Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 9 - Sindhi Bible

1 انهيءَ طرح سڀ اسرائيلي پيڙهين موجب شمار ڪيا ويا؛ ۽ ڏس، اُهي اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن؛ ۽ يهوداہ، پنهنجن گناهن ڪري قيد ٿي بابل ڏي کڄي ويو.

2 هاڻي پهريان رهاڪو، جي هنن جي ملڪيت وارن شهرن ۾ رهندا هئا، سي اسرائيلي هئا، يعني ڪاهن، لاوي ۽ نتينيم.

3 ۽ يروشلم ۾ بني يهوداہ جا، ۽ بني بنيمين جا، ۽ بني افرائيم، ۽ بني منسيءَ جا، ڪي ماڻهو رهندا هئا؛

4 فارص بن يهوداہ جي اولاد مان عوتي بن عميهود، بن عمري، بن امري، بن باني.

5 ۽ سيلونين مان؛ عساياہ پهريون ڄاول، ۽ ان جا پٽ.

6 ۽ زارح جي پٽن مان؛ يعوايل ۽ انهن جا ڀائر، ڇهہ سؤ ۽ نوي.

7 ۽ بنيمين جي پٽن مان؛ سلو بن مسلام، بن هوداوياہ، بن هسينوآہ؛

8 ۽ ابنياہ بن يروحام، ۽ ايلا بن عزي، بن مڪري، ۽ مسلام، بن سفطياہ، بن رعوايل، بن ابنياہ؛

9 ۽ انهن جا ڀائر، سندن پيڙهين موجب، نوَ سؤ ۽ ڇاونجاهہ. اهي سڀ ماڻهو سندن ابن جي گهراڻن موجب ابن جي گهرن جا رئيس هئا.

10 ۽ ڪاهنن مان؛ يدعياہ، ۽ يهويريب، ۽ يڪين؛

11 ۽ عزرياہ، بن خلقياہ، بن مسلام، بن صدوق، بن مرايوت، بن اخيطوب، جو خدا جي گهر جو حاڪم هو؛

12 ۽ عداياہ بن يروحام، بن فشحور، بن ملڪياہ، ۽ معسي، بن عديئيل، بن يحزيراہ، بن مسلام، بن مسلميت، بن امير؛

13 ۽ انهن جا ڀائر، سندن ابن جي گهراڻن جا رئيس، هڪ هزار ست سؤ ۽ سٺ ڄڻا، جي خدا جي گهر جي خدمت جي ڪم لاءِ تمام هوشيار ماڻهو هئا.

14 ۽ لاوين مان؛ سمعياہ، بن حسوب، بن عزريقام، بن حسبياہ، جي مراريءَ جي پٽن مان هئا؛

15 ۽ بقبقر، حرس، ۽ جلال، ۽ متنياہ بن ميڪاہ، بن زڪري، بن آسف؛

16 ۽ عبدياہ، بن سمعياہ، بن جلال، بن يدوتون، ۽ برڪياہ بن آسا، بن القانہ، جي نطوفايتن جي ڳوٺن ۾ رهندا هئا.

17 ۽ دربان، سلوم، ۽ عقوب، ۽ طلمون، ۽ اخيمان، ۽ انهن جا ڀائر؛ سلوم منجهن سردار هو؛

18 اهي هن کان اڳي اُڀرندي ڏي بادشاهہ جي دروازي تي بيهندا هئا: اهي بني لاوي جي لشڪرگاهہ جا دربان هوندا هئا.

19 ۽ سلوم بن قوري، بن ابي آسف، بن قورح، ۽ انهيءَ جا ڀائر سندس پيءُ جي گهراڻي مان. يعني قورحي، عبادت جي ڪم جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ تنبوءَ جي دروازن جا نگهبان هوندا هئا: ۽ انهن جا ابا خداوند جي لشڪرگاهہ جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ اندر گهڙڻ واري در جا نگهبان هوندا هئا؛

20 ۽ فينحاس بن اليعزر اڳين ڏينهن ۾ انهن جو حاڪم هوندو هو، ۽ خداوند انهيءَ سان هو.

21 زڪرياہ بن مسلمياہ جماعت واري تنبوءَ جو دربان هو.

22 اهي سڀيئي جي درن جي لاءِ چونڊي دربان ڪري رکيا ويا هئا، سي ٻہ سؤ ٻارنهن ڄڻا هئا. اهي سندن نسب نامي موجب سندن ڳوٺن ۾ شمار ڪيا ويا هئا، ۽ انهن کي دائود ۽ سموئيل نبيءَ سندن عهدن تي مقرر ڪيو هو.

23 تنهنڪري اهي ۽ انهن جو اولاد خداوند جي گهر جي درن جي نظرداري ڪندا هئا، يعني تنبوءَ جي گهر جي درن جي، انهن جي ڪوٺين موجب.

24 چئني پاسن کان دربان هوندا هئا، يعني اُڀرندي، اُلهندي، اُتر ۽ ڏکڻ ڏي.

25 ۽ انهن جا ڀائر، جي ڳوٺن ۾ هوندا هئا، تن کي وقت بوقت، هفتي هفتي اچي ساڻن شامل ٿيڻو پوندو هو:

26 ڇالاءِ جو چار مکيہ دربان، جي لاوي هوندا هئا، سي ٺهرايل عهدي تي هوندا هئا، ۽ اهي خدا جي گهر ۾ ڪوٺين تي ۽ خزانن تي هوندا هئا.

27 ۽ اُهي خدا جي گهر جي آس پاس رهندا هئا، ڇالاءِ جو انهن جي سنڀال مٿن هوندي هئي ۽ روزبروز صبح جو انهن کي کولڻ سندن ذمي هوندو هو.

28 ۽ انهن مان ڪي عبادت جي ٿانوَن جي سنڀال ڪندا هئا؛ ڇالاءِ جو اُهي شمار سان اندر آڻبا هئا ۽ شمار سان ٻاهر ڪڍبا هئا.

29 انهن مان ڪي سامان تي، ۽ پاڪ جاءِ جي سڀني ٿانوَن تي، ۽ ميدي ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ لوبان ۽ مصالحن تي مقرر هوندا هئا.

30 ۽ ڪاهنن جي پٽن مان ڪي مصالحہ گڏي خوشبوئيون جوڙيندا هئا.

31 ۽ لاوين مان هڪڙو متتياہ، جو سلوم قرحيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو، سو انهن شين تي مقرر هوندو هو جي تئيءَ ۾ پچائبيون هيون.

32 ۽ انهن جي ڀائرن، قهاتين جي پٽن مان ڪي نذراني جي پاڪ مانيءَ تي هوندا هئا، جا هو سڀ ڪنهن سبت جي ڏينهن پچائيندا هئا.

33 ۽ ڳائڻ وارا، جي لاوين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس هوندا هئا، ۽ جي ڪوٺين ۾ رهندا هئا، ۽ ٻي خدمت چاڪريءَ کان آزاد هوندا هئا، سي اهي آهن: ڇالاءِ جو اُهي رات ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهندا هئا.

34 اهي هئا لاوين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، جي سندن سڀني پيڙهين ۾ مکيہ ماڻهو هئا: اهي يروشلم ۾ رهندا هئا.

35 ۽ جبعون ۾ جبعون جو پيءُ يعي ايل رهندو هو، جنهن جي زال جو نالو معڪہ هو؛

36 ۽ انهيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو عبدون، ۽ ٻيا هئا ضور، ۽ قيس، ۽ بعل، ۽ نير، ۽ ندب؛

37 ۽ جدور، ۽ اخيو، ۽ زڪرياہ، ۽ مقلوت.

38 ۽ مقلوت کي سمعام ڄائو، ۽ اُهي بہ پنهنجن ڀائرن جي آمهون سامهون پنهنجن ڀائرن سان گڏ يروشلم ۾ رهندا هئا.

39 ۽ نير کي قيس ڄائو: ۽ قيس کي سائول ڄائو؛ ۽ سائول کي يونتن ڄائو ۽ ملڪيشوع، ۽ ابينداب، ۽ اشبعل.

40 ۽ يونتن جو پٽ مريببعل هو؛ ۽ مريببعل کي ميڪاہ ڄائو.

41 ۽ ميڪاہ جا پٽ؛ فيتون، ۽ ملڪ، ۽ تحريع، ۽ آخز،

42 ۽ آخز کي يعرہ ڄائو؛ ۽ يعرہ کي علمت، ۽ عزماوت، ۽ زمري ڄاوا؛ ۽ زمريءَ کي موضا ڄائو:

43 ۽ موضا کي بنعہ ڄائو؛ ۽ انهيءَ جو پٽ هو رفاياہ، ۽ انهيءَ جو پٽ اليعسہ، ۽ جا پٽ اصيل:

44 ۽ اصيل کي ڇهہ پٽ هئا، جن جا نالا هي آهن؛ عزريقام، بوڪرو، ۽ اسماعيل، ۽ سغرياہ، ۽ عبدياہ، ۽ حنان؛ اهي هئا اصيل جا پٽ.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan