 6 جيئن مسيح جي شاهدي اوهان ۾ قائم آهي، 7 جنهنڪري اوهان کي ڪنهن بہ نعمت جي ڪمي ڪانهي، ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيو؛ 8 جو اوهان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ڏينهن بي عيب هجو. 9 خدا سچو آهي، جنهن اوهان کي پنهنجي فرزند، اسان جي خداوند يسوع مسيح سان شريڪ ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي. 10 هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نالي اوهان کي عرض ٿو ڪريان، تہ اوهين سڀيئي هڪ ڳالهہ تي اچي بيهو: ۽ اوهان ۾ ڪي بہ جدائيون نہ پون، بلڪ اوهين يڪدل ۽ يڪراءِ ٿي پاڻ ۾ گڏجي يڪ مُشت ٿيو. 11 ڇالاءِ جو اي ڀائرو، اوهان جي نسبت مون کي ڪلوئيءَ جي گهراڻي وارن کان معلوم ٿيو آهي تہ اوهان ۾ جهيڙا جهڳڙا آهن. 12 هاڻي منهنجو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو پيو چوي تہ آئون پولس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون اپلوس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون ڪيفاس جو آهيان، ۽ ڪو تہ آئون مسيح جو آهيان. 13 ڇا مسيح تقسيم ٿي ويو آهي؟ ڇا اوهان جي لاءِ پولس صليب تي چاڙهيو ويو هو؟ يا اوهان پولس جي نالي بپتسما ورتي هئي؟ 14 آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون ڪرسپس ۽ گيس کان سواءِ اوهان مان ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني؛ 15 تہ متان ڪو ماڻهو چوي تہ اوهان کي منهنجي نالي تي بپتسما ملي. 16 (مون استفناس جي گهراڻي کي بہ بپتسما ڏني، انهن کانسواءِ مون کي نٿو سُجهي تہ ٻئي ڪنهن کي مون بپتسما ڏني.) 17 ڇالاءِ جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ، پر خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ موڪليو، سو بہ فصيح ڏاهپ ڪري نہ، متان مسيح جو صليب بي اثر ٿي پوي. 18 ڇالاءِ جو صليب جو پيغام اُنهن لاءِ بيوَقوفي آهي جي برباد پيا ٿين، پر اسين جي نجات حاصل پيا ڪريون، تن جي لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي. 19 ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”آئون ڏاهن جي ڏاهپ چٽ ڪندس، ۽ سياڻن جي سياڻپ رد ڪندس.“ 20 ڪٿي آهي ڏاهو؟ ڪٿي آهي عالم؟ ڪٿي آهي جهان جو بحث ڪندڙ؟ خدا جهان جي ڏاهپ کي بيوَقوفي ڪري نہ ڇڏيو آهي ڇا؟ 21 ڇالاءِ جو جڏهن خدا جي ڏاهپ موجب جهان پنهنجي ڏاهپ سان خدا کي نہ سڃاتو، تڏهن خدا جي اها مرضي ٿي تہ مناديءَ جي بيوَقوفيءَ جي وسيلي، ايمان آڻڻ وارن کي نجات ڏئي. 22 هن ڪري جو يهودي نشان ٿا گهُرن، ۽ يوناني ڏاهپ جا طالب آهن، 23 پر اسين مسيح مصلوب جي منادي ٿا ڪريون، جو يهودين جي لاءِ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ غير قومن جي لاءِ بيوَقوفي آهي؛ 24 پر يهودي توڙي يوناني، جي سڏيا ويا آهن، تن جي لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي. 25 ڇالاءِ جو خدا جي بيوَقوفي ماڻهن کان زيادہ ڏاهپ واري آهي، ۽ خدا جي ڪمزوري ماڻهن کان زيادہ زور واري آهي. 26 ڇالاءِ جو اي ڀائرو، اوهان کي جا ڪوٺ ٿي آهي، تنهن تي نظر ڪري ڏسو، اوهان مان ڪي گهڻا دنياوي طور ڏاها نہ هئا، نڪي گهڻا زوراور هئا، نڪي گهڻا شاهاڻا هئا. 27 پر خدا جهان جي بيوَقوفن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ڏاها آهن، تن کي شرمندو ڪري؛ ۽ خدا جهان جي ڪمزورن کي چونڊيو تہ زور وارن کي شرمندو ڪري؛ 28 ۽ خدا جهان جي ڪميڻن ۽ حقيرن، يعني جيڪي ليکي ۾ ئي ڪين هئا، تن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ليکجڻ ۾ اچن ٿا، تن کي نيست ڪري؛ 29 تہ متان ڪو انسان خدا جي اڳيان فخر ڪري. 30 اُهو ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ اصل آهي، جنهن کي خدا اسان جي لاءِ دانائي بنايو، يعني اسان جي راستبازي، ۽ پاڪيزگي، ۽ نجات. 31 انهي لاءِ تہ جيئن لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society