Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 16 - Sindhi Bible

1 ۽ هنن خدا جي صندوق اندر آڻي، جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ رکي: ۽ هنن خدا جي اڳيان سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيون.

2 ۽ جڏهن دائود سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهي بس ڪيون، تڏهن هن خداوند جي نالي سان ماڻهن کي برڪت ڏني.

3 ۽ هن سڄيءَ قوم مان، يعني اسرائيل جي ڪل جماعت، مردن توڙي زالن مان، هرهڪ کي هڪڙي ماني، ۽ گوشت جو ٽڪر، ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني.

4 ۽ هن لاوين مان ڪن کي مقرر ڪيو تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان خدمت ڪن، ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو ذڪر ۽ شڪر ۽ تعريف ڪن:

5 پهريون آسف، ۽ هن کانپوءِ زڪرياہ، ۽ يعي ايل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ متتياہ، ۽ الياب، ۽ بناياہ، ۽ عوبيد ادوم، ۽ يعي ايل اهي سڀ تنبورن ۽ بربطن لاءِ، ۽ آسف جهانجهہ زور سان وڄائڻ لاءِ؛

6 ۽ بناياہ ۽ يحزيئيل ڪاهن هميشہ خداوند جي صندوق جي اڳيان تريون وڄائڻ لاءِ.

7 تڏهن انهيءَ ڏينهن دائود مقرر ڪيو تہ پهرين، آسف ۽ سندس ڀائرن جي هٿان، خداوند جو شڪر بجا آڻين.

8 خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، سندس نالو وٺي دعا گهرو؛ قومن ۾ هن جا ڪم پڌرا ڪريو.

9 هن جي حضور ۾ گيت ڳايو ۽ سندس تعريف ڳايو؛ هن جي سڀني عجيب ڪمن جو ذڪر ڪريو.

10 هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪريو؛ جيڪي خداوند جا طالب آهن، تن جي دل خوش ٿئي.

11 خداوند ۽ سندس قدرت جي ڳولا ڪريو؛ سدائين سندس ديدار جا طالب رهو.

12 هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن سي ياد ڪريو؛ سندس معجزا ۽ سندس زباني فيصلا؛

13 اوهين جي سندس ٻانهي اسرائيل جو نسل آهيو، اوهين بني يعقوب سندس چونڊيل آهيو.

14 هو خداوند اسان جو خدا آهي: سڄي جهان ۾ هن جا فيصلا آهن.

15 هن جو عهد اقرار هميشہ ياد رکو، اهو ڪلام جو هن هزار پيڙهين لاءِ فرمايو آهي؛

16 اُهو عهد اقرار جو هن ابرهام سان ڪيو، ۽ جو قسم هن اسحاق سان کنيو؛

17 ۽ يعقوب جي لاءِ هڪڙو قانون، ۽ اسرائيل جي لاءِ هڪڙو دائمي عهد اقرار ٺهرايو:

18 ۽ چيائين تہ آءٌ توکي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تہ تنهنجو موروثي حصو ٿئي:

19 جڏهن اوهين شمار ۾ ٿورا هئا؛ هائو تمام ٿورا، بلڪ مسافر هئا؛

20 ۽ اُهي هڪڙي ملڪ مان ٻئي ملڪ ۾، ۽ هڪڙيءَ بادشاهت مان ٻئي ملڪ جي ماڻهن ۾ ويا.

21 هن ڪنهن کي بہ مٿن ظلم ڪرڻ نہ ڏنو؛ هائو هن بادشاهن کي انهن جي خاطر جهڻڪيو.

22 ۽ چيائين تہ منهنجي مسح ٿيلن کي نہ ڇُهو، ۽ منهنجن نبين کي ايذاءُ نہ رسايو.

23 سارو جهان خداوند جي لاءِ ڳائي: روزبروز سندس نجات جو بيان ڪري.

24 قومن ۾ هن جو جلال ظاهر ڪريو، سڀني قومن ۾ سندس عجيب ڪمن جو بيان ڪريو.

25 ڇالاءِ جو خداوند وڏو آهي ۽ تعريف جي لائق آهي: سڀني معبودن کان زيادہ کانئس ڊڄڻ گهرجي.

26 ڇو جو قومن جا سڀيئي معبود بُت آهن: پر خداوند آسمان جوڙيا آهن.

27 مان ۽ شان هن جي حضور ۾ آهن: قدرت ۽ خوشي سندس پاڪ مڪان ۾ آهن.

28 اي سڀ قومون، خداوند جي، خداوند جي جلال ۽ قدرت جي تعريف ڪريو.

29 خداوند جي نالي جي لائق تعريف ڪريو: نذرانا کڻي سندس حضور ۾ اچو: پاڪيزگيءَ جي جمال سان خداوند جي عبادت ڪريو.

30 اي ساري زمين هن جي اڳيان ڊڄ: دنيا بہ اهڙي محڪم آهي جو چُري ڪين سگهندي.

31 ڀلي تہ آسمان خوشي ڪن ۽ زمين سرهي ٿئي؛ ۽ ڀلي تہ قومون هڪ ٻئي کي چون تہ خداوند بادشاهي ٿو ڪري.

32 ڀلي تہ سمنڊ ۽ جيڪي منجهس آهي سو شور گوڙ ڪري؛ ڀلي تہ ٻني ۽ جيڪي منجهس آهي سي خوشي ڪن؛

33 تڏهن ٻيلي جا سڀيئي وڻ خداوند جي حضور خوشيءَ سان ڳائيندا، ڇالاءِ جو هو دنيا جي عدالت ڪرڻ لاءِ اچي ٿو.

34 خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ڇو جو سندس رحمت دائمي آهي.

35 ۽ اوهين چئو تہ اي اسان جي نجات جا خدا، اسان کي بچاءِ، اسان کي گڏ ڪر، ۽ قومن کان بچاءِ، تہ تنهنجي پاڪ نالي جو شڪر ڪريون، ۽ تنهنجي تعريف ۾ فتح حاصل ڪريون.

36 خداوند اسرائيل جو خدا اصل کان وٺي ابد تائين مبارڪ آهي: ۽ سڀني ماڻهن چيو آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون.

37 انهيءَ طرح هن آسف ۽ سندس ڀائرن کي خداوند جي صندوق جي اڳيان هميشہ لاءِ خدمت ڪرڻ لاءِ رکيو، جيئن تہ هر روز ضرورت ٿي پيئي:

38 ۽ عوبيد ادوم ۽ سندس اٺهٺ ڀائرن کي، ۽ عوبيد ادوم بن يدوتون، ۽ حوساہ کي بہ رکيو تہ درباني ڪن:

39 ۽ خداوند جي تنبوءَ اڳيان جو جبعون وٽ مٿانهينءَ جاءِ تي هو، هن صدوق ڪاهن ۽ سندس ڀائرن کي رکيو، جيڪي ڪاهن هئا،

40 تہ خداوند جي اڳيان هميشہ صبح ۽ شام جو قربانگاهہ تي سوختني قرباني چاڙهين، جيئن تہ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي، ۽ جنهن جو هن اسرائيل کي حڪم ڏنو؛

41 ۽ انهن سان گڏ هيمان ۽ يدوتون ۽ باقي ٻيا چونڊيل هئا، جن جا نالا لکيل هئا، تہ اُهي بہ خداوند جي شڪرگذاري ڪن، ڇالاءِ جو هن جي رحمت دائمي آهي؛

42 ۽ انهن هيمان ۽ يدوتون وٽ تريون ۽ جهانجهہ هئا تہ اُهي زور سان وڄائين، ۽ سازن سان خدا جا گيت ڳائين: ۽ بني يدوتون دروازي وٽ رهن.

43 ۽ سڀ ماڻهو، هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو: ۽ دائود بہ موٽيو تہ پنهنجي خاندان کي برڪت ڏئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan