Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 27 - Sindhi Bible

1 بني اسرائيل پنهنجي شمار موجب، يعني اباڻي گهراڻي جي رئيسن، ۽ هزارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ سندن عملدارن، مهيني بہ مهيني، سال جي سڀني مهينن ۾، اچڻ وڃڻ جي ترتيب موجب بادشاهہ جي خدمت ٿي ڪئي: هرهڪ حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

2 پهرين مهيني ۾، يعني پهرين حصي جي مٿان يسوبعام بن زبدي ايل: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

3 هو بني فارص مان هو، ۽ پهرين مهيني لاءِ لشڪر جي سڀني سردارن ۾ مکيہ هو.

4 ۽ ٻئي مهيني جي حصي جي مٿان دودي اخوحي هو، ۽ سندس حصي ۾؛ مقلوت سردار، ۽ حصي جا چوويهہ هزار هئا.

5 ٽئين مهيني جي لشڪر جو خاص ٽيون سردار يهويدع ڪاهن جو پٽ بناياہ هو: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

6 هي اهو بناياہ آهي، جو ٽيهن ئي ۾ زبردست هو، ۽ انهن ٽيهن جي مٿان هو: ۽ سندس حصي ۾ سندس پٽ عميزباد بہ شامل هو.

7 چوٿين مهيني لاءِ يوآب جو ڀاءُ عساهيل هو، ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ زبدياہ هو: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

8 پنجين مهيني لاءِ پنجون سردار سمهوت ازراخي هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

9 ڇهين مهيني لاءِ ڇهون سردار تقوعي عير بن عقيس هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

10 ستين مهيني لاءِ ستون سردار بني افرائيم مان فلوني خلص هو: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

11 اٺين مهيني لاءِ اٺون سردار زارحين مان حوساتي سبڪي هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

12 نائين مهيني لاءِ نائون سردار بنيمينين مان عنتوتي ابيعزر هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

13 ڏهين مهيني ۾ ڏهون سردار زارحين مان نطوفاتي مهري هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

14 يارهين مهيني لاءِ يارهون سردار بني افرائيم مان فرعاتوني بناياہ هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

15 ٻارهين مهيني لاءِ ٻارهون سردار غتني ايلين مان نطوفاتي خلدي هو، ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.

16 تنهن کان سواءِ اسرائيلين جي فرقن تي روبينين جو سردار اليعزر بن زڪري هو، شمعونين جو سردار سفطياہ بن معڪہ هو:

17 لاوين مان حسبياہ بن قموايل: هارونين مان صدوق.

18 يهوداہ مان، اليهو، جو دائود جي ڀائرن مان هو: اشڪار مان، عمري بن ميڪاايل:

19 زبولون مان اسماعياہ بن عبدياہ: نفتاليءَ مان يريموت بن عزري ايل:

20 بني افرائيم مان هوسيع بن عزازياہ: منسي جي اڌ فرقي مان، يوايل بن فداياہ:

21 جلعاد واري منسي جي اڌ فرقي مان، عيدو بن زڪرياہ: بنيمين مان يعسي ايل بن ابنير:

22 دان مان عزرايل بن يروحام. اهي اسرائيل جي فرقن جا سردار هئا.

23 پر دائود انهن جو شمار نہ ڪيو هو جي ويهن ورهين يا انهيءَ کان ننڍي عمر جا هئا؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو هو تہ هو اسرائيل کي اهڙو وڌائيندا جهڙو آسمان جا تارا.

24 ۽ يوآب بن ضروياہ آدمشماري شروع ڪئي پر پوري نہ ڪيائين؛ ۽ انهي ڪري خداوند جو غضب اسرائيل تي ڀڙڪيو؛ نڪي ماڻهن جو شمار بادشاهہ دائود جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيو ويو.

25 ۽ شاهي خزانن جي مٿان عزماوت بن عدي ايل هو: ۽ ٻنين ۽ شهرن ۽ ڳوٺن ۽ قلعن جي خزانن جي مٿان، يونتن بن عزياہ هو.

26 ۽ ٻنيءَ ۾ کيتي ڪندڙن جي مٿان عزري بن ڪلوب هو.

27 ۽ ڊاکن جي منهن مٿان سمعي راماتي هو: ۽ شراب جي بهرن واسطي ۽ انگور جي واڌاري لاءِ زبدي شفمي هو:

28 ۽ زيتون جا باغ ۽ گولر جا وڻ جي لاڙ واريءَ زمين ۾ هئا، تن جي مٿان بعل حنان جدري هو، ۽ تيل جي بهرن جي مٿان يوآس هو:

29 ۽ مال، جو گوهر جي شارون ۾ چرندو هو، تن جي مٿان سطري شاروني هو: ۽ اُهو مال جو گوهر جي وادين ۾ هو تن جي مٿان سافط بن عدلي هو.

30 ۽ اُٺن جي مٿان اسماعيلي اوبل هو: ۽ گڏهن جي مٿان يحدياہ مرونوتي هو.

31 ۽ ڌڻن جي مٿان يازيز هاجري هو. اهي سڀ دائود بادشاهہ جي مال جي مٿان مقرر هئا.

32 ۽ دائود جو چاچو يونتن عقلمند مشير ۽ محرر هو: ۽ يحي ايل بن حڪموني شهزادن سان رهندو هو:

33 ۽ اخيتفل بادشاهہ جو مشير هو، ۽ حوسي ارڪي بادشاهہ جو دوست هو:

34 ۽ اخيتفل کانپوءِ يهويدع بن بناياہ، ۽ ابياتر هئا: ۽ شاهي فوج جو سپهہ سالار يوآب هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan