Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 8 - Sindhi Bible

1 بنيمين کي بالع ڄائو، جو سندس پهريون ڄاول ٻار هو، اشبيل ٻيو هو، ۽ اخرخ ٽيون؛

2 نوحہ چوٿون، ۽ رفا پنجون.

3 ۽ بالع جا پٽ هئا ادار، ۽ جيرا، ۽ ابيهود؛

4 ۽ ابيسوع، ۽ نعمان، ۽ اخوح؛

5 ۽ جيرا، ۽ سفوفان، ۽ حورام.

6 ۽ اهود جا پٽ هي آهن: اهي جبع جي رهاڪن جي ابن جي گهراڻن جا رئيس آهن، ۽ انهن کي قيد ڪري مناحت ڏي وٺي ويا؛

7 ۽ نعمان، ۽ اخياہ، ۽ جيرا کي هو قيد ڪري وٺي ويو؛ ۽ انهيءَ کي عزا ۽ اخيحود ڄاوا.

8 ۽ سحريم کي انهن جي موڪلڻ کان پوءِ موآب جي ميدان ۾ ٻار ڄاوا؛ حوسيم ۽ بعراہ انهيءَ جون زالون هيون.

9 ۽ هن کي سندس زال حودس مان يوباب، ۽ ضبيہ، ۽ ميسا، ۽ ملڪام ڄاوا؛

10 ۽ يعوض، ۽ سڪياہ، ۽ مرمہ. اهي هئا انهيءَ جا پٽ ۽ ابن جي گهراڻن جا رئيس.

11 ۽ حوسيم مان هن کي ابيطوب ۽ الفعل ڄاوا.

12 ۽ الفعل جا پٽ؛ عبر، ۽ مشعام، ۽ سامر، جنهن اونو ۽ لد ۽ انهن جا شهر اڏيا:

13 ۽ بريعہ ۽ سمعہ، جي اُنهيءَ ايلون جي رهاڪن جي ابن جي گهرن جا رئيس هئا، جنهن جات جي رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍيو هو؛

14 ۽ اخيو، شاشق، ۽ يريموت؛

15 ۽ زبدياہ، ۽ عراد، ۽ عدر؛

16 ۽ ميڪائيل، ۽ اسفاہ، ۽ يوخا، جي بريعہ جا پٽ هئا؛

17 ۽ زبدياہ ۽ مسلام، ۽ حزقي، ۽ حبر؛

18 ۽ يسمري، ۽ يزلياہ، ۽ يوباب، جي الفعل جا پٽ هئا؛

19 ۽ يقيم، ۽ زڪري، ۽ زبدي؛

20 ۽ العيني، ۽ ضلتي، ۽ اليئل:

21 ۽ عداياہ، ۽ براياہ، ۽ سمرات، جي سمعي جا پٽ هئا؛

22 ۽ اسفان، ۽ عبر، ۽ اليئل:

23 ۽ عبدون، ۽ زڪري، ۽ حنان؛

24 ۽ حنانياہ، ۽ عيلام، ۽ عنتوتياہ؛

25 ۽ يفدياہ، ۽ فنوايل، جي شاشق جا پٽ هئا؛

26 ۽ سمسري، ۽ شحارياہ، ۽ عتالياہ؛

27 يعرسياہ، ۽ الياہ، ۽ زڪري، جي يروحام جا پٽ هئا.

28 اهي هئا سندن سڀني پيڙهين ۾ ابن جي گهراڻن جا رئيس ۽ مکيہ ماڻهو: اهي يروشلم ۾ رهندا هئا.

29 ۽ جبعون ۾ جبعون جو پيءُ رهندو هو، جنهن جي زال جو نالو معڪہ هو:

30 ۽ انهيءَ جو پهريون ڄاول ٻار عبدون، ۽ صور، ۽ قيس، ۽ بعل، ۽ ندب؛

31 ۽ جدور، ۽ اخيو، ۽ زڪر.

32 ۽ مقلوت کي سماہ ڄائو. ۽ اهي بہ پنهنجن ڀائرن سان گڏ يروشلم ۾ پنهنجن ڀائرن جي آمهون سامهون رهندا هئا.

33 ۽ نير کي قيس ڄائو؛ ۽ قيس کي سائول ڄائو؛ ۽ سائول کي يونتن، ۽ ملڪيشوع، ۽ ابينداب، ۽ اشبعل.

34 ۽ يونتن جو پٽ مريبعل هو؛ ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو؛

35 ۽ ميڪاہ جا پٽ فيتون: ۽ ملڪ، ۽ تاريح، ۽ آخز.

36 ۽ آخز جو پٽ يهوعدہ؛ ۽ يهوعدہ کي عليمت ۽ عزماوت، ۽ زمري ڄاوا؛ ۽ زمريءَ کي موضا ڄائو:

37 ۽ موضا کي بنعہ؛ انهيءَ جو پٽ هو رافعہ، انهيءَ جو پٽ اليعسہ، انهيءَ جو پٽ اصيل:

38 ۽ اصيل کي ڇهہ پٽ هئا، جن جا نالا هي آهن: عزريقام، بوڪرو، ۽ اسماعيل، ۽ سغرياہ، ۽ عبدياہ، ۽ حنان. اهي سڀ اصيل جا پٽ هئا.

39 ۽ سندس ڀاءُ عيشق جا پٽ؛ ان جو پهريون ڄاول ٻار اولام، ٻيو يعوس ۽ ٽيون اليفلط.

40 ۽ اولام جا پٽ همت وارا بهادر مرد ۽ ڪماندار هئا، ۽ انهن کي گهڻا پٽ ۽ پوٽا هئا، جي ڏيڍ سؤ هئا، اهي سڀ بنيمين جا پٽ هئا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan