ذڪرياہ 8 - Muslim Sindhi Bibleيروشلم کي برڪت ڏيڻ جو واعدو 1 قادرمطلق خداوند مون زڪرياہ کي وري فرمايو تہ 2 ”مون کي يروشلم لاءِ ڏاڍي غيرت آهي. انهيءَ غيرت جي ڪري آءٌ سندس دشمنن تي سخت ڪاوڙيل آهيان. 3 سو آءٌ يروشلم ۾ موٽي ايندس ۽ پنهنجي جبل صيئون تي اچي رهندس. پوءِ يروشلم وفادارن جو شهر سڏبو ۽ مون قادرمطلق خداوند جو جبل صيئون، پاڪ جبل سڏبو. 4 تڏهن يروشلم ۾ امن وَ سلامتي هوندي ۽ شهر جي هر گھٽيءَ ۾ جھُور پوڙها مرد ۽ عورتون پنهنجي ٻڍاپي جي ڪري پنهنجي لٺ تي ٽيڪ ڏيو گھمندا ڦرندا ۽ ويٺا ڏسڻ ۾ ايندا 5 ۽ شهر جا رستا راند ڪندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀريل هوندا. 6 ٿي سگھي ٿو تہ اها ڳالهہ قوم جي باقي بچيلن کي انهن ڏينهن ۾ عجيب لڳي، پر ڇا اها مون خداوند لاءِ عجيب هوندي؟ 7 آءٌ پنهنجي قوم کي اوڀر توڙي اولهہ جي ملڪن کان ڇڏائي آڻيندس. 8 آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس تہ جيئن هو وري يروشلم ۾ رهن. اهي منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ وفا ۽ سچائيءَ سان سندن خدا هوندس.“ 9 قادرمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو. هن وقت اوهين اهو ساڳيو ئي فرمان ٻڌو ٿا، جيڪو نبين انهن ڏينهن ۾ ٻڌايو هو جڏهن نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ منهنجي هيڪل جو بنياد وڌو ٿي ويو. 10 انهن ڏينهن کان اڳ ڪنهن وٽ ايترو پئسو نہ هوندو هو جو ڪو مزدور کي ڪم تي رکي سگھي يا وري ڪنهن جانور لاءِ ڪرايو ادا ڪري سگھي، نہ ئي وري ان وقت ڪو دشمنن کان سلامت رهي ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پاڻ هر ڪنهن کي هڪٻئي جي خلاف ڪري ڇڏيو هو. 11 پر هاڻي اوهين جيڪي باقي بچيل آهيو، تن سان آءٌ اهڙو سلوڪ نہ ڪندس، جهڙو اڳين ڏينهن ۾ ڪيو هئم. اهو مون قادرمطلق خداوند جو فرمان آهي. 12 اڳتي امن وَ سلامتيءَ سان پوک ڪئي ويندي، انگورن جون وليون پنهنجو ڦر جھلينديون، زمينن ۾ فصل ٿيندا ۽ آسمان مان برسات پوندي. آءٌ اوهان باقي بچيلن کي اهي سڀ شيون ورثي طور عطا ڪندس. 13 اي يهوداہ توڙي اسرائيل وارؤ! جهڙيءَ طرح اوهين ٻين قومن جي نظر ۾ لعنتي بڻيا آهيو، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ اوهان کي اهڙي خوشحالي عطا ڪندس جو اوهين برڪت جو باعث بڻبا. سو اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو. 14 اوهان جي ابن ڏاڏن جڏهن مون کي ڪاوڙايو هو، تڏهن مون مٿن مصيبت آڻڻ جو خيال ڪيو هو ۽ جهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي انهيءَ ارادي تي قائم رهيو هئس، 15 تهڙيءَ طرح ئي مون قادرمطلق خداوند هاڻي پڪو ارادو ڪيو آهي تہ اوهان سڀني يهوداہ وارن سان ڀلائي ڪريان. سو اوهين همت نہ هاريو. 16 هاڻي اوهان کي رڳو اهو ڪرڻو آهي جو هڪٻئي سان سچ ڳالهايو ۽ پنهنجين عدالتن ۾ حق ۽ سچ وارا فيصلا ڪريو تہ جيئن امن وَ سلامتي قائم رهي. 17 ڪوبہ پنهنجيءَ دل ۾ هڪٻئي لاءِ برا منصوبا نہ جوڙي، نہ وري ڪو ڪوڙو قسم ئي کڻي، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند کي انهن سڀني ڳالهين کان نفرت آهي.“ روزي رکڻ بابت خداوند جو جواب 18 قادرمطلق خداوند اوهان لاءِ مون کي هي پيغام ڏنو تہ 19 ”چوٿين، پنجين، ستين توڙي ڏهين مهيني ۾ روزن رکڻ جي بدران هاڻي انهن ڏينهن تي اوهين يهوداہ وارا خوشي، مسرت ۽ شادمانيءَ جون عيدون ملهائيندا رهو. اوهين رڳو سچ ۽ امن سان محبت ڪندڙ ٿيو.“ 20 قادرمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن هر قوم توڙي هر شهر جا رهاڪو يروشلم ۾ پيا ايندا. 21 هائو، هڪڙي شهر جا رهاڪو چاهہ وچان ٻئي شهر جي ماڻهن کي وڃي چوندا تہ ’هلو تہ اسين يروشلم هلي قادرِمطلق خداوند جي عبادت ڪريون ۽ کانئس دعا گھرون. هلو، اسين بہ هلون ٿا.‘ 22 بيشڪ گھڻيون ئي قومون ۽ زبردست حڪومتون مون قادرمطلق خداوند جي عبادت لاءِ يروشلم ۾ اينديون ۽ مون کان دعا گھرنديون. 23 انهن ڏينهن ۾ مختلف قومن توڙي ٻولين وارا ڏهہ ماڻهو اچي هڪڙي يهوداہ واري جو دامن پڪڙي کيس چوندا تہ ’اسين تو ساڻ آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻڌو آهي تہ خدا تو سان گڏ آهي.‘“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society