Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 11 - Sindhi Bible

1 تنهن کانپوءِ سڀ اسرائيلي حبرون ۾ دائود وٽ اچي گڏ ٿيا، ۽ چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجو هڏ ۽ تنهنجو ماس آهيون.

2 گذريل وقت ۾، جڏهن سائول بادشاهہ هوندو هو، تڏهن بہ اُهو تون ئي هئين جنهن اسان کي وٺي اسرائيل ۾ آندو: ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل کي کارائيندي پياريندين، ۽ منهنجي قوم اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين.

3 پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ حبرون ۾ بادشاهہ وٽ آيا، ۽ دائود انهن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو؛ ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو، جيئن ڪ خداوند سموئيل جي معرفت حڪم ڪيو هو.

4 ۽ دائود ۽ سڀ اسرائيلي يروشلم ۾ (يعني يبوس ۾) ويا؛ ۽ يبوسي جي انهيءَ زمين جا رهاڪو هئا، سي اتي هئا.

5 ۽ يبوسين جي رهاڪن دائود کي چيو تہ تون هتي متان اچين. انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو مضبوط قلعو ورتو؛ ۽ اهو آهي دائود جو شهر.

6 ۽ دائود چيو تہ جيڪو پهرين پهرين يبوسين کي فتح ڪندو سو رئيس ۽ سردار ٿيندو. ۽ يوآب بن ضروياہ پهرين ڪاهي ويو ۽ اُهو سردار ڪيو ويو.

7 ۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهڻ لڳو؛ تنهنڪري انهيءَ کي دائود جو سڏڻ لڳا.

8 ۽ هن اهو شهر چوڌاري، ملو کان وٺي آس پاس اڏايو: ۽ باقي شهر جي مرمت يوآب ڪرائي.

9 ۽ دائود وڌندو ۽ زور وٺندو ويو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ساڻس هو.

10 هاڻي اُهي مکيہ بهادر مرد، جي دائود وٽ هئا، ۽ جن سندس بادشاهت ۾ سڀني اسرائيلين سان گڏ کيس بادشاهہ ڪيو، ۽ ساڻس مددگار ٿي همٿ ڏيکاري،. جيئن ڪ اسرائيل جي نسبت ۾ خداوند جو حڪم هو، سي هي آهن.

11 ۽ جيڪي اهي بهادر مرد دائود وٽ هئا، تن جو شمار هي آهي: يسوبعام، جو هڪڙي حڪمونيءَ جو پٽ هو ۽ ٽيهن جو سردار هو: انهيءَ پنهنجو نيزو ٽن سوَن ماڻهن تي کنيو، ۽ هڪڙي ئي وقت انهن کي ڪُٺائين.

12 ۽ انهيءَ کانپوءِ هو اليعزر بن دودو، اخوحي، جو ٽن بهادر مردن مان هڪڙو هو.

13 اهو فس دميم ۾ دائود سان هو، ۽ اُتي فلستي جنگ جي لاءِ جوَن سان ڀريل هڪڙي زمين جي ٽڪر تي اچي گڏ ٿيا؛ ۽ ماڻهو فلستين جي اڳيان اُٿي ڀڳا.

14 ۽ ماڻهو انهيءَ زمين جي ٽڪر جي وچ ۾ بيهي انهيءَ کي بچائڻ لڳا ۽ فلستين کي ماريائون؛ ۽ خداوند هنن کي بچايو ۽ وڏي فتح ڏنائين.

15 ۽ انهن ٽيهن سردارن مان ٽي ٽڪريءَ ڏي عدلام جي غار ۾ دائود وٽ ويا، ۽ فلستين جو لشڪر رفائيم جي واديءَ ۾ منزل ڪري رهيو پيو هو.

16 ۽ دائود تڏهن ڪوٽ ۾ هو، ۽ فلستين جي پهري وارن جي فوج تڏهن بيت الحم ۾ هئي.

17 ۽ دائود ڏاڍي شوق مان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيت الحم جي کوهہ مان، جو دروازي جي پاسي ۾ آهي، مون کي پيئڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏي تہ ڪهڙي نہ چڱي ڳالهہ ٿئي!

18 تڏهن اُهي ٽيئي فلستين جي لشڪر مان ڪاهي لنگهي ويا ۽ در جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي کڻي آيا ۽ آڻي دائود کي ڏنائون: پر دائود انهيءَ مان نہ پيتو، پر خداوند جي لاءِ هاري ڇڏيائين،

19 ۽ چيائين تہ خدا نہ ڪري تہ آءٌ ائين ڪريان: هنن ماڻهن جن پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي تن جو رت آءٌ پيان ڇا؟ ڇالاءِ جو انهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي اهو آندو: تنهنڪري هن اهو پيئڻ نہ گهريو. انهن ٽنهي پهلوانن اهي ڪم ڪيا.

20 ۽ انهن ٽنهي مان ابيشيءَ، يوآب جو ڀاءُ، مکيہ هو: ڇالاءِ جو هو پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهي ويو، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ ”ٽيهن جو نالو“ جهڙو نالو ڪڍيائين.

21 انهن ٽنهي مان هو ٻين ٻن کان زيادہ عزت وارو هو، ۽ انهن جو سردار ڪيو ويو: انهيءَ هوندي بہ هو پهرين ٽن جي برابر نہ هو.

22 بناياہ بن يهويدع، جو قبضيئلي جي هڪڙي پهلوان جو پٽ هو ۽ جنهن بهادريءَ جهڙا ڪم ڪيا هئا، تنهن موآب واري اري ايل جا ٻہ پٽ قتل ڪيا: هن برف جي وقت، هڪڙي کڏ منجهہ هڪڙو شينهن بہ ماري وڌو.

23 هن هڪڙو مصري شخص ڪُٺو، جو تمام وڏي قد جو هو، يعني پنج هٿ ڊگهو هو؛ ۽ انهيءَ مصريءَ جي هٿ ۾ ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هڪڙو نيزو هو؛ ۽ هو انهيءَ تي هڪڙي لٺ کڻي ڪاهي ويو ۽ انهيءَ مصريءَ جي هٿ مان نيزو ڦري ورتائين، ۽ انهيءَ جي نيزي سان انهيءَ کي ڪُٺائين.

24 بناياہ بن يهويدع اهي ڪم ڪيا ۽ ٽنهي پهلوانن ۾ ناميارو ٿيو.

25 ڏس، هو ٽيهن کان زيادہ عزت وارو هو، پر پهرين ٽن جي مٽ نہ هو: ۽ دائود انهيءَ کي پنهنجي پهري وارن تي مقرر ڪيو.

26 انهن کان سواءِ، لشڪرن جا بهادر مرد هي آهن؛ عساهيل ڀاءُ يوآب جو، الحنان پٽ دودو، جو بيت الحم جو هو؛

27 سموت هروري، خلس فلوني؛

28 عيرا بن عقيس، تقوعي، ابي عزر عنتوتي؛

29 سبڪي حوساتي ۽ عيلي اخوحي؛

30 مهري نطوفاطي، حلد بن بعنہ نطوفاطي،

31 اتي بن ريبي، جبعہ وارو، جو بني بنيمين مان هو، بناياہ فرعاتوني؛

32 حوري، جو جعس جي نهرن جو ويٺل هو، ابي ايل عرباتي؛

33 عزماوت بحرومي، اليحبا سعلبوني؛

34 هشيم جزونيءَ جا پٽ، يونتن بن شجي هراري؛

35 اخي آم بن سڪار هراري، الفال بن اُور.

36 حضر ميڪراتي، اخياہ فلوني؛

37 حصرو ڪرملي، نغري بن ازبي؛

38 يوايل ڀاءُ ناتن جو، مبخار بن هاجري؛

39 صلق عموني، نحرئي بيروتي، جو يوآب بن ضروياہ جو زرهہ بردار هو؛

40 عيرا اتري، جريب اتري؛

41 اورياہ حتي؛ زبد بن اخلي؛

42 عدينہ بن سيز روبني، جو روبنين جو سردار هو، ۽ ٻيا ٽيهہ ساڻس گڏ؛

43 حنان بن معڪہ، ۽ يوسفط متني؛

44 عزيا عستاراتي، سماع ۽ يعي ايل، ٻئي پٽ خوتام عروعيري جا؛

45 يديعي ايل بن سمري، ۽ سندس ڀاءُ يوخاتيصي؛

46 الي ايل محاوي، ۽ يريبي ۽ يوساوياہ پٽ النعم جا، ۽ يتمہ موآبي؛

47 الي ايل، ۽ عوبيد، ۽ يعسي ايل مضوبائي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan