1.تواريخ 10 - Sindhi Bible1 هاڻي فلستي اسرائيل سان وڙهيا؛ ۽ اسرائيل جا ماڻهو فلستين جي اڳيان ڀڳا ۽ جلبوع جبل ۾ مارجي ويا. 2 ۽ فلستي سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پيا ۽ کين سخت گهُٽيائون؛ ۽ فلستين سائول جي پٽن يونتن، ۽ ابينداب، ۽ ملڪيشوع کي قتل ڪيو. 3 ۽ جنگ سائول جي گهڻو برخلاف ويئي ۽ ڪماندار وڃي کيس پهتا: ۽ انهن ڪماندارن جي ڪري هو ڏاڍو تنگ ٿيو. 4 تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون مان لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻ طهريل اچي مون سان نامناسب هلت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين نہ ڪيو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو. تنهنڪري سائول پنهنجي ترار ڪڍي انهيءَ تي ڪِري پيو. 5 ۽ جڏهن سندس زرهہ بردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي ترار تي ڪِري پيو ۽ مري ويو. 6 انهي طرح سائول ۽ سندس ٽي پٽ مئا؛ ۽ سندس سارو گهراڻو گڏ مئو. 7 ۽ جڏهن اسرائيل جا سڀ ماڻهو، جي انهيءَ واديءَ ۾ هئا، تن ڏٺو تہ هو ڀڄي ويا، ۽ سائول ۽ سندس پٽ مارجي ويا، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجا شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا، ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا. 8 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن فلستي ماريل ماڻهن جا ڪپڙا لاهڻ آيا، تڏهن سائول ۽ سندس پٽن کي جلبوع جبل تي پيل ڏٺائون. 9 ۽ هنن انهيءَ جا ڪپڙا لاٿا، ۽ انهيءَ جي سسي ۽ انهيءَ جا هٿيار لاهي چوڌاري فلستين جي ملڪ ۾ موڪلي ڏنائون، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهن کي ۽ سندن بُتن کي اها خبر پوي. 10 ۽ هنن انهيءَ جا هٿيار پنهنجن معبودن جي گهر ۾ رکيا، ۽ انهيءَ جي سسي داجون جي گهر ۾ ٻڌي قابو ڪري ڇڏيائون. 11 ۽ جڏهن ساري يبيس جلعاد ٻڌو تہ فلستين سائول سان ڇا ڇا ڪيو آهي، 12 تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا ۽ سائول ۽ سندس پٽن جا لاشا کڻي يبيس ۾ آندائون، ۽ انهن جا هڏا يبيس ۾ شاهہ بلوط جي وڻن هيٺ پوري ڇڏيائون، ۽ ست ڏينهن روزو رکيائون. 13 انهيءَ طرح سائول جيڪو گناهہ خداوند جي برخلاف ڪيو هو، جو خداوند جي حڪم تي پوريءَ طرح نہ هليو هو، تنهن جي ڪري مئو؛ ۽ انهيءَ ڪري بہ، جو هن هڪڙي ڏائڻ کان صلاح مشورت پڇي، 14 ۽ خداوند کان نہ پڇيائين: تنهنڪري هن انهيءَ کي ماري وڌو ۽ بادشاهي ڦيرائي دائود بن يسيءَ کي ڏيئي ڇڏي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society