Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 2 - Sindhi Bible

1 اسرائيل جا پٽ هي آهن؛ روبن، شمعون، لاوي ۽ يهوداہ، اشڪار ۽ زبولون؛

2 دان، يوسف، ۽ بنيمين، نفتالي، جد ۽ آشر.

3 يهوداہ جا پٽ؛ عير ۽ اونان ۽ سيلہ؛ جي ٽيئي هن کي ڪنعانڻ بت سوع مان ڄاوا هئا. ۽ يهوداہ جو پهريون ڄاول پٽ، عير، خداوند جي نظر ۾ شرير هو؛ ۽ هن انهيءَ کي ماري وڌو.

4 ۽ انهيءَ جي ننهن تمر مان هن کي فارص ۽ زارح ڄاوا. يهوداہ جا سڀ پٽ پنج هئا.

5 فارص جا پٽ؛ حصرون ۽ حمول.

6 ۽ زارح جا پٽ؛ زمري، ۽ ايتان، ۽ هيمان، ۽ ڪلڪول، ۽ دارع: مڙئي پنج ڄڻا.

7 ۽ ڪرميءَ جو پٽ؛ عڪر جنهن اسرائيل کي تڪليف ڏني، ۽ وقف واري مال ۾ خيانت ڪئي.

8 ۽ ايتان جو پٽ؛ عزرياہ.

9 ۽ حصرون جا پٽ، جي هن کي ڄاوا هئا، سي آهن يرحمئيل، ۽ رام، ۽ ڪلوبئي.

10 ۽ رام کي عمينداب ڄائو؛ ۽ عمينداب کي نحسون ڄائو، جو بني يهوداہ جو سردار هو؛

11 ۽ نحسون کي سلما ڄائو، ۽ سلما کي بوعز؛

12 ۽ بوعز کي عوبيد ڄائو، ۽ عوبيد کي يسي؛

13 ۽ يسيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو الياب، ۽ ٻيو ابينداب، ۽ ٽيون سمع؛

14 چوٿون نتني ايل، پنجون ردئي؛

15 ڇهون عوضم، ستون دائود:

16 ۽ انهن جون ڀينرون هيون ضروياہ ۽ ابيجيل. ۽ ضروياہ جا پٽ؛ ابي شئي، ۽ يوآب، ۽ عساهيل، ٽي ڄڻا.

17 ۽ ابيجيل کي عماسا ڄائو: ۽ عماسا جو پيءُ يتر اسماعيلي هو.

18 ۽ ڪالب بن حصرون کي سندس زال عزوبہ مان، ۽ يريعوت مان، پٽ پيدا ٿيا: ۽ انهيءَ جا پٽ هي هئا؛ يشر ۽ سوباب، ۽ اردون.

19 ۽ عزوبہ مئي، ۽ ڪالب افرات سان شادي ڪئي، ۽ انهيءَ مان حور ڄائس.

20 ۽ حور کي اوري ڄائو، ۽ اوريءَ کي بضلئيل.

21 ۽ انهيءَ کانپوءِ حصرون، جلعاد جو پيءُ، مڪير جي ڌيءَ وٽ ويو؛ جنهن سان سٺ ورهين جي عمر ۾ شادي ڪيائين؛ ۽ انهيءَ مان شجوب ڄائس.

22 ۽ شجوب کي يائير ڄائو، جنهن کي جلعاد جي زمين ۾ ٽيويهہ شهر هئا.

23 ۽ جسور ۽ ارام انهن کان يائير جا شهر، قنات ان جي ڳوٺن سميت، مڙئي سٺ شهر ورتا. اهي سڀ جلعاد جي پيءُ مڪير جا پٽ هئا.

24 ۽ انهيءَ کانپوءِ حصرون ڪالب افراتہ ۾ مئو، پوءِ حصرون جي زال ابياہ کي اشور ڄائو، جو تقوع جو پيءُ هو.

25 ۽ حصرون جي پهرين ڄاول ٻار يرحمئيل جا پٽ؛ رام پهريون ڄاول، ۽ بونہ، اورن، اوضم، ۽ اخياہ هئا.

26 ۽ يرحمئيل کي ٻي بہ زال هئي، جنهن جو نالو عطارہ هو؛ اها اونام جي ماءُ هئي.

27 ۽ يرحمئيل جو پهريون ڄاول ٻار رام جا پٽ؛ معض، ۽ يمين ۽ عيقر هئا.

28 ۽ اونام جا پٽ؛ سمي ۽ يدع هئا: ۽ سميءَ جا پٽ؛ ندب ۽ ابيسور هئا.

29 ۽ ابيسور جي زال جو نالو ابيخيل هو؛ ۽ انهيءَ مان هن کي اخبان ۽ مولد ڄاوا.

30 ۽ ندب جا پٽ؛ سلد ۽ فائم: پر سلد بي اولاد مري ويو.

31 ۽ فائم جو پٽ يسعي، ۽ يسعيءَ جو پٽ؛ سيسان. ۽ سيسان جو پٽ اخلئي.

32 ۽ يدع، جو سمي جو ڀاءُ هو، تنهن جا پٽ؛ يتر، ۽ يونتن: ۽ يتر بي اولاد مري ويو.

33 ۽ يونتن جا پٽ؛ فلت ۽ زازا. اهي هئا يرحمئيل جا پٽ.

34 هاڻي سيسان کي پٽ ڪين هئا پر ڌيئرون هيون. ۽ سيسان جو هڪڙو مصري نوڪر هو، جنهن جو نالو يرخع هو.

35 ۽ سيسان پنهنجي ڌيءَ پنهنجي نوڪر يرخع کي پرڻائي ڏني؛ ۽ انهيءَ مان هن کي عتي ڄائو.

36 ۽ عتيءَ کي ناتن ڄائو، ۽ ناتن کي زاباد؛

37 ۽ زاباد کي افلال ڄائو، ۽ افلال کي عوبيد؛

38 ۽ عوبيد کي ياهو ڄائو، ۽ ياهوءَ کي عزرياہ؛

39 ۽ عزرياہ کي خلص ڄائو، ۽ خلص کي العاسہ؛

40 ۽ العاسہ کي سسمي ڄائو، ۽ سسميءَ کي سلوم؛

41 ۽ سلوم کي يقمياہ ڄائو، ۽ يقمياہ کي اليسمع.

42 ۽ يرحمئيل جي ڀاءُ ڪالب جا پٽ هي هئا؛ سندس پهريون ڄاول ميسا، جو زيف جو پيءُ هو؛ ۽ حبرون جي پيءُ مريسہ جا پٽ.

43 ۽ حبرون جا پٽ؛ قورح، تفوح، رقم، ۽ سمع.

44 ۽ سمع کي رقم ڄائو، جو يرقعام جو پيءُ هو؛ ۽ رقم کي سمي ڄائو.

45 ۽ سمي جو پٽ معون هو؛ ۽ معون بيت صور جو پيءُ هو.

46 ۽ ڪالب جي سريت عيفہ، حاران، موضا، ۽ جازيز ڄڻيا؛ ۽ حاران کي جازيز ڄائو.

47 ۽ يهديءَ جا پٽ؛ رجم، يوتام، جسام، فلط، عيفہ ۽ شعف.

48 ۽ ڪالب جي سريت معڪہ، شبر ۽ ترحناہ ڄڻيا.

49 ۽ انهيءَ مدمناہ جو پيءُ شعف، ۽ مڪبينا جو پيءُ سيوا ڄڻيا، اهو سيوا جبع جو پيءُ هو. ۽ ڪالب جي ڌيءَ عڪسہ هئي.

50 ڪالب جا پٽ هي هئا: افراتہ جي پهريتي حور جو پٽ قريت يعريم جو پيءُ سوبل.

51 ۽ سلما، جو بيت الحم جو پيءُ هو، ۽ خارف، جو بيت جدر جو پيءُ هو.

52 ۽ قريت يعريم جي پيءُ سوبل کي هي پٽ هئا؛ هرائي، ۽ منوخوت جا اڌ ماڻهو.

53 ۽ قريت يعريم جا گهراڻا؛ اتري، فوتي، سماتي، ۽ مسراعي؛ انهن مان صرعتي ۽ استاولي آيا.

54 سلما جا پٽ؛ بيت الحم ۽ نطوفاتي، عطرات بيت يوآب ۽ منوختين جا اڌ ماڻهو، ۽ صرعي.

55 ۽ ڪاتبن جا گهراڻا، جي يعبيض ۾ رهندا هئا؛ ترعاتي، سمعاتي ۽ سوڪاتي. اهي آهن اُهي قيني، جي حمات مان آيا، جو ريڪاب جي گهراڻي جو پيءُ هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan