1.تواريخ 7 - Sindhi Bible1 ۽ اشڪار جي پٽن مان؛ تولع، ۽ فوہ، ۽ يسوب، ۽ سمرون، مڙئي چار ڄڻا. 2 ۽ تولع جا پٽ؛ عزي، ۽ رفاياہ، ۽ يري ايل، ۽ يحمي، ۽ ابسام، ۽ سموئيل، هي سندن ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا، يعني تولع جا، سندن پيڙهين موجب همت وارا بهادر ماڻهو، انهن جو شمار دائود جي ڏينهن ۾ ٻاويهہ هزار ۽ ڇهہ سؤ ماڻهو. 3 ۽ عزي جا پٽ؛ ازراخياہ: ۽ ازراخياہ جا پٽ؛ ميڪائيل، ۽ عبدياہ، ۽ يوايل، يسياہ، مڙئي پنج ڄڻا: اهي سڀيئي مکيہ ماڻهو هئا. 4 ۽ انهن سان گڏ، سندن پيڙهين موجب، سندن ابن جي گهراڻن موافق، جنگ ڪرڻ لاءِ لشڪر جون ٽوليون ڇٽيهہ هزار هيون: ڇالاءِ جو انهن کي گهڻيون زالون ۽ گهڻا پٽ هئا. 5 ۽ انهن جا ڀائر لشڪر جي سڀني قبيلن مان همت وارا بهادر مرد، نسب نامي موجب مڙئي شمار ٿيل، ستاسي هزار هئا. 6 بنيمين جا پٽ؛ بالع ۽ بڪر، ۽ يديعيل، مڙئي ٽي ڄڻا. 7 ۽ بلع جا پٽ؛ اصبون، ۽ عزي، ۽ عزي ايل، ۽ يريموت، ۽ عيري، مڙئي پنج ڄڻا؛ جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، همت وارا بهادر مرد هئا؛ اهي نسب نامي موجب ٻاويهہ هزار ۽ چوٽيهہ شمار ڪيا ويا. 8 ۽ بڪر جا پٽ؛ زميرہ، ۽ يوآس، ۽ اليعزر، ۽ اليوعيني، ۽ عمري، ۽ يريموت، ۽ ابياہ، ۽ عنتوت، ۽ علامت. اهي سڀ بڪر جا پٽ هئا. 9 ۽ اُهي نسب نامي موجب، سندن پيڙهين موافق پنهنجي ابن جي گهراڻن موافق همت وارا بهادر مرد، ويهہ هزار ۽ ٻہ سؤ شمار ڪيا ويا. 10 يدع ايل جو پٽ؛ بلحان؛ بلحان جا پٽ، يعوس، ۽ بنيمين، ۽ اهود، ۽ ڪنعانہ، ۽ زيتان، ۽ ترسيس، ۽ اخي سحر. 11 اهي سڀ يدع ايل جا پٽ هئا، جي سندن ابن جي گهراڻن جي رئيسن موجب همت وارا بهادر مرد، سترهن هزار ٻہ سؤ هئا، جي جنگ جي لاءِ لشڪر ۾ نڪري وڃي ٿي سگهيا. 12 سفيم بہ، ۽ حفيم، جي عير جا پٽ هئا، ۽ حشيم، احير جو پٽ هو. 13 نفتاليءَ جا پٽ؛ يحصي ايل، ۽ جوني، ۽ يصر، ۽ سلوم، پٽ بلہ جا. 14 منسيءَ جا پٽ؛ اسري ايل، جنهن کي سندس زال ڄڻيو: (سندس سريت، جا ارامي هئي، تنهن کي مڪير ڄائو، جو جلعاد جو پيءُ هو: 15 ۽ مڪير، حفيم ۽ سفيم مان زال پرڻيو، جنهن جي ڀيڻ جو نالو معڪہ هو؛) ۽ ٻئي جو نالو صلافحاد هو: ۽ صلافحاد کي ڌيئرون هيون. 16 ۽ مڪير جي زال معڪہ هڪڙو پٽ ڄڻيو، ۽ انهيءَ جو نالو فرس رکيائين؛ ۽ انهيءَ جي ڀاءُ جو نالو شرس هو؛ ۽ انهيءَ جا پٽ هئا اولام ۽ رقم. 17 ۽ اولام جو پٽ؛ بدان. اِهي هئا جلعاد بن مڪير، بن منسيءَ جا پٽ. 18 ۽ انهيءَ جي ڀيڻ همولڪت، اشهود، ۽ ابيعزر، ۽ محلا ڄڻيا. 19 ۽ سميدع جا پٽ هئا اخيان ۽ سڪم، ۽ لقحي ۽ انيعام. 20 ۽ افرائيم جا پٽ؛ سوتلح، ۽ انهيءَ جو پٽ برد، ۽ انهيءَ جو پٽ تحت، ۽ انهيءَ جو پٽ اليعدہ، ۽ انهيءَ جو پٽ تحت. 21 ۽ انهيءَ جو پٽ زبد، ۽ انهيءَ جو پٽ سوتلح، ۽ عزر، ۽ اليعد، جن کي جات جا ماڻهو جي انهيءَ زمين ۾ ڄاوا هئا تن ڪُٺو، ڇالاءِ جو هو سندن چوپائي مال وٺڻ لاءِ ڪاهي آيا هئا. 22 ۽ انهن جي پيءُ افرائيم گهڻن ڏينهن تائين ماتم ڪيو، ۽ سندس ڀائر کيس تسلي ڏيڻ آيا. 23 ۽ هو پنهنجي زال وٽ ويو ۽ اها پيٽ سان ٿي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيائين، ۽ انهيءَ جو نالو بريعہ رکيائين، ڇالاءِ جو سندس گهر کي خرابي پهتي هئي. 24 ۽ هن جي ڌيءَ سراہ هئي، جنهن هيٺيون ۽ مٿيون بيت حورون ۽ عزن سراہ جوڙيا. 25 ۽ انهيءَ جو پٽ هو رفح، ۽ رسف، ۽ انهيءَ جو پٽ تلاح، ۽ انهيءَ جو پٽ تحن؛ 26 ۽ انهيءَ جو پٽ لعدان، انهيءَ جو پٽ عميهود، انهيءَ جو پٽ اليسمع؛ 27 انهيءَ جو پٽ نون، انهيءَ جو پٽ يهوسوع. 28 ۽ انهن جون ملڪيتون ۽ رهڻ جون جايون هيون؛ بيت ايل، ۽ ان جا شهر، ۽ اُڀرندي ڏي نعران، ۽ الهندي ڏي جزر. اُن جي شهرن سميت؛ سڪم بہ، ۽ ان جا شهر، عزہ، ۽ ان جي شهرن تائين: 29 ۽ بني منسي جي سرحدن جي ڀرسان بيت شان ۽ ان جا شهر، تعناڪ، ۽ ان جا شهر، مجدو، ۽ ان جا شهر، دور، ۽ ان جا شهر، انهن ۾ يوسف بن اسرائيل جو اولاد رهندو هو. 30 آشر جا پٽ؛ يمنا، ۽ اسواہ، ۽ اسوي، ۽ بريعہ، ۽ انهن جي ڀيڻ سرح. 31 ۽ بريعہ جا پٽ؛ حبر ۽ ملڪي ايل، جو برزاويت جو پيءُ هو. 32 ۽ حبر کي يفليط ڄائو، ۽ سومر، ۽ خوتام، ۽ سندن ڀيڻ سوع. 33 ۽ يفليط جا پٽ؛ فاساڪ، ۽ بمهال، ۽ عسوات. اهي آهن بني يفليط. 34 ۽ سامر جا پٽ؛ اخي، ۽ روهجہ، ۽ يحبہ، ۽ ارام. 35 ۽ سندس ڀاءُ هيلم جا پٽ؛ صوفح، ۽ امنع، ۽ سلس، ۽ عمل. 36 صوفح جا پٽ؛ سوح، ۽ حرنفر، ۽ سوعل، ۽ بيري، ۽ امراہ؛ 37 بصر، ۽ هود، ۽ سما، ۽ سلسہ، ۽ اتران، ۽ بيرا. 38 ۽ يتر جا پٽ؛ يفنہ، ۽ فسفاہ، ۽ ارا. 39 ۽ عُلہ جا پٽ؛ ارخ، ۽ حني ايل، ۽ رضياہ. 40 اهي بني آشر هئا، جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، چونڊيل همت وارا بهادر مرد ۽ اميرن ۾ مکيہ هئا. ۽ انهن جو شمار نسب نامي موجب جنگ جي خدمت لاءِ ڇويهہ هزار ماڻهو هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society