Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 23 - Sindhi Bible

1 هاڻي دائود ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿيو؛ ۽ هن پنهنجي پٽ سليمان کي اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو.

2 ۽ ڪاهنن ۽ لاوين سان گڏ هن اسرائيل جي سڀني سردارن کي گڏ ڪيو.

3 ۽ ٽيهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر وارا لاوي ڳڻيا ويا: ۽ انهن جو شمار هڪ هڪ ماڻهو ڪري اٺٽيهہ هزار ٿيو.

4 انهن مان چوويهہ هزار خداوند جي گهر جي ڪم جي نگهبانيءَ لاءِ هئا؛ ۽ ڇهہ هزار عملدار ۽ قاضي هئا:

5 ۽ چار هزار دربان هئا؛ ۽ چار هزار انهن سازن سان خداوند جي تعريف ڪندا هئا، جي دائود تعريف لاءِ ٺاهيا.

6 ۽ دائود انهن کي جيرسون، قهات ۽ مراري، يعني بني لاويءَ جي حصن موجب ورهايو.

7 جيرسونين مان هي هئا، لعدان ۽ سمعي.

8 بني لعدان؛ سردار يحي ايل، ۽ زيتام، ۽ يوايل، ٽي.

9 بني سمعي؛ سلوميت، ۽ حزي ايل، ۽ هاران، ٽي.

10 اهي لعدان جي ابن جي گهراڻن جا سردار هئا. ۽ بني سمعي؛ يحت، زينا، ۽ يعوس، ۽ بريعہ. اهي چارئي سمعيءَ جا پٽ هئا.

11 وڏو يحت هو، ۽ ٻيو زيزا: پر ڇالاءِ جو يعوس ۽ بريعہ کي گهڻا پٽ نہ هئا، تنهنڪري هو هڪڙي ئي اباڻي گهراڻي ۾ ڳڻيا ويا.

12 بني قهات عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي ايل، چار.

13 بني عمرام؛ هارون ۽ موسيٰ: ۽ هارون ڌار ڪيو ويو هو تہ تمام پاڪ شين کي مخصوص ڪري، ۽ پاڻ ۽ سندس پٽ هميشہ لاءِ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، ۽ خدمت ڪن، ۽ سندس نالي تي هميشہ لاءِ دعا ڪن.

14 باقي رهيو خدا جو مرد موسيٰ سو انهيءَ جا پٽ لاوين جي قبيلي ۾ ڳڻيا ويا.

15 ۽ بني موسيٰ؛ جيرسوم اليعزر هئا.

16 ۽ بني جيرسوم؛ سبوايل سردار هو.

17 ۽ بني اليعزر؛ رحبياہ سردار هو. ۽ اليعزر کي ٻيا پٽ ڪين هئا؛ پر رحبياہ جا گهڻا ئي پٽ هئا.

18 بني اضهار؛ سلوميت جو سردار هو.

19 بني حبرون؛ يرياہ سردار، ٻيو امرياہ، ٽيون يحزي ايل، ۽ چوٿون يقمعام هو.

20 بني عزي ايل؛ ميڪاہ سردار، ۽ ٻيو يسياہ هو.

21 ۽ بني مراري؛ محلي ۽ موشي هئا. بني محلي، اليعزر ۽ قيس هئا.

22 ۽ اليعزر وفات ڪئي ۽ کيس ڪوبہ پٽ ڪونہ هو پر رڳيون ڌيئرون هيون: ۽ قيس جا پٽ جي سندن ڀائر هئا سي انهن سان پرڻيا.

23 بني موشي؛ محلي ۽ عيدر ۽ يريموت، ٽي.

24 لاوي جا پٽ اهي هئا؛ جي پنهنجي پنهنجي اباڻي گهراڻي موجب، يعني انهن اباڻن گهراڻن جا سردار جي هڪ هڪ ڪري شمار ڪيا ويا هئا: اُهي جي ويهن ورهين ۽ ان کان مٿي جي عمر جا هئا، سي خداوند جي گهر جي خدمت جو ڪم ڪندا هئا.

25 ڇالاءِ جو دائود چيو، تہ خداوند اسرائيل جو خدا، جو يروشلم ۾ هميشہ لاءِ رهي ٿو، تنهن پنهنجيءَ قوم کي آرام بخشيو آهي:

26 لاوين کي وري ڪڏهن بہ تنبو ۽ انهي جي خدمت جا ٿانوَ کڻڻا نہ پوندا.

27 ڇالاءِ جو دائود جي آخري حڪم موجب ويهن ورهين ۽ ان کان مٿي عمر جا بني لاوي شمار ڪيا ويا هئا.

28 ۽ انهن جو ڪم اهو هو تہ خداوند جي گهر جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ ڪوٺين ۾ ۽ سڀني پاڪ شين کي مخصوص ڪرڻ ۾، يعني خدا جي گهر جي خدمت جي ڪم ۾، بني هارون جي مدد ڪن.

29 ۽ نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ ميدو، خواہ اها اڻ خميري ماني، يا تئي تي پڪل يا تريل شيءِ هجي، تہ هو انهن جي تور ۽ ماپ جو ڪم ڪن؛

30 ۽ روز بروز صبح ۽ شام جو خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪن؛

31 ۽ سبت، ۽ نئين چنڊ، ۽ مقرر عيدن تي، هميشہ خداوند جي حضوريءَ ۾ پوري تعداد موجب، سڀ سوختني قربانيون قاعدي موجب چاڙهين.

32 ۽ خداوند جي گهر جي خدمت جي لاءِ، جماعت جي تنبوءَ جي، ۽ پاڪ جاءِ جي حفاظت ڪن، ۽ پنهنجي ڀائرن، يعني بني هارون جي سنڀال ڪن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan