Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

صفنياہ 3 - Muslim Sindhi Bible


يروشلم وارن جي بڇڙائي

1 ويل آهي يروشلم شهر لاءِ! جيڪو فساد، پليتيءَ ۽ ظلم سان ٽمٽار آهي.

2 انهيءَ شهر جا رهاڪو خداوند جو فرمان ڪونہ ٿا ٻڌن، نہ ڪو سڌارو ئي قبول ڪن ٿا. هو خداوند تي ڀروسو ڪونہ ٿا رکن، نڪي هو پنهنجي خدا جي ويجھو ئي اچن ٿا.

3 انهيءَ شهر جا عملدار چيريندڙ ڦاڙيندڙ شينهن آهن، ۽ قاضي بکايل بگھڙ آهن، جيڪي صبح تائين ڪجھہ بہ نہ ٿا ڇڏين.

4 هن شهر جا نبي سڏائيندڙ غيرذميوار ۽ ڪوڙا آهن. اتان جي ڪاهنن مخصوص شين کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ شريعت جي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيو اٿن.

5 پر خداوند اڃا شهر ۾ آهي، هو ئي سچار آهي ۽ ڪڏهن بہ بي‌انصافي نہ ڪندو آهي. هو هر روز انصاف ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن بہ هن ڪم کان نہ ٿو ڦري. تنهن هوندي بہ بي‌انصاف ماڻهوءَ کي شرم ئي ڪونہ ٿو اچي.

6 خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون قومن کي ناس ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهن جا ڪوٽ ڊاهي ڇڏيا اٿم. مون هنن جون گھٽيون اهڙيون ويران ڪري ڇڏيون آهن، جو اتان ڪوبہ ڪونہ ٿو لنگھي. هائو، انهن جا شهر اهڙا اجڙي ويا آهن، جو منجھن ڪوبہ ماڻهو رهڻ وارو ڪونهي.

7 پوءِ مون سوچيو تہ يقيناً يروشلم وارا اهو ڏسي منهنجو خوف رکندا ۽ پنهنجو سڌارو قبول ڪندا. تڏهن منهنجيون سزائون هنن تي اچي نہ پونديون، نڪي سندن آبادي ختم ڪئي ويندي. تنهن هوندي بہ هنن کي اڃا شوق آهي تہ هو بڇڙا ڪم ڪندا رهن، جيئن اڳي ڪيا اٿائون.“

8 تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين منهنجي انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪريو، جڏهن آءٌ اُٿي قومن کي ڏوهاري قرار ڏيندس. مون سڀني قومن ۽ بادشاهتن کي عدالت ۾ آڻي مٿن پنهنجو سمورو غضب نازل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.“


بني اسرائيل ۽ ٻين قومن جي بحالي

9 تنهن هوندي بہ خداوند فرمائي ٿو تہ ”پوءِ آءٌ قومن کي ڦيرائي بتن جي نالن کڻڻ کان پاڪ ڪندس، تہ جيئن هو سڀ جو سڀ مون خداوند کان دعا گھرن، ۽ ڪلهو ڪلهي سان ملائي منهنجي ئي عبادت ڪن.

10 سوڊان جي ندين جي پرينءَ ڀر تائين، منهنجا عبادت‌گذار جيڪي ٽڙيل پکڙيل آهن، سي بہ منهنجي لاءِ قربانيون آڻيندا.

11 اي يروشلم وارؤ! انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ اهڙي ڪم جي ڪري، جنهن جي ڪرڻ سان اوهان منهنجا گنهگار بڻيا هوندا وري خوار خراب نہ ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي شهر منجھان انهن سڀني کي تڙي ڪڍندس، جيڪي مغروريءَ وچان فخر ڪن ٿا. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي وري ڪڏهن بہ مغروري ڏسڻ ۾ نہ ايندي.

12 پر آءٌ اوهان مان رڳو حليم ۽ نماڻن ماڻهن کي بچائيندس، جن مون خداوند وٽ پناهہ ورتي هوندي.

13 اهي باقي بچيل بني اسرائيل بڇڙا ڪم نہ ڪندا، هو ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالهائيندا، نہ وري هو ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪندا. هو سڪون سان کائيندا پيئندا ۽ ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.“


خوشيءَ جو گيت

14 اي بني اسرائيل! توهين گيت ڳايو ۽ خوشيءَ وچان نعرا هڻو. اي يروشلم وارؤ! پنهنجي پوريءَ دل سان خوشيون ڪريو ۽ سرها ٿيو.

15 خداوند توهان تان سزائون هٽائي ڇڏيون آهن، هن اوهان جي دشمنن جو رخ ڦيري ڇڏيو آهي. خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ اوهان ساڻ آهي، وري ڪڏهن بہ اوهين مصيبت جو منهن نہ ڏسندا.

16 انهيءَ ڏينهن يروشلم کي چيو ويندو تہ ”اي صيئون تي اڏيل شهر! تون ڪوبہ خوف نہ ڪر. تون پنهنجي همت نہ هار.

17 خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي، هو سوڀ ڏيڻ جي وڏي سگھہ رکي ٿو. هو تو مان گھڻو شادمان ۽ خوش ٿيندو، هو پنهنجي محبت وچان تو کي وري بحال ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.“

18 خداوند فرمائي ٿو تہ ”يروشلم جي مصيبت ۽ خواريءَ جي ڪري، جيڪو ڏک اوهين مقرر عيدن تي محسوس ٿا ڪريو تنهن کي آءٌ اوهان مان مِٽائي ڇڏيندس.

19 ڏسو، انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس، جن اوهان کي آزاريو آهي. جيڪي منڊڪائيندڙ رڍ جيان لاچار آهن، تن کي آءٌ ڇڏائيندس، ۽ جيڪي رڍن وانگر ڪڻو ڪڻو ڪيا ويا آهن، تن کي آءٌ وري گڏ ڪندس. هر انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو خوار خراب ڪيا ويا هئا، اتي آءٌ کين عزت وارو بڻائي سندن تعريف ڪرائيندس.

20 ڏسو، انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي غير قومن منجھان موٽائي پنهنجي پنهنجي گھر آڻيندس ۽ اوهان کي گڏ ڪندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر خوشحال ڪندس ۽ اوهين عزت ۽ تعريف جوڳا ٿي ويندا، بلڪ اوهين سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويندا. اهو سڀ ڪجھہ اوهان جي اکين اڳيان ٿيندو.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan