Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 6 - Sindhi Bible

1 لاويءَ جا پٽ؛ جيرسون، قهات ۽ مراري.

2 ۽ قهات جا پٽ؛ عمرام، اضهار، ۽ حبرون ۽ عزي ايل.

3 ۽ عمرام جو اولاد؛ هارون، ۽ موسيٰ، ۽ مريم. ۽ هارون جا پٽ؛ ندب ۽ ابيهو، اليعزر، ۽ اتمر.

4 اليعزر کي فينحاس ڄائو، فينحاس کي ابيسوع ڄائو؛

5 ۽ ابيسوع کي بقي ڄائو، ۽ بقيءَ کي عزي ڄائو؛

6 ۽ عزيءَ کي زراخياہ ڄائو، ۽ زراخياہ کي مرايوت ڄائو؛

7 مرايوت کي امرياہ ڄائو، ۽ امرياہ کي اخيطوب ڄائو؛

8 ۽ اخيطوب کي صدوق ڄائو، ۽ صدوق کي اخيمعض ڄائو؛

9 اخيمعض کي عزرياہ ڄائو، ۽ عزرياہ کي يوحنان ڄائو؛

10 ۽ يوحنان کي عزرياہ ڄائو، (اِهو اُهو آهي جنهن يروشلم ۾ سليمان جي جوڙايل گهر ۾ ڪاهن جو عهدو ٿي هلايو:)

11 ۽ عزرياہ کي امرياہ ڄائو، ۽ امرياہ کي اخيطوب ڄائو؛

12 ۽ اخيطوب کي صدوق ڄائو، ۽ صدوق کي سلوم ڄائو؛

13 ۽ سلوم کي خلقياہ ڄائو، ۽ خلقياہ کي عزرياہ ڄائو؛

14 ۽ عزرياہ کي سراياہ ڄائو، ۽ سراياہ کي يهوصدق ڄائو؛

15 ۽ يهوصدق، جڏهن خداوند يهوداہ ۽ يروشلم کي نبوڪدنضر جي هٿان جلاوطن ڪرايو، تڏهن قيد ٿي ويو.

16 لاويءَ جا پٽ؛ جيرسوم، قهات ۽ مراري.

17 ۽ جيرسوم جي پٽن جا نالا هي آهن؛ لبني ۽ سمعي.

18 ۽ قهات جا پٽ هئا عمرام، ۽ اضهار، ۽ حبرون ۽ عزي ايل.

19 مراريءَ جا پٽ؛ محلي ۽ موشي. ۽ لاوين جا قبيلا سندن ابن جي گهراڻن موجب هي آهن.

20 جيرسوم جا؛ سندس پٽ لبني، انهيءَ جو پٽ يحت، انهيءَ جو پٽ زمہ؛

21 انهيءَ جو پٽ يوآخ، انهيءَ جو پٽ عيدو، انهيءَ جو پٽ زارح، انهيءَ جو پٽ يتري.

22 قهات جا پٽ؛ سندس پٽ ابينداب، انهيءَ جو پٽ قورح، انهيءَ جو پٽ اسير؛

23 انهيءَ جو پٽ القانہ ۽ انهيءَ جو پٽ ابي آسف ۽ انهيءَ جو پٽ اسير؛

24 انهيءَ جو پٽ تحت، انهيءَ جو پٽ اوري ايل، انهيءَ جو پٽ عزياہ؛ ۽ انهيءَ جو پٽ سائول.

25 القانہ جا پٽ؛ عماسي ۽ اخيموت.

26 القانہ بابت: القانہ جا پٽ؛ سندس پٽ صوفي، ۽ انهيءَ جو پٽ نحت؛

27 انهيءَ جو پٽ الياب، انهيءَ جو پٽ يروحام، انهيءَ جو پٽ القانہ.

28 ۽ سموئيل جا پٽ؛ پهريون ڄاول يوايل ۽ ٻيو ابياہ.

29 مراريءَ جا پٽ؛ محلي، انهيءَ جو پٽ لبني، انهيءَ جو پٽ سمعي، انهيءَ جو پٽ عزہ.

30 انهيءَ جو پٽ سمعا، انهيءَ جو پٽ حجياہ، انهيءَ جو پٽ عساياہ.

31 ۽ اِهي آهن اُهي، جن کي صندوق جي آرام جي جاءِ تي اچڻ کانپوءِ دائود ڳائڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو.

32 ۽ اُهي جماعت واري تنبوءَ جي حجري جي اڳيان ڳائڻ جي خدمت ڪندا هئا، جيسين ڪ سليمان يروشلم ۾ خداوند جو گهر جوڙايو: ۽ اهي پنهنجي درجي موجب پنهنجو عهدو هلائيندو هئا.

33 اهي خدمت ڪرڻ وارا ۽ انهن جا پٽ هي آهن. قهاتين جي پٽن مان ڳائڻ وارو هيمان بن يوايل، بن سموايل؛

34 بن القانہ، بن يروحام، بن الي ايل، بن توح؛

35 بن صوف، بن القانہ، بن محت، بن عماسي؛

36 بن القانہ، بن يوايل، بن عزرياہ، بن ضفنياہ؛

37 بن تحت، بن اسير، بن ابي آسف، بن قورح؛

38 بن اضهار، بن قهات، بن لاوي، بن اسرائيل.

39 ۽ انهيءَ جو ڀاءُ آسف، جو هن جي سڄي هٿ پاسي بيهندو هو، يعني آسف بن برڪياہ، بن سمعا؛

40 بن ميڪائيل، بن بعسياہ بن ملڪياہ؛

41 بن اتني، بن زارح، بن عداياہ؛

42 بن ايتان، بن زمہ، بن سمعي؛

43 بن يحت، بن جيرسوم، بن لاوي.

44 ۽ کٻي پاسي سندن ڀائرن، مراريءَ جا پٽ؛ ايتان بن قيسي، بن عبدي، بن ملوڪ؛

45 بن حسبياہ، بن امصياہ، بن خلقياہ

46 بن امصي، بن باني، بن سامر؛

47 بن محلي، بن موشي، بن مراري، بن لاوي

48 ۽ انهن جا ڀائر لاوي خدا جي گهر جي تنبوءَ جي هر قسم جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا.

49 پر هارون ۽ سندس پٽ، سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ تي، توڙي لوبان واري قربانگاهہ تي، تمام پاڪ جاءِ جي لاءِ سڀ خدمت بجا آڻيندا هئا، ۽ جيڪي حڪم خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏنا هئا، تن موجب اسرائيل جي پاران ڪفارو ڏيندا هئا.

50 ۽ هارون جا پٽ هي آهن؛ سندس پٽ اليعزر، انهيءَ جو پٽ فينحاس، انهيءَ جو پٽ ابيسوع؛

51 انهيءَ جو پٽ بقي، انهيءَ جو پٽ عزي، انهيءَ جو پٽ زراخياہ؛

52 انهيءَ جو پٽ مرايوت، انهيءَ جو پٽ امرياہ، انهيءَ جو پٽ اخيطوب؛

53 انهيءَ جو پٽ صدوق، انهيءَ جو پٽ اخيمعض.

54 هاڻي انهن جي سرحدن ۾ سندن منزلگاهن موجب سندن رهڻ جون جايون هي آهن: هارون جي پٽن لاءِ، جي قهاتين جي قبيلن مان هئا،. پهرين ڪڻي وارو حصو هو.

55 انهن کي هنن يهوداہ جي زمين ۾ حبرون ۾ انهيءَ جي آس پاس وارا ٻهراڙيءَ جا ڳوٺ ڏنا؛

56 پر انهيءَ شهر جون ٻنيون ۽ انهن جا ڳوٺ هنن ڪالب بن يفنہ کي ڏنا.

57 ۽ هارون جي پٽن کي پناهہ جي شهرن لاءِ هن حبرون ڏنو؛ لبناہ ۽ ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ يتير، ۽ استموع، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛

58 ۽ حيلان، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، دبير ان جي ٻهراڙيءَ سميت:

59 ۽ عسن، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ بيت شمس، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛

60 ۽ بنيمين جي فرقي مان؛ جبع، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ علمت، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ عنتوت، ان جي ٻهراڙيءَ سميت. انهن جا ڪل شهر، جي انهن جي قبيلن جا هئا، سي تيرهن شهر هئا.

61 ۽ قهات جي باقي رهيل پٽن کي، انهيءَ فرقي جي قبيلي مان ڪڻي وجهڻ سان منسيءَ جي اڌ فرقي جا ڏهہ شهر ڏنا ويا.

62 ۽ جيرسوم جي پٽن کي، سندن قبيلن موجب، اشڪار جي فرقي مان، ۽ آشر جي فرقي مان، ۽ نفتاليءَ جي فرقي مان، ۽ منسيءَ جي فرقي مان، جو بسن ۾ هو، تيرهن شهر ڏنا ويا.

63 مراريءَ جي پٽن کي ڪڻي وجهڻ سان، سندن قبيلن موجب، روبن جي فرقي مان ۽ جد جي فرقي مان، ۽ زبولون جي فرقي مان، ٻارهن شهر ڏنا ويا.

64 ۽ بني اسرائيل لاوين کي ٻهراڙين سميت شهر ڏنا.

65 ۽ بني يهوداہ جي فرقي مان، ۽ بني شمعون جي فرقي مان، ۽ بني بنيمين جي فرقي مان، ڪڻن وجهڻ سان اهي شهر ڏنا، جن جو ناليوار مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي.

66 ۽ قهات جي پٽن مان ڪن کي افرائيم جي فرقي مان سندن سرحد وارا شهر مليا.

67 ۽ هنن انهن کي هي پناهہ جا شهر ڏنا، افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛ جزر، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛

68 ۽ يقمعام، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛ ۽ بيت حورون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت.

69 ۽ ايلون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ جات رمون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:

70 ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي مان؛ عانير، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ بلعام، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، جي قهات جي پٽن جي قبيلي مان باقي رهيل ماڻهن کي مليا.

71 جيرسوم جي پٽن کي، منسيءَ جي اڌ فرقي مان بسن ۾ جولان، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ عستارات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:

72 ۽ اشڪار جي فرقي مان؛ قادس، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، دابرات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛

73 ۽ رامات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ عانيم، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:

74 ۽ آشر جي فرقي مان؛ مسل، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ عبدون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛

75 ۽ حقوق، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ رحوب، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:

76 ۽ نفتالي جي فرقي مان؛ جليل ۾ قادس، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ حمون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ قريتائيم، ان جي ٻهراڙيءَ سميت.

77 باقي رهيل لاوين، مراريءَ جي پٽن کي زبولون جي فرقي مان؛ رمون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، تبور، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:

78 ۽ يردن جي هن ڀر، يريحو ۾، يردن جي اُڀرندي پاسي، هنن کي روبن جي فرقي مان بيابان ۾، بصر، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ يهصہ، ان جي ٻهراڙيءَ سميت.

79 ۽ قديمات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ مفعت، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:

80 ۽ جد جي فرقي مان، جلعاد ۾؛ رامات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ محنايم، ان جي ٻهراڙيءَ سميت،

81 ۽ حسبون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ يعزير ان جي ٻهراڙيءَ سميت.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan