1.تواريخ 4 - Sindhi Bible1 يهوداہ جا پٽ؛ فارص، حصرون، ڪرمي، حور، سوبل. 2 ۽ سوبل جي پٽ رياياہ کي يحت ڄائو؛ ۽ يحت کي اخومي، ۽ لاهد ڄاوا. اهي آهن صرعتين جا گهراڻا. 3 ۽ عيطام جي پيءُ جا هي پٽ هئا؛ يزرعيل ۽ اسمع ۽ ادباس: ۽ انهيءَ جي ڀيڻ جو نالو هضل الفوني هو: 4 ۽ فنوايل، جو جدور جو پيءُ هو، ۽ عزر، جو حوسہ جو پيءُ هو، اهي آهن حور جا پٽ، جو افراتہ جو پهريون ڄاول ٻار هو، ۽ بيت الحم جو پيءُ هو. 5 ۽ تقوع جي پيءُ اشور کي ٻہ زالون هيون، حيلاہ ۽ نعراہ. 6 ۽ نعراہ مان هن کي اخوسام ۽ حفر ۽ تيمني ۽ هخستري ڄاوا. اهي هئا نعراہ جا پٽ. 7 ۽ حيلاہ جا پٽ هئا ضرت ۽ يضوآر ۽ اتنان. 8 ۽ قوض مان عنوب ۽ ضوبيبہ، ۽ حروم جي پٽ آخرخيل جا گهراڻا پيدا ٿيا. 9 ۽ يعبيض پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ عزت آبرو وارو هو: ۽ ماڻس يعبيض نالو هن ڪري ڏنس جو چيائين تہ مون هن کي ڏکن سان ڄڻيو. 10 ۽ يعبيض اسرائيل جي خدا کي سڏي چيو تہ شل تون مون کي سچ پچ برڪت وارو ڪرين، ۽ منهنجي حد وڌائين، ۽ شل تنهنجو هٿ مون سان هجي، ۽ تون مون کي سچ پچ بڇڙائيءَ کان بچائين، تہ مون کي ڏک ڪونہ رسي! ۽ خدا اها سندس دعا قبول ڪئي. 11 ۽ سوخہ جي ڀاءُ ڪلوب کي محير ڄائو، جو استون جو پيءُ هو. 12 ۽ استون کي بيت رفا، ۽ فاسحہ، ۽ تحنہ، جو عيرنحس جو پيءُ هو، سي ڄاوا. اهي آهن ريڪاہ جا ماڻهو. 13 ۽ قنز جا پٽ؛ غتنئيل ۽ شراياہ: ۽ غتنئيل جو پٽ؛ حتت. 14 ۽ معوناتي کي عفرہ ڄائو: ۽ شراياہ کي يوآب ڄائو: جو خراسيم جو پيءُ هو؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪاريگر ماڻهو هئا. 15 ۽ ڪالب بن يفنہ جا پٽ؛ عيرو، ايلا ۽ نعم: ۽ ايلا جا پٽ؛ قنز. 16 ۽ يهللئيل جا پٽ؛ زيف ۽ زيفہ، تيرياہ ۽ اسڪري ايل. 17 ۽ عزرہ جا پٽ؛ يتر، ۽ مرِد، ۽ عفر، ۽ يلون: ۽ هن مريم، ۽ سمعي، ۽ اسباح ڄڻيا جو استموع جو پيءُ هو. 18 ۽ هن جي يهودياڻي زال يرد ڄڻيو، جو جدور جو پيءُ هو، ۽ حبر، جو شوڪو جو پيءُ هو، ۽ يقوتئيل، جو زنوح جو پيءُ هو. ۽ اهي آهن بتياہ جا پٽ، جا فرعون جي ڌيءَ هئي، ۽ مرِد سان پرڻي هئي. 19 ۽ نحم جي ڀيڻ هودياہ جي زال جا پٽ هئا قعيلہ، جرمي جو پيءُ، ۽ استموع معڪاتي. 20 ۽ سيمون جا پٽ؛ امنون ۽ رناہ، بن حنان ۽ تيلون. ۽ يسعي جا پٽ؛ زوحت ۽ بن زوحت. 21 يهوداہ جي پٽ سيلا جا پٽ؛ عير، جو لڪا جو پيءُ هو، ۽ لعدہ، جو مريسہ جو پيءُ هو، ۽ انهن جي گهراڻي جا قبيلا، جي عمدو ڪتاني ڪپڙو اُڻندا هئا، يعني بيت اشبيع جي گهراڻي جا؛ 22 ۽ يوقيم، ۽ ڪوزيبا جا ماڻهو، ۽ يوآس، ۽ شراف، جي موآب ۾ حاڪم هئا، ۽ يسوبي لحم. ۽ اهي دفتر قديم آهن. 23 اهي هئا ڪنڀر جي نتائيم ۽ گديرا جا رهاڪو هئا: اتي هو بادشاهہ وٽ سندس ڪم لاءِ رهندا هئا. 24 شمعون جا پٽ؛ نموايل ۽ يمين، يريب، زارح، سائول: 25 انهيءَ جو پٽ سلوم، انهيءَ جو پٽ مبسام، انهيءَ جو پٽ مسماع. 26 ۽ مسماع جا پٽ؛ انهيءَ جو پٽ حموايل، انهيءَ جو پٽ زڪور، انهيءَ جو پٽ سمعي. 27 ۽ سمعي کي سورهن پٽ ۽ ڇهہ ڌيئرون هيون؛ پر هن جي ڀائرن کي گهڻو اولاد ڪونہ هو، نڪي هنن جو اولاد يهوداہ جي اولاد وانگي وڌيو. 28 ۽ اهي بيرسبع، ۽ مولادہ، ۽ حصرسوعال ۾ رهندا هئا؛ 29 ۽ بلها ۾، ۽ عضم ۾، ۽ تولاد ۾؛ 30 ۽ بتوايل ۾، ۽ حرمہ، ۽ صقلاج ۾؛ 31 ۽ بيت مرڪبوت ۾، ۽ حصر سوسيم ۾، ۽ بيت برائي ۾، ۽ شعرئيم ۾ رهندا هئا. اهي هئا هنن جا شهر دائود جي راڄ تائين. 32 ۽ هنن جا ڳوٺ هئا عيطام ۽ عين، رمون ۽ توڪن ۽ عسن، مڙئي پنج شهر: 33 ۽ انهن ساڳين شهرن جي چوڌاري هنن جا سڀ ڳوٺ بعل تائين. اهي هئا هنن جي رهڻ جا هنڌ، ۽ انهن کي پنهنجو نسب نامو آهي. 34 ۽ مسوباب، ۽ يمليڪ، ۽ يوشہ بن امصياہ؛ 35 ۽ يوايل، ۽ ياهو بن يوسيبياہ، بن شراياہ، بن عسيئيل؛ 36 ۽ اليوعيني، ۽ يعقوبہ، ۽ يسوخايہ، ۽ عساياہ، ۽ عديئيل، ۽ يسيمئيل، ۽ بناياہ؛ 37 ۽ زيزا بن شفعي، بن الون، بن يداياہ، بن سمري، بن سمعياہ؛ 38 اهي، جن جا نالا ڏنا ويا، سي پنهنجن قبيلن جا سردار هئا؛ ۽ انهن جي ابن جا گهراڻا تمام گهڻو وڌي ويا. 39 ۽ اُهي جدور جي گهڙڻ جي جاءِ تائين ويا، يعني انهيءَ واديءَ جي اُڀرندي پاسي تائين ويا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجن ڌڻن جي واسطي چارو ڳولين. 40 ۽ انهن سڻڀو ۽ چڱو چارو لڌو، ۽ زمين ڪشادي، ۽ ماٺ ۽ آرام واري هئي؛ ڇالاءِ جو قديم وقت ۾ اُتي جيڪي رهندا هئا سي حام جو اولاد هئا. 41 ۽ اِهي ناليوار مٿي ذڪر ڪيل يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ آيا، ۽ هنن جا تنبو، ۽ معونيم جي اُتي لڌائون، تن کي ماريائون ۽ اڄ ڏينهن تائين بلڪل ناس ڪري ڇڏيائون، ۽ پاڻ اُنهن جي جاءِ تي رهي پيا: ڇالاءِ جو اُتي هنن جي ڌڻن جي لاءِ چارو موجود هو. 42 ۽ انهن مان ڪي، يعني شمعون جا پٽ، جي پنج سؤ ماڻهو هئا، سي شعير جبل ڏي ويا، ۽ سندن سردار فلطياہ، ۽ نعرياہ، ۽ رفاياہ، ۽ عزي ايل هئا، جي يسعيءَ جا پٽ هئا؛ 43 ۽ جيڪي عماليقي باقي بچيا هئا ۽ ڀڄي نڪتا هئا، تن کي ماري پاڻ اتي رهڻ لڳا، ۽ اڄ ڏينهن تائين اُتي رهندا اچن. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society