Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 22 - Sindhi Bible

1 تڏهن دائود چيو تہ هيءُ خداوند جو گهر آهي ۽ هيءَ ئي اسرائيل جي سوختني قرباني چاڙهڻ لاءِ قربانگاهہ آهي.

2 ۽ دائود حڪم ڏنو تہ اسرائيل جي ملڪ ۾ جيڪي ڌاريا آهن، تن کي گڏ ڪريو؛ ۽ هن رازا مقرر ڪيا تہ پٿر ڇلي خداوند جو گهر جوڙين.

3 ۽ دائود درن جي طاقن ۽ جوڙن جي ڪلين لاءِ گهڻو لوهہ تيار ڪيو؛ ۽ بي انداز پتل بہ؛

4 ۽ بيشمار ديودار جا وڻ: ڇالاءِ جو صيدانين ۽ صور جي رهاڪن گهڻا ديودار جا وڻ دائود وٽ آندا.

5 ۽ دائود چيو تہ، منهنجو پٽ سليمان اڃا ننڍڙو ۽ ڳڀرو آهي، ۽ جيڪو گهر خداوند جي لاءِ ٺاهڻو آهي سو تمام سهڻو ۽ سڀني ملڪن ۾ مشهور ۽ شاندار ٿئي: تنهنڪري آءٌ انهيءَ لاءِ تياري ڪندس. سو دائود پنهنجي وفات کان اڳي گهڻي تياري ڪئي.

6 تڏهن هن پنهنجي پٽ سليمان کي سڏيو، ۽ تاڪيد ڪري چيائينس تہ خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ هڪڙو گهر ٺاهج.

7 ۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ اهو منهنجي دل ۾ هو تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ گهر جوڙيان.

8 پر خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو تہ تو گهڻو رت وهايو آهي، ۽ وڏيون جنگيون ڪيون اٿيئي: تون منهنجي نالي لاءِ گهر نہ جوڙيندين، ڇالاءِ جو تو منهنجي نظر ۾ زمين تي گهڻو رت وهايو آهي:

9 ڏس، توکي هڪڙو پٽ ڄمندو جو صلح پسند انسان ٿيندو؛ ۽ آءٌ کيس سڀني آس پاس جي دشمنن کان آرام ڏيندس: ڇالاءِ جو هن جو نالو سليمان ٿيندو، ۽ آءٌ سندس ڏينهن ۾ اسرائيل کي صلح ۽ امن بخشيندس:

10 هو منهنجي نالي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو؛ ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو، ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس؛ ۽ آءٌ سندس بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ اسرائيل تي قائم ڪندس.

11 هاڻي منهنجا پٽ، خداوند توساڻ هجي؛ ۽ توکي ڪامياب ڪري، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ گهر ٺاهج، جيئن هن تنهنجي نسبت ۾ فرمايو آهي.

12 رڳو خداوند توکي عقل ۽ سمجهہ بخشي، ۽ اسرائيل جي نسبت ۾ تنهنجي هدايت ڪري؛ تہ تون خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جي پيروي ڪرين.

13 جي تون انهن قانونن ۽ فيصلن جي سنڀال ڪندين جن سان خداوند موسيٰ جي معرفت اسرائيل جي هدايت ڪئي، تہ تون ڪامياب ٿيندين: مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت جهل، ڊڄ نہ، نڪي هراس ۾ پئُہ.

14 هاڻي ڏس، تہ مون ڏاڍي مشقت سان خداوند جي گهر لاءِ هڪ لک قنطار سون جا، ۽ ڏهہ لک قنطار چانديءَ جا، ۽ بي انداز پتل ۽ لوهہ تيار ڪيو آهي؛ جو ججهو آهي؛ ڪاٺ ۽ پٿر بہ مون تيار ڪيو آهي؛ ۽ تون انهيءَ کي وڌائي سگهين ٿو.

15 انهيءَ کانسواءِ تو وٽ گهڻيئي ڪاريگر آهن، يعني پٿر ۽ ڪاٺ ٽُڪڻ ۽ ڇلڻ وارا، ۽ اهڙا ماڻهو جي طرح طرح جي ڪم ۾ هنرمند آهن؛

16 سون، ۽ چانديءَ، ۽ پتل، ۽ لوهہ جو ڪوبہ شمار ڪونهي؛ تنهنڪري اُٿي ڪم ڪر، ۽ خداوند تو ساڻ هجي.

17 دائود اسرائيلين جي سڀني سردارن کي بہ پنهنجي پٽ سليمان بابت حڪم ڏيئي چيو تہ،

18 خداوند اوهان جو خدا اوهان سان نہ آهي ڇا؟ ۽ هن اوهان کي چوگرد آرام نہ ڏنو آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هن زمين جي رهاڪن کي منهنجي هٿ ۾ ڏنو ۽ ملڪ خداوند جي ۽ سندس قوم جي اڳيان تابع ٿيو.

19 هاڻي اوهين پنهنجيءَ دل ۽ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي ڳولا ڪريو؛ تنهنڪري اُٿو، خداوند خدا جي پاڪ جاءِ ٺاهيو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق، ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ، انهيءَ گهر ۾ آڻيو جو خداوند جي لاءِ جڙندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan