1.تواريخ 19 - Sindhi Bible1 ۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ بني عمون جي بادشاهہ ناحس وفات ڪئي، ۽ سندس پٽ سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو. 2 ۽ دائود چيو تہ آءٌ حنون بن ناحس کي مهرباني ڏيکاريندس، ڇالاءِ جو سندس پيءُ مون کي مهرباني ڏيکاري هئي. تنهنڪري دائود قاصد موڪلي هن کي سندس پيءُ جي نسبت ۾ معذرت چوائي موڪلي. ۽ دائود جا نوڪر بني عمون جي ملڪ ۾ حنون وٽ آيا تہ کيس تسلي ڏين. 3 پر بني عمون جي سردارن حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ تو ڏانهن ماڻهو موڪليا اٿس؟ هي سندس نوڪر تو وٽ انهيءَ ڪم لاءِ نہ آيا آهن ڇا تہ تلاشي وٺي ۽ جاسوسي ڪري ملڪ کي ناس ڪن؟ 4 تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪيائين. 5 تڏهن ڪن وڃي دائود کي ٻڌايو تہ انهن سان ڪهڙو حال ڪيو ويو آهي. ۽ هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا ٿيا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن ۽ پوءِ موٽي اچجو. 6 ۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ هنن پاڻ کي دائود جي نظر ۾ نفرتي ڪيو آهي، تڏهن حنون ۽ بني عمون مسوپتاميہ، ۽ ارام معڪہ، ۽ ضوباہ مان رٿ ۽ گهوڙي سوار ڀاڙي ڪرڻ لاءِ هڪ هزار چانديءَ جا قنطار موڪليا. 7 انهيءَ طرح هنن معڪہ جي بادشاهہ ۽ سندس ماڻهن، ۽ ٻٽيهہ هزار رٿن کي ڀاڙي ڪيو؛ جن اچي ميدبا ۾ منزل هنئي. ۽ بني عمون پنهنجي شهرن مان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. 8 ۽ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن يوآب کي ۽ بهادر مردن جي ساري لشڪر کي ڏياري موڪليائين. 9 ۽ بني عمون ٻاهر نڪري آيا، ۽ دروازي جي لنگهہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا: ۽ بادشاهہ جيڪي آيا هئا سي ميدان ۾ اڪيلا بيٺا هئا. 10 هاڻي جڏهن يوآب ڏٺو تہ سندس اڳيان توڙي پٺيان جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا آهن، تڏهن هن اسرائيل جي سڀني مکيہ ماڻهن مان ڪي چونڊي ڪڍيا، ۽ اُهي ارامين سان وڙهڻ لاءِ تيار ڪري بيهاريائين. 11 ۽ باقي ٻيا سڀ ماڻهو هن پنهنجي ڀاءُ ابيشي جي هٿ هيٺ رکيا، ۽ اُهي بني عمون جي سامهون صفون ٻڌي بيٺا. 12 ۽ چيائين تہ جي ارامي مون کان ڏاڍا ٿيا تہ تون منهنجي مدد ڪج: پر جي بني عمون توکان ڏاڍا ٿيا تہ آءٌ توکي مدد ڏيندس. 13 چڱي همت جهل تہ پنهنجيءَ قوم لاءِ ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون: پوءِ خداوند کي جيڪي وڻي سو ڪري. 14 تڏهن يوآب ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ارامين سان وڙهڻ لاءِ ويجها ويا؛ ۽ هو سندن اڳيان اُٿي ڀڳا. 15 ۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڳا آهن، تڏهن هو بہ سندس ڀاءُ ابيشي جي اڳيان اُٿي ڀڳا، ۽ شهر ۾ گهڙي ويا. تڏهن يوآب يروشلم ۾ آيو. 16 ۽ جڏهن ارامين ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿئون، تڏهن قاصد موڪلي فرات نديءَ جي پار جيڪي ارامي هئا تن کي سوفڪ، هدرعزر جي سپهہ سالار جي منهنداريءَ هيٺ گڏ ڪيائون. 17 ۽ ماڻهن دائود کي اها خبر ڏني، ۽ هن سڀيئي اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ هو يردن لنگهي هنن تي اچي پيو ۽ صفون ٻڌي جنگ ڪرڻ لڳو. انهيءَ طرح جڏهن دائود ارامين جي سامهون صفون ٻڌي جنگ ڪئي، تڏهن هو ساڻس وڙهڻ لڳا. 18 ۽ ارامي اسرائيل جي اڳيان ڀڄي ويا؛ ۽ دائود ارامين جي ست هزار رٿن جا ماڻهو، ۽ چاليهہ هزار پيادا، ۽ لشڪر جي سپهہ سالار سوفڪ کي ماري وڌو. 19 ۽ جڏهن هدرعزر جي ملازمن ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن، تڏهن دائود سان صلح ڪيائون، ۽ سندس ٻانها ٿيا: انهيءَ طرح ارامين وري ڪڏهن بہ بني عمون کي مدد نہ ڏني. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society