Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 1 - Sindhi Bible

1 آدم، سيت، اُنوس؛

2 قينان، مهلل ايل، يارد؛

3 حنوڪ، متوسلح، لمڪ؛

4 نوح، سم، حام، ۽ يافت.

5 يافت جا پٽ؛ جمر، ماجوج، مادي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس.

6 ۽ جمر جا پٽ؛ اشڪناز، ريفت، ۽ تجرمہ.

7 ۽ ياوان جا پٽ؛ اليسہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني.

8 حام جا پٽ؛ ڪوش، مصر، فوط، ۽ ڪنعان.

9 ۽ ڪوش جا پٽ؛ سبا حويلہ، سبتہ، رعماہ، ۽ سبتڪہ. ۽ رعماہ جا پٽ؛ سبا ۽ ددان.

10 ۽ ڪوش مان نمرود ڄائو؛ اهو زمين تي زور وارو ٿيڻ لڳو.

11 ۽ مصر مان لودي، عنامي، لهابي ۽ نفتوحي پيدا ٿيا.

12 ۽ فتروسي ۽ ڪسلوحي، (جن مان فلستي پيدا ٿيا) ۽ ڪفتوري.

13 ۽ ڪنعان کي صيدا ڄائو، جو سندس پهريون ڄاول ٻار هو، ۽ حت؛

14 ۽ يبوسي ۽ اموري ۽ جرجاشي؛

15 ۽ حوي ۽ عرقي ۽ سيني؛

16 ۽ اروادي ۽ صماري ۽ حماتي.

17 سم جا پٽ؛ عيلام، اسور، ارفڪسد، لود، ارام، عوض، حول، جتر ۽ مسڪ.

18 ۽ ارفڪسد کي سلح ڄائو، ۽ سلح کي عبر.

19 ۽ عبر کي ٻہ پٽ ڄاوا: هڪڙي جو نالو هو فلج؛ ڇالاءِ جو ان جي ڏينهن ۾ زمين ورهائي ويئي؛ ۽ ان جي ڀاءُ جو نالو يقطان.

20 ۽ يقطان کي الموداد، سلف، حصرماوت ۽ اراخ ڄاوا؛

21 ۽ هدورام، اوزال، دقلہ؛

22 ۽ عيبال، ابيماايل ۽ سبا؛

23 ۽ اوفير، حويلہ ۽ يوآباب. اهي سڀيئي يقطان جا پٽ هئا.

24 سم، ارفڪسد، سلحہ؛

25 عبر، فلجہ، رعو؛

26 سروج، نحور، تارح؛

27 ابرام (جو ابرهام آهي).

28 ابرهام جا پٽ؛ اسحاق ۽ اسماعيل.

29 اِهي آهن انهن جون پيڙهيون: اسماعيل جو پهريون ڄاول ٻار هو نبايوت؛ پوءِ قيدار، ادبئيل، مبسام،

30 مشماع، دومہ، مسا، حدد ۽ تيمہ.

31 يطور، نفيس ۽ قدمہ: اهي آهن اسماعيل جا پٽ.

32 ۽ قطورہ جا پٽ، جا ابرهام جي سريت هئي: انهيءَ زمران، يقسان، مدان، ۽ مديان، اسباق ۽ سوخ ڄڻيا. ۽ يقسان جا پٽ؛ سبا ۽ ددان.

33 ۽ مديان جا پٽ؛ عيفہ، ۽ عفر، حنوڪ، ابيداع، ۽ الدعا. اهي سڀ قطورہ جا پٽ هئا.

34 ۽ ابرهام مان اسحاق ڄائو؛ اسحاق جا پٽ؛ عيسو ۽ اسرائيل.

35 عيسوءَ جا پٽ؛ اليفز، رعوايل ۽ يعوس، ۽ يعلام ۽ قورح.

36 اليفز جا پٽ؛ تيمان، اومر، صفي، جعتام، قنز، تمنع، ۽ عماليق.

37 رعوايل جا پٽ؛ نحت، زارح، سمہ، ۽ مزہ.

38 ۽ شعير جا پٽ؛ لوطان، سوبل، صبعون، عنہ، ديسون، ايصر، ۽ ديسان.

39 ۽ لوطان جا پٽ؛ حوري ۽ هومام: ۽ تمنع لوطان جي ڀيڻ هئي.

40 سوبل جا پٽ؛ عليان، مانحت، عيبال، سفي، ۽ اونام. ۽ صبعون جا پٽ؛ ايہ، ۽ عنہ.

41 عنہ جو پٽ؛ ديسون. ۽ ديسون جا پٽ؛ حمران، اشبان، يتران، ۽ ڪران.

42 ايصر جا پٽ؛ بلهان، زعوان، ۽ يعقان. ديسان جا پٽ؛ عوض ۽ اران.

43 هاڻي بني اسرائيل تي ڪنهن بادشاهہ راڄ ڪيو، تنهن کان اڳي جن بادشاهن ادوم تي بادشاهي ڪئي سي هي آهن: بالع بن بعور. ۽ ان جي شهر جو نالو دنهابا هو.

44 ۽ بالع مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي يوباب بن زارح، بادشاهہ ٿيو، جو بصراہ جو هو.

45 ۽ يوباب مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي تيمان جي ملڪ وارو، حشام بادشاهہ ٿيو.

46 ۽ حشام مئو، ۽ هدد بن بدد، جنهن موآب جي ميدان ۾ مديانين کي شڪست ڏني، سو بادشاهہ ٿيو؛ ۽ انهيءَ جي شهر جو نالو عويت هو.

47 ۽ هدد مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي مسرقہ وارو شملہ بادشاهہ ٿيو.

48 ۽ شملہ مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي نديءَ جي ويجهو رحوبوت وارو سائول بادشاهہ ٿيو.

49 ۽ سائول مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي بعل حنان بن عڪبور بادشاهہ ٿيو.

50 ۽ بعل حنان مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي هدد بادشاهہ ٿيو، ۽ انهيءَ جي شهر جو نالو فاعي هو: ۽ انهيءَ جي زال جو نالو مهطبيل هو، جا ميزاهاب جي ڌيءَ، مطرد جي ڌيءَ هئي.

51 ۽ هدد مئو. ۽ ادوم جا سردار هي هئا؛ سردار تمنع، سردار علياہ، سردار يتيت؛

52 سردار اهليبامہ، سردار ايلہ، سردار فينون؛

53 سردار قنز، سردار تيمان، سردار مبصار؛

54 سردار مجدايل، سردار عرام. اهي آهن ادوم جا سردار.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan