Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 12 - Sindhi Bible

1 هاڻي جيسين دائود سائول بن قيس جي سبب اڃا پاڻ کي پئي لڪايو تيسين جيڪي ماڻهو هن وٽ صقلاج ۾ آيا، سي هي آهن: ۽ اُهي بهادر مردن منجهان هئا ۽ جنگ ۾ سندس مددگار هئا.

2 انهن کي ڪمانون هيون ۽ کانڀاڻيءَ سان پٿرن هڻڻ ۾، ۽ ڪمان سان تير چُٽڻ ۾، هو سڄو توڙي کٻو هٿ ڪم آڻي سگهندا هئا؛ اُهي سائول جي بنيميني ڀائرن مان هئا.

3 سماعہ جبعاتيءَ جا پٽ؛ سردار اخيعزر، ۽ يوآس؛ عزماوت جا پٽ، يزئيل ۽ فلط؛ ۽ براڪ ۽ ياهو، عنتوتي؛

4 ۽ اسماعيہ جبعوني، جو ٽيهن ۾ طاقت وارو ماڻهو هو، ۽ اُنهن جي مٿان هو؛ ۽ يرمياہ، ۽ يحزيئيل، ۽ يوحنان، ۽ يوزباد جديراتي؛

5 العوزي، ۽ يريموت، ۽ بعلياہ، ۽ سمرياہ، ۽ سفطياہ خروفي؛

6 القانہ، ۽ يسياہ، ۽ عزرايل، ۽ يوعزر ۽ يسوبعام قرحي؛

7 ۽ يوعيلہ، ۽ زبدياہ، جي جدور واري يروحام جا پٽ هئا.

8 ۽ جدين مان بهادر همت وارا مرد، جن کي جنگ جي تعليم مليل هئي، ۽ جي سپر ۽ نيزو ڪم آڻي سگهندا هئا، سي ڌار ٿي بيابان ۾ قلعي منجهہ دائود وٽ آيا؛ ۽ انهن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا، ۽ اهڙا تيز هئا جهڙا جبلن تي هرڻ؛

9 عزر جو سردار هو، ٻيو عبدياہ، ٽيون الياب؛

10 چوٿون مسمنہ، پنجون يرمياہ؛

11 ڇهون عتي، ستون الي ايل؛

12 اٺون يوحنان، نائون الزباد؛

13 ڏهون يرمياہ، يارهون مڪباني.

14 جد جي پٽن مان اهي لشڪر جا سردار هئا: انهن مان جيڪو سڀ کان ننڍو هو سو هڪ سؤ جو مٽ هو؛ ۽ جيڪو سڀ کان وڏو هو سو هڪ هزار جو مٽ هو.

15 اهي اُهي آهن جي پهرين مهيني ۾ يردن لنگهي هن ڀر ويا، جڏهن اها پنهنجن ڪنارن کان اُٿلي پيئي هئي؛ ۽ وادين ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کي انهن ڀڄائي ڪڍيو؛ جهڙو اُڀرندي ڏي، تهڙو اُلهندي ڏي.

16 ۽ بني بنيمين ۽ يهوداہ مان ڪي دائود وٽ قلعي ۾ آيا.

17 ۽ دائود انهن جي استقبال لاءِ نڪري ويو، ۽ انهن کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ جيڪڏهن اوهين خير سان مون کي مدد ڏيڻ لاءِ ٿا اچو تہ منهنجي دل اوهان سان ڳنڍجي ويندي: پر جي اوهين دغا ڪري مون کي منهنجن دشمنن جي حوالي ڪرڻ آيا آهيو، تہ جڏهن منهنجي هٿان ڪوبہ قصور نہ ٿيو آهي، تڏهن شل اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا انهيءَ کي ڏسي، ۽ انهيءَ لاءِ ملامت ڪري.

18 تڏهن عماسيءَ، جو ٽيهن جو سردار هو، تنهن تي روح نازل ٿيو ۽ اهو چوڻ لڳو تہ اي دائود، اسين تنهنجا آهيون، ۽ اي يسيءَ جا پٽ، اسين تنهنجي پاسي آهيون: توتي سلامتي، سلامتي هجي، ۽ تنهنجن مددگارن تي سلامتي هجي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو خدا توکي مدد ٿو ڪري. تڏهن دائود انهن جي مرحبا ڪئي ۽ انهن کي ٽولين جا سردار ڪيائين.

19 منسيءَ مان بہ ڪي، جڏهن دائود فلستين سان گڏجي سائول سان جنگ ڪرڻ آيو، تڏهن وٽس آيا، پر هنن انهن کي مدد ڪانہ ڏني: ڇالاءِ جو فلستين جي اميرن صلاح مشورت کانپوءِ هن کي موڪلي ڏنو، ۽ چيائون تہ هو پنهنجي ڌڻيءَ سائول سان وڃي شامل ٿيندو، ۽ منجهانئس اسان جي سرن کي جوکو آهي.

20 صقلاج ڏي ويندي هن سان منسي مان هيٺيان شامل ٿيا، عدنہ، يوزباد، ۽ يدي عيل، ۽ ميڪاايل، ۽ يوزباد، ۽ اليهو، ۽ ضلتئي، جي منسي جي هزارن جا سردار هئا.

21 ۽ انهن دائود کي رولن جي ٽوليءَ سان وڙهڻ ۾ مدد ڪئي: ڇالاءِ جو اُهي سڀ همٿ وارا بهادر مرد هئا، ۽ لشڪرن جا سردار هئا.

22 ۽ روزبروز دائود وٽ سندس مدد لاءِ ماڻهو پي آيا، تان جو خدا جي لشڪر جهڙو هڪڙو وڏو لشڪر اچي گڏ ٿيو.

23 ۽ انهن جا رئيس، جي هٿيار کڻي جنگ جي لاءِ تيار ٿيا ۽ جي حبرون ۾ دائود وٽ انهيءَ لاءِ آيا تہ خداوند جي حڪم موجب سائول کان حڪومت ڦيرائي هن کي ڏين، تن جو شمار هي آهي.

24 بني يهوداہ، جن کي سپرون ۽ نيزا هئا، سي ڇهہ هزار اٺ سؤ ڄڻا جنگ جي لاءِ هٿياربند هئا.

25 بني شمعون منجهان جنگ جي لاءِ بهادر مرد ست هزار هڪ سؤ هئا.

26 بني لاوي مان چار هزار ڇهہ سؤ.

27 ۽ هارون جي گهراڻي جو سردار يهويدع هو، ۽ انهيءَ سان ٽي هزار ۽ ست سؤ هئا؛

28 ۽ صدوق، جو هڪڙو همت ڀريو بهادر جوان مرد هو، ۽ سندس پيءُ جي گهراڻي جا ٻاويهہ سردار.

29 ۽ سائول جي ڀائرن بني بنيمين مان ٽي هزار: ڇالاءِ جو هيستائين هنن مان گهڻا سائول جي گهراڻي جا تابعدار رهندا آيا.

30 ۽ بني افرائيم مان ويهہ هزار ۽ اٺ سؤ همت وارا بهادر مرد، جي پنهنجن ابن جي گهراڻن ۾ ناميارا هئا.

31 ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي مان ارڙهن هزار، جي ناليوار ظاهر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ اچي دائود کي بادشاهہ ڪن.

32 ۽ بني اشڪار مان اُهي ماڻهو جن کي زماني جي سمجهہ هئي ۽ ڄاتائون ٿي تہ اسرائيل سان ڇا ڪرڻ گهرجي؛ انهن جا رئيس ٻہ سؤ هئا؛ ۽ انهن جا ٻيا سڀ ڀائر سندن حڪم جا تابعدار هئا.

33 زبولون مان جيڪي نڪري لشڪر ۾ وڃڻ جهڙا هئا، ۽ جي هر قسم جي جنگي هٿيارن سان جنگ جو بندوبست ڪري ٿي سگهيا، سي پنجاهہ هزار هئا؛ اُهي جنگ جو انتظام ڪري ٿي سگهيا، ۽ ٻہ دليا ڪين هئا.

34 ۽ نفتالي مان هڪ هزار سردار ۽ انهن سان گڏ ستٽيهہ هزار سپرن ۽ نيزن وارا.

35 ۽ دان مان، جيڪي جنگ ڪري ٿي سگهيا، سي اٺاويهہ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا.

36 ۽ آشر مان جيڪي نڪري لشڪر ۾ وڃڻ جهڙا هئا ۽ جي جنگ ڪري ٿي سگهيا، سي چاليهہ هزار هئا.

37 ۽ يردن جي هن ڀر روبن ۽ جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي مان، هر قسم جي جنگ جي هٿيارن سان هڪ لک ۽ ويهہ هزار.

38 اهي سڀ جنگي مرد هئا ۽ جنگ ڪري ٿي سگهيا، ۽ سالم دل سان حبرون ۾ آيا، انهيءَ لاءِ تہ دائود کي ساري اسرائيل جو بادشاهہ ڪن؛ ۽ اسرائيل مان باقي جيڪي بچيا هئا سي بہ دائود کي ساري اسرائيل جو بادشاهہ ڪرڻ لاءِ يڪدل هئا.

39 ۽ اُهي اُتي ٽي ڏينهن دائود وٽ هئا ۽ کاڌائون پيتائون: ڇالاءِ جو سندن ڀائرن سندن لاءِ تياري ڪري ڇڏي هئي.

40 تنهن کان سواءِ جيڪي انهن کي ويجها هئا يعني تہ اشڪار ۽ زبولون ۽ نفتالي تن بہ مانيون گڏهن ۽ اُٺن ۽ خچرن ۽ ڏاندن تي آنديون، يعني اٽي جا طعام، انجيرن جون ٽڪيون، ۽ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ ڏاند، ۽ رڍون، جي بيشمار هيون: ڇالاءِ جو اسرائيل ۾ خوشي هئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan