صفنياہ 1 - Muslim Sindhi Bible1 هي خداوند جو اهو فرمان آهي، جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ صفنياہ ولد ڪُوشي ولد جِدلياہ ولد امرياہ ولد حزقياہ تي نازل ٿيو. خداوند جو سزا ڏيڻ وارو ڏينهن 2 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ روءِزمين تان هر ڪا شيءِ نابود ڪري ڇڏيندس. 3 آءٌ ماڻهو توڙي جانور فنا ڪري ڇڏيندس، آءٌ پکي فنا ڪري ڇڏيندس ۽ سڀيئي مڇيون پڻ. آءٌ بڇڙن ماڻهن کي ڪيرائي ڍير ڪندس. هائو، آءٌ انسان کي روءِزمين تان فنا ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي. 4 آءٌ خداوند پنهنجو هٿ يروشلم جي رهاڪن خلاف، بلڪ سڄي يهوداہ وارن خلاف کڻندس. آءٌ هن هنڌان بعل جي باقيات کي فنا ڪري ڇڏيندس، بلڪ آءٌ انهن ڪاهنن جي نالن کي پڻ مِٽائي ڇڏيندس جيڪي بعل جي بتپرستي بہ ڪرائين ٿا. 5 آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي گھرن جي ڇتين تي آسماني ستارن ۽ سيارن کي سجدا ٿا ڪن، ۽ انهن کي بہ جيڪي مون خداوند کي سجدو تہ ڪن ٿا، ۽ منهنجي تابعداريءَ جي دعويٰ ڪن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ هو مولڪ ديوتا جو بہ قسم کڻن ٿا. 6 آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي مون خداوند کي پٺ ٿا ڏين. اُهي نہ تہ منهنجا طالبو آهن، ۽ نہ وري مون کان ڪا مدد ئي گھرن ٿا.“ 7 خداوند خدا جي آڏو ماٺ ڪري بيهہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا ڏيڻ وارو ڏينهن ويجھو آيو آهي. هن يهوداہ وارن کي هڪڙي قربانيءَ طور تيار ڪيو آهي. هو کين سندن دشمن جي اڳيان پيش ڪندو، جيڪي کين کائي چٽ ڪري ڇڏيندا. 8 خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ قربانيءَ واري ڏينهن تي آءٌ حاڪمن توڙي شهزادن بلڪ انهن سڀني کي سزا ڏيندس، جيڪي ٻين قومن جي ريتن رسمن تي هلن ٿا. 9 انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني بتپرستن کي سزا ڏيندس، جيڪي چانئٺ تي پير رکڻ کان لنوائين ٿا، ۽ انهن کي بہ جيڪي خون خرابو ۽ ٺڳيون ڪري شاهي محل کي دولت سان ڀرين ٿا.“ 10 خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن يروشلم جي مڇيءَ واري دروازي وٽان هڪ وڏي رڙ اٿندي، تہ نئين آباديءَ واري علائقي مان ماتم جو آواز، ۽ ٽڪرين مان هڪ وڏي تباهيءَ وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. 11 اي يروشلم جي هيٺاهين جا رهڻ وارؤ! واءِويلا مچايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا سڀ سوداگر ۽ واپاري وڍجي ويندا. 12 ان وقت آءٌ بتي کڻي يروشلم ۾ تلاشي وٺندس، ۽ انهن کي سزا ڏيندس، جيڪي دولت سبب بيفڪرا ٿي دل ۾ چون ٿا تہ ’خداوند وٽان نہ چڱائي ٿيندي ۽ نہ مندائي.‘ 13 پر انهن جي دولت لٽجي ويندي، ۽ سندن گھر ويران ڪيا ويندا. هائو، هو گھر تہ ٺهرائين ٿا پر انهن منجھہ رهندا ڪونہ. اهي انگورن جا باغ تہ لڳائين ٿا، پر انهن جو رس پيئندا ڪونہ.“ 14 خداوند جو عدالت وارو ڏينهن ويجھو اچي ويو آهي، ويجھو هائو، تمام ويجھو، بلڪ اهو اچي پهتو آهي. ڪن ڏيئي ٻڌو! خداوند جي ڏينهن وارو شور. هائو، هڪ بهادر ماڻهو بہ زاروزار روئندو. 15 اهو ڏينهن غضب جو ڏينهن هوندو، اهو ڏينهن مصيبت ۽ ڏک جو ڏينهن هوندو، اهو ڏينهن برباديءَ ۽ تباهيءَ جو ڏينهن هوندو، اهو ڏينهن اونداهيءَ ۽ انڌاريءَ جو ڏينهن هوندو، اهو ڏينهن ڪڪرن ۽ گھُگھُہ اونداهيءَ جو ڏينهن هوندو، 16 اهو ڏينهن قلعي وارن ۽ اوچن مورچن وارن شهرن جي خلاف جنگ جي نفيلن ۽ نعرن جو ڏينهن هوندو. 17 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بني آدم تي ايتري مصيبت آڻيندس، جو هو انڌن وانگر ٿيڙ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. هنن جو رت پاڻيءَ وانگر وهايو ويندو، ۽ سندن لاش زمين تي ڳرندا ۽ سڙندا رهندا. 18 مون خداوند جي غضب واري ڏينهن هنن جو سون ۽ چاندي بہ کين بچائي نہ سگھندو. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. آءٌ ڌرتيءَ جي هر رهاڪوءَ جو اوچتو ئي خاتمو آڻي ڇڏيندس.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society