1.تواريخ 29 - Sindhi Bible1 ۽ دائود بادشاهہ ساري جماعت کي چيو، تہ خدا فقط منهنجي پٽ سليمان کي چونڊيو آهي، ۽ هو اڃا ننڍو ۽ ڳڀرو آهي، ۽ ڪم تمام وڏو آهي: ڇالاءِ جو اهو محل اسان جي لاءِ نہ آهي، پر خداوند خدا جي لاءِ آهي. 2 هاڻي مون پنهنجي وت آهر پنهنجي خدا جي گهر جي واسطي سون جي شين لاءِ سون، چانديءَ جي شين لاءِ چاندي، پتل جي شين لاءِ پتل، لوهہ جي شين لاءِ لوهہ، ڪاٺ جي شين لاءِ ڪاٺ، عقيق، ۽ جڙيل پٿر، ۽ ميناڪاريءَ لاءِ رنگين پٿر، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا قيمتي پٿر، ۽ گهڻو سنگ مرمر تيار ڪيو آهي. 3 انهيءَ کان سواءِ وڌيڪ، ڇالاءِ جو مون کي خدا جي گهر جي لنؤ لڳي، ۽ مون وٽ سون ۽ چانديءَ جو خانگي خزانو آهي، تنهنڪري آءٌ انهيءَ کي بہ انهن سڀني شين کانسواءِ جي مون پاڪ گهر جي لاءِ تيار ڪيون آهن، سي پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ڏيان ٿو؛ 4 يعني هزار قنطار سون، جو اوفير جو سون آهي، ۽ ست هزار قنطار نج چاندي، گهر جي ڀتين تي مڙهڻ لاءِ: 5 ۽ ڪاريگرن جي هٿ جي هر ڪنهن قسم جي ڪم لاءِ، سون جي شين لاءِ سون، ۽ چانديءَ جي شين لاءِ چاندي. هاڻي ڪير تيار آهي تہ خوشيءَ سان پنهنجو پاڻ کي اڄ خداوند جي لاءِ مخصوص ڪري؟ 6 تڏهن اباڻي گهراڻن جي سردارن، ۽ اسرائيل جي فرقن جي سردارن، ۽ هزارن ۽ سوَن جي سردارن ۽ شاهي ڪم جي مقدمن پنهنجي رضامنديءَ سان؛ 7 خدا جي گهر جي ڪم لاءِ پنج هزار قنطار ۽ ڏهہ هزار درهم سون، ڏهہ هزار قنطار چاندي، ارڙهن هزار قنطار پتل، ۽ هڪ لک قنطار لوهہ ڏنو. 8 ۽ جن وٽ جواهر هئا تن انهن کي جيرسوني يحيئيل جي هٿ ۾ خداوند جي گهر جي خزاني لاءِ ڏنا، 9 تڏهن ماڻهن خوشيون ڪيون، جو رضامنديءَ سان ڏنائون، ڇالاءِ جو انهن پوريءَ دل سان ۽ رضامنديءَ سان خداوند جي لاءِ ٿي ڏنو: ۽ دائود بادشاهہ بہ ڏاڍو سرهو ٿيو. 10 انهيءَ ڪري دائود ساريءَ جماعت جي اڳيان خداوند کي دعا ڏني: ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، اسان جي پيءُ اسرائيل جا خدا، تون هميشہ لاءِ مبارڪ آهين. 11 اي خداوند، عظمت، ۽ قدرت، ۽ جلال، ۽ فتح ۽ حشمت تنهنجي آهي: ڇالاءِ جو جيڪي ڪجهہ آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو تنهنجو آهي. اي خداوند، بادشاهي تنهنجي آهي، ۽ تون ئي سڀني جي مٿان بلند آهين. 12 دولت ۽ عزت تو وٽان آهي، ۽ تون سڀني تي حڪومت ڪرين ٿو؛ ۽ تنهنجي هٿ ۾ قدرت ۽ طاقت آهي؛ ۽ سرفراز ڪرڻ ۽ سڀ ڪنهن کي زور بخشڻ تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي. 13 هاڻي تنهنڪري، اسان جا خدا، اسين تنهنجو شڪر ۽ تنهنجي جلالي نالي جي تعريف ٿا ڪريون. 14 پر آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجي قوم ڪير آهي، جو اسين هن طرح رضامنديءَ سان نذرانو ڏيون؟ ڇالاءِ جو سڀ شيون تو وٽان آهن، ۽ تنهنجي ئي شين مان اسان توکي ڏنو آهي. 15 ڇالاءِ جو اسين تنهنجي اڳيان پرديسي ۽ مسافر آهيون، جيئن اسان جا ابا ڏاڏا هئا: اسان جي عمر هن دنيا ۾ پاڇي وانگر آهي، ۽ جٽاءُ ڪونهي. 16 اي خداوند اسان جا خدا، هي سڄو انبار جو اسان تيار ڪيو آهي تہ تنهنجي پاڪ نالي جي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيون، سو تنهنجي ئي هٿان مليو آهي، ۽ سڀ ڪجهہ تنهنجو ئي آهي. 17 اي منهنجا خدا، آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون دل کي جاچين ٿو، ۽ سچائيءَ ۾ تنهنجي خوشي آهي. مون پنهنجي دل جي سچائيءَ سان هي سڀ شيون رضامنديءَ سان ڏنيون آهن: هاڻي مون کي، تنهنجي قوم جا هتي حاضر آهي، تنهن کي تنهنجي حضور ۾ رضامنديءَ سان ڏيندو ڏسي، ڏاڍي خوشي حاصل ٿي آهي. 18 اي خداوند، اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا، يعني ابرهام، اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، پنهنجي قوم جي دل جي خيال ۽ رويا ۾ اها ڳالهہ سدائين ڄمائي رک، ۽ سندن دل کي پنهنجي لاءِ تيار ڪر: 19 ۽ منهنجي پٽ سليمان کي اهڙي ڪامل دل عطا ڪر، تہ تنهنجي حڪمن، شاهدين، ۽ قانونن جي سنڀال ڪري، ۽ انهن تي عمل ڪري، ۽ انهيءَ محل کي ٺاهي، جنهن جي لاءِ مون تياري ڪئي آهي. 20 ۽ دائود ساري جماعت کي چيو تہ، هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي دعا ڏيو. ۽ ساريءَ جماعت خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي دعا ڏني ۽ سر جهڪائي، خداوند ۽ بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو. 21 ۽ ٻئي ڏينهن خداوند جي لاءِ قربانيون ذبح ڪيائون، ۽ خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون چاڙهيائون، يعني هڪ هزار ڏاند، ۽ هڪ هزار گهٽا، ۽ هڪ هزار گهيٽا، ۽ انهن سان پيئڻ جون قربانيون، ۽ ٻيون گهڻيئي قربانيون، سڄي اسرائيل لاءِ چاڙهيائون؛ 22 ۽ هو انهيءَ ڏينهن نهايت شادمان ٿيا، ۽ خداوند جي حضور کاڌائون پيتائون. ۽ ٻيو دفعو دائود جي پٽ سليمان کي بادشاهہ ڪري، ۽ خداوند جي طرفان پيشوا ڪري، ۽ صدوق کي ڪاهن ڪري مسح ڪيائون. 23 تڏهن سليمان خداوند جي تخت تي پنهنجي پيءُ دائود جي بدران بادشاهہ ٿي ويٺو، ۽ اقبالمند ٿيو؛ ۽ ساري اسرائيل سندس حڪم مڃيو. 24 ۽ سڀ رئيس، ۽ بهادر مرد، ۽ انهيءَ طرح بادشاهہ دائود جا سڀيئي پٽ بہ، بادشاهہ سليمان جي تابع ٿيا. 25 ۽ خداوند ساري اسرائيل جي نگاهہ ۾ سليمان کي نهايت سرفراز ڪيو، ۽ کيس اهڙو شاهاڻو شان بخشيائين، جهڙو کانئس اڳي اسرائيل ۾ ڪنهن بہ بادشاهہ کي نصيب نہ ٿيو هو. 26 هاڻي دائود بن يسي ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي. 27 ۽ ڪل عرصو جو هن اسرائيل تي بادشاهي ڪئي چاليهہ ورهيہ هو؛ يعني حبرون ۾ ست ورهيہ بادشاهي ڪيائين، ۽ يروشلم ۾ ٽيٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪيائين. 28 ۽ هن ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿي، دولت ۽ عزت سان آسودہ ٿي، وفات ڪئي: ۽ سندس پٽ سليمان سندس بدران بادشاهہ ٿيو. 29 هاڻي دائود بادشاهہ جا ڪم، شروع کان وٺي آخر تائين، ڏس، سڀيئي سموئيل غيب دان جي تواريخ ۾، ۽ ناتن نبيءَ جي تواريخ ۾، ۽ جاد غيب دان جي تواريخ ۾؛ 30 يعني سندس ساري حڪومت ۽ زور، ۽ جيڪو زمانو هن تي، ۽ اسرائيل تي، ۽ دنيا جي سڀني بادشاهن تي ٿي گذريو، سو سڀ لکيل آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society